Home / پروفائيل / !ستار ايڌيءَ جي ڪهاڻي سندس زباني
above article banner

!ستار ايڌيءَ جي ڪهاڻي سندس زباني

اها هڪ انوکي شروعات هئي، ڏينهن جي ابتدا ٽيليفون جي هنگامي گهنٽين سان ٿي پر هاڻي… هيليڪاپٽر جي پرن جي گوڙ هر آواز کي دٻائي ڇڏيو آهي. مونکي پنهنجي جسم ۾ عجيب بي چيني محسوس ٿي رهي هئي، مون پنهنجو حفاظتي سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيو ۽ هيليڪاپٽر جي اڏامڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس.

سال 1992ع ۽ جولاءِ جي 9 تاريخ صبح جو ٽي بجي راولپنڊي کان هلندڙ هڪ مسافر ريل گهوٽڪي ريلوي اسٽيشن تي جڙانوالا کان ايندڙ هڪ مال بردار ٽرين سان ٽڪرائجي وئي. لڳ ڀڳ هڪ سو ماڻهن جي مرڻ ۽ زخمي ٿيڻ جي خبر پهچي چڪي هئي. ايڌي هيڊڪوارٽر جو عملو ننڊ مان جاڳي چرپر ۾ اچي چڪو هو_ ڏکويلن جي يلغار جي باوجود پنهنجا حواس قائم رکڻ منهنجي عادت آهي. ان ڪري ڪنهن به ڏک يا مصيبت طرف پاڻکي ڌڪڻ ۾ مونکي ڪا گهڻي ڪوشش ناهي ڪرڻي پوندي. آءُ اهڙي ريت ڪم ڪندو آهيان جيئن هڪ مڙدو انساني درد کي وڌيڪ سمجهي وري زنده ٿيو هجي.ان وقت نه مونکي سردي جو احساس ٿيندو آهي نه وري گرميءَ جو، نه خوف نه وري ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي آهي. پر اڄ صبح ايئن نه هو، ڪا ڳالهه مونکي پريشان ڪري رهي هئي،

جيڪا قيامت برپا هئي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ هر شخص ميٺا در ۾ چوڪس بيٺو هو. منهنجي تيار ٿيڻ کان اڳ نرسون، ڊاڪٽر، دوائون، ايمبولينسون، تابوت ۽ ٻيو سامان گهوٽڪي روانو ڪيو ويو هو.

مولانا عبدالستار ايڌي کي ڪير نه سڃاڻي؟نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ خدمت خلق جي ڪمن جي حوالي سان سندس نالو عزت لائق آهي. هن نادارن ۽ غريبن جي امداد کانسواءِ مريضن لاءِ ايمبولينس سروس پڻ شروع ڪئي آهي. هو نه رڳو بک کان بي حال ماڻهن لاءِ لنگر جو اهتمام ڪري ٿو بلڪه ذهني معذورن ۽ لاوارث ٻارن لاءِ مرڪز پڻ قائم ڪيا اَٿائين. اهي سڀ ڪم ڪرڻ لاءِ ستار ايڌي پنڻ کي به عيب نه ٿو سمجهي. مون ڪجهه ڏهاڙا پهرين کيس ان ڊگهي جدوجهد جي ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ گذارش ڪئي، جيڪا هن قبول ڪئي. هتي ستار ايڌي جي ڪهاڻي سندس زباني ڏني پئي وڃي.

“هڪ ڪلاڪ جو ڊگهو هوائي سفر هڪ اڻکٽ سفر لڳي رهيو هو،،…منتشر خيالن جي يلغار… ڄڻ وقت پڻ هڪ هنڌ بيهي ويو هجي، ۽ هيليڪاپٽر ۾ اڳ کان موجود خاموشي اڃا به وڌي وئي. اسان سکر مٿان اڏامي رهيا هئاسين مان هيٺ اسپاٽ ۽ بنجر زمين ڏسي رهيو هئس ۽ ايندڙ لمحن بابت سوچي رهيو هئس.

اوچتو پائلٽ کي وائرليس تي هڪ پيغام مليو، جيڪو آءُ نه ٻڌي سگهيس، پائلٽ وڏي آواز ۾ پڇيو “مولانا ڇا توهان جو ڏوهٽو اسپتال ۾ داخل آهي…؟ مان سڄو ڪنبي ويس. مون سندس ڏانهن مڙندي پڇيو “ڇو؟” هن نهايت ڏکويل لهجي ۾ چيو مولانا اهو گذاري ويو آهي”.

هيليڪاپٽر ۾ موجود ماڻهن سان گڏ مون پنهنجي ڏوهٽي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي ۽ اسان سڀني وڏي آواز ۾ اِنا لله وانا اليھ راجعون” چيو. هاڻي گهڻي دير ٿي چڪي آهي، اسان کي کوڙ سارو ڪم ڪرڻو آهي بلقيس کي چئي ڇڏيو ته هو سندس دفن ڪفن جو انتظام ڪري ۽ منهنجو انتظار نه ڪري”

منهنجي ڏوهٽي جي موت جي خبر مونکي ايترو ته ڏک پهچايو جو آءُ پاڻ حيران ٿي ويس. مون زندگيءَ ۾ تمام وڏا حادثا ڏٺا آهن پر ڪڏهن به پاڻ کي اندران اهڙو خالي نه ڏٺم.

آءُ گذريل اڌ صديءَ کان ڏينهن رات پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهيان. هر گذرندڙ پل مونکي مايوس ۽ زندگي جي نعمتن کان محروم هيٺئين طبقي جي ويجهو ڪيو. منهنجو ڪم منهنجي زندگيءَ تي حاوي ٿي چڪو هو. بلال منهنجو ڏوهٽو هڪ اهڙي وقت ۾ آيو جڏهن منهنجي زندگي هڪ ڊگر تي هلي پئي هئي. منهنجي گهرواري تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته هو ڪم ڪار مان ڪجهه وقت ڪڍي ٻارن کي ڏئي ليڪن سندس ممتا جي تسڪين لاءِ اهو وقت به ناڪافي هو ۽ اسان جا پنهنجا ٻار به پنهنجي نانيءَ جي شفقت هيٺ وڏا ٿيا.

اسان جي 22 ساله نياڻي ڪبريٰ پنهنجي وَر کان علحدگي کانپوءِ گهر آئي ته سندس ٻيو پٽ بلال پئدا ٿيو. ايئن لڳندو هو ڄڻ هو اسان لاءِ ئي آيو هجي. هن منهنجي شخصيت جو اهو پاسو ڳولي ورتو جيڪو شايد آءُ پاڻ به وڃائي چڪو هئس.

اها عيد جي صبح هئي آءُ پنهنجي آفيس ۾ هئس تڏهن مون ٻڌو ته ڪبريٰ انتهائي گهٻراهٽ ۾ ايمبولينس گهرائي، اسپتال وڃڻ بدران هوءَ سڌي ميٺادر آئي. ڪبريٰ، بلال جي سڙي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو ذڪر ڪندي بدحواس هئي. بلال جي حالت اهڙي هئي جو بوکلاهٽ کانپوءِ ٻيو ڪو چارو نه هو. هو تمام گهڻو سڙي چڪو هو. کيس ٻئي ڪنهن نه پر هڪ پريشان حال جوان عورت نرمل وهنجاريندي ساڙيو هو، جنهن کي اسان ايڌي هوم ۾ بحالي جي نقطئه نظر کان ڪم لاءِ رکيو هو. ليڪن ان عورت ايڏو پاپ ڪيو باوجود ان جي مون کيس ذهني مريض سمجهي ايڌي جي بفر زون سينٽر ۾ علاج جي نيت سان موڪلي ڇڏيو.

“مون زندگي ۾ جيترا به ڪم ڪيا آهن انهن ۾ سڀني کان ڏکيو ڪم ذهني مريضن جي سار سنڀال هئي. عقل ۽ شعور کان عاري ماڻهو صفائي کان پري ڀڄندا هئا. انهن مريضن ٽوائلٽ جو استعمال به ڇڏي ڏنو هو ۽ معذور عورتن پنهنجي ماهواري دوران ضروري حفاظتي انتظام به ترڪ ڪري ڇڏيا هئا. اهڙي صورتحال ۾ صفائي جو طبي معيار برقرار رکڻ به مشڪل هوندو آهي ته بيمارين تي ڪنٽرول ڪرڻ به ڏکيو. باوجود ان جي اهو فرض نڀائيندو اچان.

اڳ ۾ آءُ هڪ ئي وقت ڇت تي وڃي چاليهه پنجاهه ٻارڙن کي وهنجاري ايندو هئس. هاڻي هر جمعي تي فجر جي نماز کانپوءِ ايڌي وليج پهچي ويندو آهيان جتي ٻارڙا مولانا اَبو ، مولانا اَبو ڪري سڏيندا آهن. تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي ته اهي معصوم بيمار ۽ معذور ٻار دنيا جي هر شيءِ کان بيگانا آهن پر منهنجي نالي جي خبر اَٿن. هر ٻار پيار ڏيندو آهي ۽ موٽ ۾ پيار جو خواهشمند آهي. سندن وهندڙ نڪ، ميراڻ توڙي خطرناڪ حرڪتون اسان کي ڪڏهن به هڪٻئي کان جدا نه ڪري سگهيون آهن.

سڪل ماني

منهنجي والدين جو تعلق هارپو ڪندڙ ڪٽنب سان هو جيڪي درياهه جي ڪناري آباد مختلف قبيلن سان ننڍين ننڍين ڳالهين تي به پيا وڙهندا هئا. ٽي سو ورهيه اڳ ٺٽي ۾ هڪ مذهبي پيشوا اسانجي وڏڙن کي مسلمان ڪري سندن نالو “مومن” رکيو هو، جنهن جو مطلب پڪو عقيدو رکندڙ ياحب ايمان آهي. اڳتي هلي اهو نالو بگڙي “ميمڻ” ٿي ويو.

ميمڻ سنڌ ۾ هالا کان هليا ۽ هڪ روايت موجب ريگستان ٿر ۽ ٻي روايت موجب رڻ آف ڪڇ جي رستي سفر ڪندا گجرات ڪاٺياواڙ (ڀارت) ۾ اچي آباد ٿيا. اهي جتي به رهيا اهو هنڌ سندن سڃاڻپ بڻجي ويو، جيئن دراول، ڌوراجي ۽ ڪتيانه ميمڻ، جيئن ته اسان جو منڍ کان ئي تعلق بانٽوا سان هو ان ڪري اسان “بانٽوا ميمڻ” سڏجڻ لڳاسين. نسلي اعتبار کان اسان جو تعلق ايڌي ڪٽنب سان هو. گهڻا سال اڳ ايڌي محلي جي نالي سان هڪ ڳوٺ به آباد هو، جيڪو وقت گذرڻ سان گڏ ختم ٿي ويو. گجراتي ٻوليءِ ۾ ايڌيءَ جي معنيٰ آهي سست ۽ ڪاهل، ليڪن عملي طرح ايڌي قبيلي جا ماڻهو محنتي، چست ۽ انسان دوست آهن.

منهنجي ڏاڏي حاجي رحمت الله کي ضرورت کان وڌيڪ ڏوڪڙ ڪمائڻ جو شوق نه هو. هو نهايت قناعت پسند هو ۽ برادري ۾ ڪو ڦڏو فساد ٿيندو هو ته صلح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو هو. منهنجو والد عبدالشڪور ايڌي به ڏاڏي جهڙي طبيعت رکندڙ هو. هو بمبئي ۾ اباڻو ڌنڌو ڪميشن ايجنٽ طور ڪندو رهيو.

ڳجرات ڪاٺياواڙ ۾ جهونا گڙهه ويجهو بانٽوا نالي هڪ ڳوٺ هو، جتي گهر وڏا ۽ ڳليون ڪشاديون هيون. اسان ”ڌوٻي واڙي” نالي علائقي ۾ رهندا هئاسين، جتي گهڻو ڪري ڌوٻي رهندا هئا. جتي منهنجي والد وٽ پنهنجو ذاتي گهر به هو. حقيقت اها آهي ته عام تعليم سان ڪنهن دلچسپي کانسواءِ آءُ بانٽوا جي سوڙهين ۽ اونداهين گهٽين ۾ ننڍيون ننڍيون شرارتون ڪندي جوان ٿيس، مونکي مدرسي ۾ به داخل ڪرايو ويو پر مونکي ان سان به ڪا دلچسپي نه هئي. اسان ٻار ديوارن ۾ پٿر هڻندا هئاسين ته فروٽ به چورائيندا هئاسين.

اسان جي گهر جي ويجهو هڪ امير ڪاروباري شخص ڊسپينسري کولي هئي. آءُ جڏهن به اتان لنگهندو هئس ته ڊسپينسري جي ويجهو رهندڙ بزرگ عورتون مونکي ڏسي پيار مان آواز ڏينديون هيو ته “او ستاريا! ڪجهه اسان جو ڪم به ڪر، نيڪي جي هن ڪم ۾ اسان جو حصو به وجهه. کاڌ خوراڪ جون شيون غريبن ۾ ورهاءِ.” آءُ اهو ڪم جلدي ۾ ڪري وٺندو هئس ۽ موٽ ۾ انهن بزرگ عورتن جو پيار ۽ دعائون ملنديون هيون.

يارهن ورهين جي عمر ۾ هڪ ڪپڙي جي واپاري حاجي عبدالله جي دڪان تي مون کي نوڪري ملي وئي. حاجي صاحب مونکي 5 روپيه ماهوار پگهار ڏيندو هو، جنهن مان 4 روپيه امان کي ڏيندو هئس باقي هڪ روپيو الماڙي مٿان رکيل ڀانڊاري ۾ جمع ڪندو هئس. اڳتي هلي سيٺ منهنجي ايمانداري ۽ محنت جي ڪري اُجرت وڌائي. ايئن منهنجي ماهوار بچت ۾ واڌارو آيو. مونکي پنهنجي شروعاتي زندگيءَ کان ئي فضول خرچي کان نفرت هئي.

اها ننڍڙي ملازمت اَمڙ ڇڏرائي ڇڏي، ان کانپوءِ ڳلين ۽ محلي ۾ ماچيس ۽ پئنسلون کپائيندو هئس… بچت ڀانڊاري ۾ وجهي ڇڏيندو هئس، شايد غريبن لاءِ اسپتال ٺهي پوي يا ڪا فيڪٽري جنهن ۾ غريبن کي هنرمند بڻائي سگهجي، يا وري معذورن لاءِ هڪ الڳ شهر.

هاڻي آءُ چوڏهن ورهين جو ٿي ويو هئس… هڪ ڏينهن مون پنهنجي دل هڪ ڇوڪريءَ لاءِ ڌڙڪندي محسوس ڪئي. هوءَ شرميلي هئي پر ايتري خبر هئس ته هن لاءِ منهنجي دل ۾ پيار موجود آهي. هوءَ اسان جي گهر جي مٿئين ڪمري ۾ رهندي هئي. صبح جو ساجهر جڏهن هوءَ هيٺ پاڻي ڀرڻ لاءِ لهندي هئي ته آءُ وضو ڪري رهيو هوندو هئس. هوءَ پاڻي ڀرڻ کانپوءِ ڏاڪڻ چڙهي مٿي هلي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن وري ترڇي نظرن سان ڏسي مسڪرائيندي به هئي… ڪڏهن ڪڏهن آءَ سندس واپسي جو انتطار ڪندو هئس ليڪن ڏاڪڻن ۾ گم ٿيل اهو چنڊ ڪڏهن به نه اڀرندو هو. ليڪن منهنجون اهي عشقيه سرگرميون تڏهن ٿڌيون ٿي ويون جڏهن مونکي خبر پئي ته سندس مڱڻو ٿي ويو آهي.

6 سيپٽمبر 1947ع جي ڏينهن اسان ان ريل گاڏي جا منتظر هئاسين جنهن کي اسانکي “اوڇ پورٽ” جي مهاجر ڪئمپ پهچائڻو هو. منهنجو ڀيڻويو ڀارت جي شهر بنگلور ۾ رهجي ويو هو ۽ ڀيڻ زبيده اسان سان گڏ پاڪستان اچڻ لاءِ نڪري چڪي هئي. ڀارتي حڪومت کي جڏهن ايڏي وڏي ڪاروباري گروپ جي ڀارت ڇڏڻ جي خبر پئي تڏهن انڊين اسسٽنٽ ڪمشنر جي ڊيوٽي لڳائي وئي ته هو اسانکي پاڪستان وڃڻ جي امڪاني نتيجن کان ڊيڄاري ڀارت ۾ ئي رهڻ تي راضي ڪري ليڪن منهنجو والد صاحب پنهنجن اصولن تي بيٺو رهيو. هن هر ماڻهو کي پاڪستان ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکڻ جو مشورو ڏنو.

ميمڻ برادري جا لڳ ڀڳ چار هزار ماڻهو اوڇ وڃڻ لاءِ مسافر ريل تي سوار ٿيا. اسان پنجن ڏينهن تائين سڪل ماني کائي گذارو ڪيو. ڪراچي بندرگاهه تي پهتاسين ته مڇيءَ جي ڌپ ڪري اسان جو ساهه گهٽجڻ لڳو.اسان ايندڙ وقت جي بي يقيني سبب ڊپ ۾ ورتل هئاسين. جيتوڻيڪ اسان پنهنجي نئين وطن ۾ پهچي چڪا هئاسين ليڪن مونکي ان ڳالهه جو افسوس هو ته بانٽوا ۾ مون گهر جي الماڙي مٿان گڏ ڪيل ڏوڪڙن مان ڪنهن ڪمپني جا جيڪي شيئرز خريد ڪيا هئا، اهي اتي رهجي ويا هئا.

پاڪستان ۾ اچي وڃڻ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ منهنجي والد جوڙيا بازار سان گڏ ڇٻا ڳلي ۾ هڪ ننڍو ڪمرو ڪرائي تي ورتو نئين رهائش شهر جي عدالت جي ويجهو هئي، جنهن جي ويجهو وري بدنام زمانه نيپيئر روڊ هو.

منهنجي ٻاروتڻ جو خواب تڏهن ساڀيان ٿيو جڏهن والد صاحب مونکي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏوڪڙ ڏنا. منهنجا پراڻا دوست مونکي ٻَڌي مارڪيٽ مان ماچيس، پينسلون ۽ ٽوال وٺندي ڏسندا هئا ته کلندا هئا. پر مان خوشيءَ اسا اهو سامان وڪڻندو هئس. ايئن مونکي شيون کپائڻ جو تجربو ٿي ويو.

ڪجهه عرصي کانپوءِ بچت مان مون پان جو کوکو ڪرائي تي ورتو. پان جا پن خريد ڪرڻ لاءِ مونکي روزانو سبزي منڊي وڃڻو پوندو هو. ليڪن ڊگهي انتظار کانپوءِ گهٽ ڪوالٽي وارا پن به مشڪل سان ملي سگهندا هئا. ان ڪم ۾ به مون ڪافي مهارت حاصل ڪري ورتي ان ڪري ڪا گهڻي تڪليف نه ٿيندي هئي.

1948ع ۾ هڪ اشتهار وسيلي مونکي خبر پئي ته ميٺادر ۾ هڪ فلاحي تنظيم جو بنياد وڌو ويو آهي. بانٽوا بزرگ ڪميٽي جا ميمبر هئا. تنظيم جو نالو “بانٽوا ميمڻ ڊسپنسري” رکيو ويو هو. مون پاڻ کي رضاڪارانه خدمت لاءِ پيش ڪري ڇڏيو. اهي اٺ ميمبر جيڪي ڪارڪنن جي تلاش ۾ هئا، آءُ سڀني کان ننڍو هئس. سينئر ميمبرن کي رڳو ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻو پوندو هو.

مونکي اها ڳالهه شروع کان ئي پسند نه هئي ته ڊسپنسري رڳو برادري جي فلاح تائين محدود هجي بلڪه ان مان سڀني ضرورتمند غريب ۽ نادار ماڻهن کي فائدو پهچڻ گهرجي. مون اتي ان حوالي سان اڳتي هلي ڳالهه رکي ۽ خود نمائي کي به ننديو جنهن تي سڀ مون تي مڇرجي پيا ۽ مون کي گارين سان گڏ مار به ڪڍي وئي. ان بعد مون 1951ع ۾ جمع پونجي ٻه هزار ٽي سو روپين مان ميٺادر جي علائقي ۾ پڳڙي تي دڪان ورتو ۽ اتي پنهنجي الڳ ڊسپينسري قائم ڪئي. تنظيم جو نالو “ميمڻ والسر ڪور” رکيو ۽ ان سان گڏ هڪ دٻو به رکي ڇڏيو ته جيئن ايندڙ ويندڙ ماڻهو ان ۾ ريزگاري وجهن. ايئن ڊسپنسري جو ڪار وهنوار هلي پيو. ميمڻ نوجوان رضاڪار جذبي تحت شامل ٿيندا ويا.

والد جي بيماري دوران مونکي هڪ ٻيو تلخ تجربو ٿيو. بيمارن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ کڻي وڃڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست نه هو. والد کي اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ ايمبولينس جو بندوبست ڪرڻو پيو، خبر پئي ته سڄي ڪراچي ۾ هڪ ئي گاڏي آهي جيڪا “ريڊ ڪراس” جي ملڪيت آهي ۽ اها حاصل ڪرڻ سولي ناهي. ڪيترا ڀيرا والد کي رڪشا تي وٺي ويس. ايئن پوءِ ڊسپنسري جي وين شروع ڪئيسين جيڪا “غريب وين” جي نالي سان شهر شهر غريب ۽ نادار مريضن کي پهچائيندي هئي. ان بعد ۾ لاشن ڍوئڻ جو ڪم به شروع ڪيو.

1962ع ۾ مون بنيادي جمهوريت جي چونڊ ۾ حصو ورتو. سيٺين جي مخالفت باوجود 29 سالن جي عمر ۾ سيٽ کٽي آيس ڀانيان ٿو ٿه سياست منهنجي غلطي هئي. فلاح وارو ڪم مون لاءِ بهتر رهيو. اڳتي هلي ان ڊسپنسري جو نالو ايڌي ڊسپنسري رکيو ويو، ايئن ان هڪ نئين دنيا جا دروازا کوليا.

هڪ غريب شخص جي ننڍڙي ويگن هاڻي سڄي ملڪ ۾ 500 ايمبولينس سروس سان روان دوان آهي. ايڌي ايمبولينس جي هر هنڌ موجودگي 12 ڪروڙ عوام لاءِ هڪ پيغام بڻي ته اها هر حالت ۾ انهن لاءِ تيار آهي.

پي آءِ اي کي تابوت کڻڻ ۾ مشڪلات کي منهن ڏيڻو پوندو هو. هڪ پوليس اهلڪار جي ميت جهاز تي فيصل آباد کڻي وڃڻي هئي تڏهن مونکي هيليڪاپٽر سروس جو خيال آيو. امڪاني رپورٽ تيار ڪئي وئي ۽ ماهر ٽيڪنيڪل اسٽاف مقرر ڪيو ويو. آخرڪار هڪ پالپر ايئر ڪرافٽ خريد ڪيو ويو. 1988ع ۾ پاڪستان ۾ موجود آمريڪي سفير يو ايس ايڊ طرفان هڪ هيليڪاپٽر عطئي طور ڏنو. اهو عطيو ان ڪري قبول ڪيو ويو جو غير مشروط هو.

ڪراچي کان ستر ڪلو ميٽر پري شاهراهه اعظم تي موجود ”ايڌي وليج” جي ڀت سامهون بورڊ تي اهو لکرائڻ جو سوچيو ته هي جڳهه اسان جي آخري آرامگاهه هوندي. بلقيس به ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته چُپ چاپ ڪنهن هنڌ تي دفن ٿي وينداسين ڪنهن رستي تي، جتي تيز رفتاري جي ڪري حادثا روز جو معمول آهن. شايد رستي جي ڪناري اسان جون قبرون ڏسي ڊرائيور اسان جو پيغام ياد ڪري وٺن ۽ پنهنجي گاڏين جي رفتار گهٽ رکن. ڪاش اسان جون سرراهه قبرون ڪجهه انساني زندگيون بچائڻ جو وسيلو بڻجي وڃن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو