Home / ڪئپيٽل افيئر / !سنڌي مولا جٽ
above article banner

!سنڌي مولا جٽ

مهيني کن کان بجليءَ واري ميڊيا بلو باربر جو حمام بڻيل رهي آهي جنهن ۾ وڏا سياسي رانديگر پنهنجي مخالفن جي اڳڙي لاهي کين ڌوئي ڏيکاريندا رهيا. مرزا غالب جو شعر آهي ته: “آسمان ۾ جيڪي تارا آهن سي آهن الائجي ڇا ۽ نظر الائجي ڇا ٿا اچن!” هتي سياسي ستارا پڌرا ٿي پيا ته ميڊيا مزيدار ٿي پئي. ڀلا جي ماڻهن کي بنا سينسر جي صفا پيرائتا احوال ملن ته ٻيو ڇا کپي؟پاڪستان جي سياست قاضي صاحبن جي شاليمار سينيما وانگيان آهي جنهن ۾ فلم

شروع ٿيڻ کان اڳ “ٽوٽا” ڏيکاريا ويندا آهن ته جيئن تماشائي وندريل رهن. چون ٿا ته هڪ ڀيرو سينيما وارن ٽوٽو ٽڪر هلائڻ بدران ڀُل چُڪ وچان محمد عليءَ جي ميٽرڪ پاس ڪرڻ واري اردو فلم “بنا ڪاٽ ڪوٽ جي” هلائي ڇڏي ته تماشبينن ۾ رڙ پئجي وئي: “ادا….. جيب ڪٽجي وئي!” سو سنڌ جي سياست ۾ شوشا ته گهڻا هليا پر هن ڀيري ڌر ڌڻين اهڙو ڪمال جو ٽوٽو هلايو جنهن سان هڪ ئي وقت ڪيترن جا پئسا وصول ٿي ويا ته ڪن جي وري جيب ڪٽجي وئي.

 

خابرو چون ٿا ته پڪچر اڃا پوئتي باقي آهي. ٿي سگهي ٿو ته فلم جا هيرو، سائيڊ هيرو، هيروئنون، ساهيڙيون، مصالحه گرلز، دشمنن سان به ڀلايون ڪندڙ اشراف انسان، ٻاجهاري چهري واريون مائرون، مشڪرا، ناچو، ولين، فائٽر، ڊاڪو ۽ اسمگلر اڃا ميڪ اپ ڪري رهيا هجن. ڪيتريون ئي ڏاڙهيون مڇون پاڻ کي هونئن به نقلي لڳي رهيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته اصل فلم هن ٽوٽي کان پوءِ شروع ٿئي.

هر پڪچر جي ڏسندڙن ۾ چڱو خاصو انگ هڪڙن سادي دل وارن انسانن جو هوندو آهي جيڪي ٽينشن وچان پنهنجي سيٽ تي پاسا بدلائي رهيا هوندا آهن. اصل ۾ هو هر لڙائيءَ ۾ هيرو جي پاسي هوندا آهن. هو هيرو هيروئين جي شادي ٿيڻ واري آخري سين تائين ڄڻ ته پاڻ هٿيار کڻي هيروئن جي عزت جي حفاظت ڪري رهيا هوندا آهن. کين اهو ڊپ به هوندو آهي ته متان ڪو پري جو مائٽ “يه شادي نهين هوسڪتي!” واري هڪل ڪري هيرو جو ڀت نه خراب ڪري وجهي.

منهنجي هڪ پراڻي سنگتيءَ ٻه هفتا اڳ فون ڪري چيو ته خبر اٿئي پنهنجي ڳوٺ جا ماڻهو اڄڪلهه ڇا پيا ڪن؟ مون نهڪار ڪئي ته چوڻ لڳو ته سڀ ٽوٽي جي پويان ڪاهي پيا آهن. هن اهو اندوهناڪ اطلاع به ڏنو ته اسان جي خودساخته غير حاضريءَ دوران سنڌي بنهه اهڙا فلمي تماش بين ٿي پيا آهن جن جو تفصيل مٿي ڏنو ويو آهي. تازي فلم ۾ هو ان مولا جٽ سان نه رڳو گڏ هئا پر سندس اڳيان پٺيان هلي رهيا هئا ۽ هو شهر شهر وڃي نوري نت کي داٻو ڏيئي رهيو هو:”اوئي نتا! مين نون قسم اي ميري مان دي دُد دي، مين تيريان بوٽيان رج رج ڪي کاوان گا!”

مطلب ته ڪو نئون اطلاع ڪونه آيو. ساڳي پراڻي خبر هئي جنهن کان بيزار ٿي هاڻي ڪيترن ماڻهن سنڌي اخبار پڙهڻ به گهٽائي ڇڏي آهي. دانشورن ليک لکيا، پر اسان جي ماڻهن جي شعور جو تجزيو ڪرڻ لاءِ ڪير اڳتي ڪونه آيو. ڪنهن ڪونه چيو ته بابا ههڙن سادن ماڻهن جا ته ڪوئي چوڪ تي ڪپڙا لاهي هليو وڃي ته به کين خبر ئي ڪانه پوندي. تمام ٿورا همراهه اهڙا هئا جيڪي اڻ تصديق ٿيل اطلاعن مطابق مٿي تي هٿ ڏيو ويٺا هئا ته: “هاڻ سنڌين جو ڇا ٿيندو؟”

چاچو حفيظ قريشي پنهنجي تقريرن ۾ هنن ماڻهن کي “ماروئڙا”، “سانگيئڙا” ۽ “جهانگيئڙا” ته چوندو هو پر ان سان گڏ هميشه سندن اصل ڪيمسٽريءَ جو ڪمپائونڊ ٻڌائڻ به نه وساريندو هو. ان ڪيمسٽريءَ وارا اسان جا ماڻهو هڪڙي سابق وزير، کنڊ جي ڪارخانن جي مالڪ جي ٻن دٻڙاٽن جو خرچ ٿي ويا. هو ان همراهه تان ساهه صدقو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيهي رهيا. ٻيو ته ٺهيو، سنڌ ۾ “مولا جٽ” اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺهي وئي، ۽ هر شهر ۾ ڦٽڦٽي بردار سنڌي جوڌا بنا ميمبرشپ فارم ڀرڻ جي ان جا خودساخته عهديدار ٿي ويا. عام سنڌي عورتون ۽ ويندي فيس بوڪ واريون فرينڊ اديون به مٿانئس ساهه صدقو ڪرڻ لڳيون. نون ڄمندڙ ٻارن جا نالا مولا جٽ پويان رکجڻ لڳا. هر ڪنهن چيو “نر مڙس” ميدان تي لٿو آهي، هاڻي بس اجهو ڪي اجهو هيئن ٿيندو ۽ هونئن ٿيندو. ڪنهن هنن کي ٻانهن مان جهلي ڪونه چيو ته بابا جيڪڏهن رڳو اهو هڪڙو نر مڙس وڃي بچيو آهي ته چڱو اهو ٿيندو ته ماٺڙي ڪري گهر هليا وڃو ۽ اندران سولي نموني ڪڙو ڏيئي ويهي رهو.

ظاهر آهي ته اها “تبديلي” جنهن کي هڪ اخبار “ڌيان طلب” جهڙو ڌيان نه ڇڪائيندڙ لفظ بنائي ڇڏيو آهي، سا گهٽيءَ جي ڪنڊ تي اچي بيٺي هئي. پر پوءِ اهو ئي ٿيو جنهن جو ڊپ هو:…….. يعني ڪجهه به ڪونه ٿيو.

ضرور سين بدلجي وڃي ها ۽ جيڪي هيئن هو سو هونئن ٿي وڃي ها، پر ماڪ پئجي وئي، بلڪه برسات پئجي وئي. اهڙي برسات جنهن ۾ فلم وارن جو ميڪ اپ ڌوپجي ويو. تماشبينن کي پنهنجي سر جي لڳي ته اداڪارن جو کيل ختم ٿي ويو.

هيڏا مضمون اٿلائي ڏٺاسون. ڪنهن ۾ به ڪونه چيل هو ته مولا جٽ کي ميدان تي لاهڻ وارا ڪير هئا؟ جيڪي ٿيو سو ٿيو. سنڌ هڪڙي زبردست هسٽيريا کان پوءِ مس مس منجي تان اٿي گهلجڻ لڳي آهي.

خابرو چون ٿا ته جنهن رات هن همراهه سڳورو ڪتاب کڻي پريس ڪانفرنس شروع ڪئي، وڏن ميڊيا هائوسز جي سيٺن پنهنجي اصل مالڪن سان رابطا ڪري پڇيو ته بليڪ آئوٽ ڪجي يا هلائجي؟ جي هلائجي ته ڪيترو هلائجي؟ هنن جي حيرت جي حد نه رهي جڏهن سندن اميدن جي عين ابتڙ اتان “جاني دوس!” جي سگنل سان گڏ اهو به چيو ويو ته پرواهه نه ڪريو ڪا ڳالهه ٿي ته اسان ويٺا آهيون.

پهريون ڀيرو “قومي” ميڊيا بنا ڪاٽ ڪوٽ جي اهي ڳالهيون سڌيءَ ريت هلائي ڇڏيون جيڪي اڄ تائين “چوڻ نه جهڙيون” سمجهيون وينديون هيون ۽ ٻهراڙيءَ جي عوامي ميڊيا انهن کي اشارن واري ٻوليءَ ۾ هلائيندي هئي. هي پهريون انڊيڪيٽر هو ته مالڪن ايم ڪيو ايم کي ٽف ٽائيم ڏيڻ يا ان کي ڪنهن خاص ڪم ڪرڻ خاطر پريشر ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجو ماڻهو ميدان ۾ لاٿو هو جنهن تي، مخبرن جي اطلاع مطابق، ڊيوٽي اها رکيل هئي ته هو ايم ڪيو ايم مٿان فرد جرم پڙهي ٻڌائي. اها فرد جرم اهڙي پڪي پختي نموني ان لاءِ ميدان تي رکي پئي وئي جيئن ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ شروع ٿيندڙ وڏي جج صاحب جي “ڪورٽ ڪچهريءَ” لاءِ سڌي ڳالهه ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا واهه نه بچي. ٻيو مقصد اهو هو ته جي خدا نه ڪري ڪو فوجي آپريشن ڪرڻو ئي پئجي وڃي (جنهن جي مطالبن جي ڪيسيٽ به اڳواٽ لڳرايل هئي) ته به الزامن جي فهرست ڪنهن ٻئي واتان سٺي نموني ريڪارڊ تي اچي وڃي جنهن کي استعمال ڪري همراهن کي پنهنجي خاص ايجنڊا تي هلڻ لاءِ مجبور ڪري سگهجي. پريس ڪانفرنس ڪندڙ کي پيرائتا ڪاڳر پٽ ۽ ثابتيون ڏيئي روانو ڪيو ويو ته جيئن ڳالهه صفا هينئين ۾ لڳي.

ورجاءُ لاءِ معذرت، پر جيڪڏهن ڏسجي ته مرزا جي پريس ڪانفرنس هڪ اهڙو خودڪش حملو هو جنهن بابت گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ماڻهن ته سوچڻ جي به تڪليف ڪانه ڪئي ته کيس بارود ٻڌرائي پريس ڪلب ۾ اچي ڦاٽي پوڻ لاءِ ڪنهن موڪليو هو. هي “اهو نه ڏسو ته ڪير پيو ڳالهائي، پر اهو ڏسو ته ڇا پيو ڳالهائي؟” جو ڪلاسڪ ڪيس هو.

گهرائيءَ ۾ ويندڙ تجزئي نگار چون ٿا ته ڪجهه عرصي کان چيف صاحب تي هڪ ٻيو چيف صاحب ۽ سندس ساٿي ڪجهه وڌيڪ ڪاوڙيل رهيا آهن. ان جو پس منظر اهي آبزرويشنز آهن ته “ايڪسٽينشن ڏيڻ غير قانوني آهي.” ويجهڙ ۾ فيصلن جو ٽرينڊ به اهڙو رهيو آهي جو ان تي هرڪنهن جي اک جا ڀرون تاڻجي سگهن ٿا. خابرو اهو به چون ٿا ته جن ڪيسن ۾ نواز ليگ ۽ پ پ آمهون سامهون هجن، انهن جي فيصلي تي شرط لڳائي سگهجي ٿي. ان جا ٻه وڏا مثال بلوچستان جي اليڪشن پٽينشنز ۾ نظر آيا آهن. ٻن سالن کان پوءِ آزاد اميدوار جنرل عبدالقادر بلوچ خاران جي هارايل سيٽ ان وقت کٽي جڏهن ڪنهن کيس نواز ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو “هڪ ٽڪ” مشورو ڏنو. انهن ئي ڏينهن ۾ لورالائيءَ ۾ اسرار ترين واري سيٽ جو فيصلو نواز ليگ جي يعقوب ناصر جي حق ۾ ٿيو ۽ ايئن نواز ليگ کي بلوچستان مان آسانيءَ سان ٻه اهم سيٽون مليون. هي نواز ليگ لاءِ “ڀاڳ ڏئي ڀيڙو، ته دال منجهان شيرو!” واري لاٽري هئي.

ظاهر آهي ته فيصلو ضرور به ضرور انصاف جي تقاضا مطابق ئي ٿيو هوندو پر هر فيصلو ڪنهن نه ڪنهن کي ڪاوڙائيندو ضرور آهي. اهو نه وسارڻ گهرجي، ته نواز شريف تي راولپنڊي وارا اڃا تائين تتل آهن. هنن فيصلن وري انهن کي اهڙو نياپو ڏنو ته سندن رقيبن تي انصاف بدران فيور جي نظر ڪئي پئي وڃي. نوڪرين جي مدي ۾ واڌ تي تنقيد وارا روز جا ڪمينٽس به هنن صاحبن کي اهڙو “ڦر ڦر سونٽو” محسوس ٿي ٿيا جنهن ۾ ڪنهن جو به وارو اچي ٿي سگهيو.

سو مخبرن مطابق استادن هڪ اهڙو پتو کيڏيو جنهن سان هڪ طرف رئيس جي مارچ مهيني واري اليڪشن ۾ کيس ساٿ ڏيڻ وارا ٻڌا گراهڪ ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻئي طرف سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ گروپنگ ڪرائي هڪ ڀيرو وري هن عظيم انقلابي بولشويڪ جماعت تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پاڻ وارا “جهانگيئڙا ۽ سانگيئڙا” پنهنجي دل هٿان مجبور ٿي بلڪه پنهنجي ڪيمسٽريءَ هٿان مجبور ٿي مڇيءَ وانگر نئين ڪُنڊي ۾ قابو ٿي ويا. ٻئي طرف انصاف جي مقبوليت ۾ گهٽتائي واري راءِ قائم به ٿي ته اتان به رڳو حوال ٿي ٿين ٿا، ڪم جي ڪا ڳالهه ڪانه ٿي ٿئي.

پاڻ جيڪڏهن “استاد” جا شاگرد هجون ها ته نه رڳو ان تجزئي کي جيئن جو تيئن قبول ڪري وٺون ها بلڪه پير ٻڌي چئون ها ته اها هڪ اعليٰ پائي جي سازش هئي. پر پاڻ رڳو سندس پرستار آهيون تنهن ڪري چئون ٿا ته اها سازشي ٿيوري جيڪڏهن سئو سيڪڙو نه تڏهن به 50 کان 60 سيڪڙو تائين درست آهي.

جيڏو وڏو خنام هن ڪيو هو تنهن جو کانئس سڌي ريت پڇاڻو ڪرڻ جو حوصلو ته ايوان صدر ۾ به ڪونه هو جو هن جي پٺيان “نر جا پٽ” موجود هئا. تنهن ڪري رڳو آڏا ترڇا حيلا ئي هلي سگهيا آهن جن ۾ وفاقي گهرو کاتي پاران همراهه جي ساڄي ٻانهن بڻيل پلاٽن ۽ بلڊنگن تي قبضا ڪندڙ “نئين کڙتالي گروپ” جي لسٽ پڌري ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ ڪجهه ٻين اڇن ڪمن جا تفصيل تيار ٿيا آهن ته همراهه ٿڪ ڀڃڻ لاءِ دبئيءَ ڏانهن اڏام ڪئي آهي.

هڪ ڀيرو وري سٺي موو ٺاهڻ جي باوجود مخالف ٽيم زرداريءَ خلاف گول نه ڪري سگهي آهي. قدرت البته اڄڪلهه هن جي پارٽيءَ جي حق ۾ ڪانهي جنهن ان کي برساتن ۾ ڌوئي لاٿو آهي. اسلام آباد ۾ چيو پيو وڃي ته هڪ دفعو وري پرڏيهي پاسي کان ڪجهه اهڙو ٿيندو جو زرداريءَ جا مخالف ان پاسي کان سندس اقتدار جي ڀت ۾ کاٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪندا. حقاني نيٽ ورڪ واري ڳالهه روز وڃي ٿي وڌندي، پر ان ۾ زرداريءَ لاءَ شايد هڪ ئي وقت موقعو به آهي ته خطرو به آهي. ٿي سگهي ٿو ته اها هن لاءِ ڏکي ثابت ٿئي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته سندس پارٽنرز مڇردانيءَ ۾ ڊينگي مڇر وانگر ڦاسي پون ۽ ضمانت ڪرائڻ لاءِ زرداريءَ کي چون.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو