Home / افيئر / !سنڌين کانسواءِ سڀني سان مفاهمت
above article banner

!سنڌين کانسواءِ سڀني سان مفاهمت

18 فيبروري 2008ع تي وجود ۾ آيل پيپلز پارٽي حڪومت جيڪا پنجاب کان سواءِ هن مهل باقي ٻين صوبن ۾ اقتدار ۾ شامل آهي. اليڪشن نتيجن کانپوءِ ملڪ ۾ مفاهمت واري سياست جو نعرو متعارف ڪرايو، اها مفاهمت گذريل ساڍا ٽن سالن کانپوءِ ملڪ ۾ رهندڙ هر مخلوق چاهي ان ۾ عوام جي خزاني تي اربين روپين جا ڌاڙا هڻندڙ هجن يا عام خلق جا ڳلا ڪپيندڙ ۽ انهن جي جسمن ۾ ڊرل مشين سان سوراخ ڪندڙ هجن، سان جاري آهي صرف اها مفاهمت ناهي ته انهن سان جن پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت کي اقتدار جي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو.

ڏوڪڙ ڪمائڻ جي هڪ نقاطي ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ اها مخلوق رڳو پنهنجي ووٽرن ۽ پنهنجي بنياد سنڌي ماڻهن سان ڪابه مفاهمت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

 

مشرف جي نوَ ساله دور ۾ سنڌي عوام جي حقن تي ڌاڙا لڳڻ جي غم ۾ واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙهيندڙ، پيپلز پارٽي جي سنڌ جي قيادت جا سرڪرده وزير ۽ مشير سنڌي عوام جي حقن جي ڳالهه ته ٺهيو پر انهن سان ملڻ لاءِ به تيار نه آهن.

گذريل حڪومتي دور ۾ سنڌي ماڻهن جو ڪيس ۽ سنڌ سان ٿيل زيادتين خلاف سنڌ اسيمبليءَ جي فورم تي سڀ کان وڌيڪ آواز اٿاريندڙ سنڌ پيپلز پارٽيءُ جا مک اڳواڻ قائم علي شاهه، نثار کهڙو، پير مظهر الحق، سيد مراد علي شاهه، ڄام سيف الله ڌاريجو، شرجيل ميمڻ وغيره وازارتن جا عهدا ماڻڻ کانپوءِ عام سنڌي ماڻهو ‎ته ٺهيو پر پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان به ملڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ سندن تڪ خوشامدي ماڻهن جي حوالي ٿيل آهن. جيڪي پنهنجن علائقن ۾ ٿاڻي جي ٻڌي ڇوڙي، ٺيڪيداري ۽ نوڪريون وڪڻڻ جي مڪروهه ڪاروبار ۾ رڌل آهن.

سنڌ ۾ ٿيل ترقي!:توهان ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ۽ اولهه ۾ ڪارونجهر تائين هليا وڃو. توهان کي ڪراچي حيدرآباد شهري علائقن جنهن ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي رهي ٿي کي ڇڏي ڪري انهن علائقن جن مان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ چونڊيل آهن؛ جو حشر ڏسو توهان کي فرق صاف نظر ايندو. ڪراچيءَ جي پيپلز پارٽيءَ جي ڳڙهه لياري، چنيسر ڳوٺ، بلال ڪالوني، چڪرا ڳوٺ. ماروئڙا ڳوٺ، ملير جي ننڍن وڏن ڳوٺن، ڀٽائي آباد وغيره ڏسڻ کانپوءِ حيدرآباد جي سنڌي وسندي قاسم آباد جنهن ۾ هڪ سروي مطابق 60 کان مٿي وزير، مشير، ايم پي اي ۽ ايم اين ايز جا گهر آهن کي ڏسڻ کان پوءِ ڄامشورو، سيوهڻ، دادو، لاڙڪاڻو، ڳڙهي خدابخش کان وٺي سنڌ جو چپو چپو گهمي ڏسو توهان کي سنڌ جي ڪا هڪ يونين ڪائونسل، ڪو ڳوٺ، ڪو شهر، تعلقو يا ضلعو نظر نه ايندو جنهن کي صحت، صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي نيڪالي، تعليمي سهولتن ۽ روڊ رستن جي حوالي سان ماڊل ڳوٺ يا شهر سڏي سگهجي انهن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ توهان کي ڪروڙين اربين سان تعمير ٿيل اقتدار کان پهرين قرضين کان لڪندڙ پيپلز پارٽي جي پهرين ٻئين، ٽئين ۽ چوٿون نمبر قيادت ۽ ان جي حوالين موالين جا شاندار محل ۽ سنڌ جي ٽٽل ڦٽل رستن تي ڪروڙين روپين جي ماليت جون بليٽ پروف گاڏيون گهمندي نظر اينديون.

سنڌ ۾ امن امان:

پنهنجي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪ ۾ عام طرح، سنڌ ۾ خاص ڪري هر پارٽيءَ کي ڀلي ان جا هٿ عوام جي رت ۾ رنڱيل هجن کي شريڪ اقتدار ڪرڻ کانپوءِ به سرڪار سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ جاري رتوڇاڻ، ڀنگ لاءِ اغوا کان وٺي اسٽريٽ ڪرائيم جي ننڍن واقعن تي به ڪنٽرول نه آڻي سگهي آهي. ايم ڪيو ايم کي ته شايد صدر زرداري جي لفظن ۾ ڪراچي ۾ امن امان قائم رکڻ جي شرط تي اقتدار ۾ شامل ڪيو ويو پرسنڌ جي ٻهراڙين کان وٺي سنڌ جي شهرن تائين امن ڪنهن ديواني جو خواب ئي بڻيل رهيو. پيپلز پارٽي سرڪار جي نااهل طرز حڪمراني اڄ به ڪراچي سميت سنڌ جا شهر ۽ ٻهراڙين جا ڪچا ۽ پڪا رستا معصوم عوام جي ناحق وهايل خون سان ڀريل آهن. صرف ڪراچيءَ ۾ پ پ سرڪاري جي ساڍن ٽن سالن ۾ 3528 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ قتل ٿيندڙن جو انگ ان کان سواءِ آهي. سمجهه ۾ اها ڳالهه نه ايندڙ آهي ته پنهنجي خلاف سازشن جو راڳ الاپيندڙ پيپلز پارٽي کي ڪهڙين قوتن سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ امن قائم ڪرڻ کان روڪيو آهي.

سينٽ جي سيٽن تي غير سنڌين جي چونڊ:

وفاق جي علمبردار پيپلز پارٽيءَ جي قيادت پاڻ کي سنڌين جي قيمت تي وفاق جي پارٽي ثابت ڪرڻ لاءِ سنڌين جي ووٽن تي ملڪ جي اعليٰ چونڊيل اداري جنهن۾ ڪنهن حد تائين صوبن کي متناسب نمائندگي حاصل آهي ۾ غير سياسي سينيٽر چونڊرائڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. پ پ جي قيادت جي ان ڪارنامي جو نقصان سنڌ ايندڙ ڪيترن سالن تائين ڀريندي. هڪ لساني ڌر سان سنگت هلائيندڙ ۽ عالمي ايجنٽ رحمان ملڪ، فيصل رضا عابدي، پ پ قيادت لاءِ پنهنجي اسپتال ۾ سهولتون ۽ عياشيءَ جو سامان مهيا ڪندڙ ڊاڪٽر عاصم، ذوالفقار ڀٽي جي شهادت تي مٺايون ورهائيندڙ بابر اعواڻ يا ڏوڪڙن عيوض هر ماڻهوءَ جي وڪالت لاءِ تيار رهندڙ فاروق نائيڪ سنڌ جي حقن جو جيڪو آواز هن مهل تائين اٿاريو آهي اها سڀني سنڌ واسين کي خبر آهي. سينيٽ ۾ ته سمورن سنڌين ۽ غير سنڏي ۽ مفاهمتي سينيٽرن جي مجموعي ڪارڪردگيءَ کان ته جي يو آءِ (ف) جي اڪيلي سينيٽر مولانا خالد محمود سومري جي ڪاڪرگي سنڌ جي حوالي سان ڪيترا درجا بهتر آهي.

سنڌين جي ڪوٽا تي ڌاريا

سنڌ اسيمبلي جيڪا مشرف دور جي پاس ڪيل سنڌ دشمن قانون جهڙوڪ ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي پابندي، سنڌي ورڪرن جي ڪراچيءَ جي بورڊن جي سربراهي گورنر سنڌ حوالي ڪرڻ کانسواءِ ڪيترائي سنڌ دشمن قانون به سنڌ جي هن مقدس ايوان جنهن ۾ ڪڏهن جي ايم سيد، ميران شاهه جهڙين شخصيتن سنڌ جي حق ۾ قانون سازي ڪئي هئي پاس ڪرايا جن مان سرفهرست سنڌ ۾ ٺهندڙ وڏين عمارتن جي ڪنٽرولنگ اٿارٽي سنڌ جو وزير اعليٰ نه پر گورنر سنڌ هوندو، ملازمت مان برطرفي مشرف جي ڪاري قانون RSO2000 کي سنڌ ۾ ختم نه ڪرائڻ ۽ تازو ئي مفاهمتي دهشتگردن جي خوشنود ي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرايل ڪمشنري نظام جي خاتمي سميت ڪيترائي قانون شامل آهن. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي مشتمل نجي فورس جنهن کي مشرف دور ۾ ڪميونٽي پوليس/ سٽي وارڊن جو نالو ڏئي کيس پوليس جهڙيون موبائلون، وائر ليس سيٽ ڏئي ڪراچيءَ ۾ رياست اندر قائم ڪئي وئي هئي، جي غير قانوني کاتي کي اڃا تائين ختم نه ڪرڻ، ايم ڪيو ايم جي 1400 کان مٿي حلف يافته ڪارڪنن کي ڪراچي پوليس ۾ ڀرتي ڪرڻ. واضح رهي ته انهن ڪارڪنن تي قتل اقدام قتل ڪرڻ سميت سنگين ڏوهن جا ڪيس ڪراچيءَ جي مختلف ٿاڻن تي داخل آهن ۽ اهي روپوش هئڻ باجود هن مهل پوليس فورس جو حصو بڻيل آهن. پيپلز پارٽيءَ جي صوبائي وزير اختر جدون ته ماشاءِ الله پنهنجي کاتي ۾ افغانستان جي شهرين جن وٽ ڊگريون به افغانستان جي جعلي ميڊيڪل ڪاليجن جون آهن کي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ 18 گريڊ ۾ ميڊيڪل آفيسر به مقرر ڪيو آهي. جن جي مقرريءَ کي ڪجهه اميدوارن سنڌ هائيڪورٽ ۾ به چيلنج ڪيو آهي، جنهن جو ڪيس اڃا هلندڙ آهي. ملڪ جي وڪيلن جي اعليٰ فورم پاڪستان بار ڪائونسل ۾ پيپلز پارٽي جي مفاهمتي پاليسيءَ جي ڪري هن وقت سنڌ جي مقرر 6 سيٽن تي 5 غير سنڌي هڪ سنڌي چونڊجي سگهيو آهي. واضح رهي ته سنڌ بار ڪائونسل جيڪا پاڪستان بار ڪائونسل جاميمبر چونڊيندي آهي ۽ گهڻي ۾ گهڻا ووٽ پيپلز پارٽي جي سنڌي ڳالهائيندڙ وڪيلن جا آهن جن کان پارٽي پاليسي ۽ مٿان جي حڪم تحت غير سنڌي وڪيلن کي ووٽ ڏئي چونڊرايو ويو،

قاتلن ۽ سندن سرپرستن سان مفاهمت

2008ع جي اليڪشن کانپوءِ مفاهمت جي نالي ۾ شروع ڪيل سنڌ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ بڻيل سياست ۽ حڪمت عملي تحت ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پيءَ سان مفاهمت ڪئي وئي هئي. صدر آصف علي زرداي طرفان ايم ڪيو ايم جي مرڪز 90 وڃڻ ۽ نام نهاد شهداءَ جي قبرستان جي دوري کانپوءِ بدنام زمانه ڪاري قانون اين آر او تحت پيپلز پارٽي اڳواڻن پنهنجا ڪرپشن جا ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دهشتگردن جا 7000 کان وڌيڪ ڏوهاري سرگرمين جن ۾ قتل، اقدام قتل، زنا، ڦرلٽ، ساڙ ٻاڙ، انساني جسمن ۾ ڊرل مشين سان سوراخ ڪرڻ جهڙا سنگين ڪيس ختم ڪرايا. رڳو ايم ڪيو ايم قائد الطاف حسين تي 27 قتل ۽ ٻين ڏوهن جا ڪيس، فاروق ستار تي قتل ۽ ٻين ڏوهن جا 7 ڪيس، بابر غوري تي قتل ۽ ٻين ڏوهن جا 13 ڪيس ۽ اڄڪلهه صدر زرداريءَ جي اکين جي تاري سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد تي 22 قتل ۽ ٻين سنگين ڏوهن جا ڪيس ختم ڪيا ويا. 12 مئي جي واقعي جنهن ۾ موجوده وزير اعليٰ قائم علي شاهه، نويد قمر زمان، شيري رحمان، نثار کهڙو، سميت پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي ۽ صوبائي قيادت تي حملو ڪري 50 کان وڌيڪ معصوم ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو کي بند ڪيو ويو. 13 آڪٽوبر 2007 جنهن ڪارساز واري واقعي ۾ محترمه بي نظير ڀٽو تي قاتلاڻو حملو ڪري 250 کان مٿي پ پ ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو مڪمل طور وساريو ويو جڏهن ته 27 ڊسمبر 2007، راولپنڊي ۾ خطي جي عظيم ليڊر شهيد راڻي بي نظير ڀٽو جي شهادت واري ڪيس تي به پيپلز پارٽي قيادت جو رويو اڃا تائين مشڪوڪ آهي. جڏهن ته سنڌي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ڪيس کي ٻيهر کولڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري وري خاموشي اختيار ڪئي وئي. چوڌري اسلم ايس ايس پي سي آءِ ڊي جنهن جي دامن تي ڪيترن معصوم ماڻهن جي قتل جي الزام سان گڏ پورهيت رسول بخش بروهي قتل ڪيس به داخل هئو سان به مفاهمت ڪري رسول بخش بروهي قتل ڪيس تان سندس سپريم ڪورٽ مان هٿ کڻايو ويو. نه رڳو اهو پر کيس صدارتي تمغه امتياز سان پڻ نوازيو ويو سنڌ حڪومت پاران هٿ کڻي وڃڻ جي درخواست سنڌ جي پراسڪيوٽر جنرل شهادت اعواڻ داخل ڪئي. واضح رهي ته سنڌ جو پهريون پراسڪيوٽر جنرل رانا رانا شميم هو؟!

اڳوڻي آءِ جي سنڌ رانا مقبول صدر زرداري تشدد ڪيس جي مرڪزي جوابدار سان ته مفاهمت ڪئي وئي پر ان ئي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ٻن لائق سنڌي آفيسرن ان وقت جي ڊي آءِ جي فاروق امين قريشي ۽ ايس ايس پي ۽ ان وقت جي جيل سپرينڊنٽ ڪراچي سينٽرل جيل نجف مرزا کي اڃا بخش نه ڪيو ويو آهي.

سنڌ جو عوام منتظر آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي مفاهمت واري سياست مان سنڌ، سنڌي عوام ۽ پيپلز پارٽيءَ جو ووٽر ڪڏهن فيضياب ٿيندو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو