Home / افيئر / !صوماليه: موت جي وادي
above article banner

!صوماليه: موت جي وادي

صوماليه ۾ ورهين کان بک ۽بدحالي ڦهليل آهي ماڻهو بک اڃ وگهي مري رهيا آهن. معصوم ٻار، عورتون ۽ ٻڍڙا ٻاڪاري رهيا آهن ته اي خدا هيٺ لهي اسان جي حالت ڏسي وڃ. صوماليه سان اها جُٺ ٻئي ڪنهن نه پر ڳچيءَ ۾ پيل گهرو ويڙهه ڪئي آهي. 1980ع واري ڏهاڪي کان وٺي هن مهل تائين اها خوني راند جاري آهي. جيتوڻيڪ انهي جنگاڻ ۾ ملڪ کي اسلامي شريعت ۽ لبرل جمهوريت جي نالي تي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو پوءِ به ڪٿي ڳالهه دنگ نه ٿي. مٿان وري قدرت جو ڏمر هن خطي تي اچي ڪڙڪيو، ايئن 1990ع واري ڏهاڪا ۾ ايٿوپيا ۽ اريٽيريا ڪاري ڏڪار جي ور چڙهي ويا ۽ ان ڏڪار ۾ اٽڪل 10 لک ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا.ورلڊ فوڊ آرگنائيزيشن ۽ ٻين عالمي ادارن ماڻهو بچائڻ جي اپيل ڪئي پر ان وقت ڪنهن به ڪن نه ڌريو ۽ پوءِ جڏهن دنيا اک کولي تيستائين ماڻهن ۾ لابارو پئجي چڪو هو.

هينئر اها صورتحال صوماليه جي آهي. گهرو ويڙهه جي ور چڙهيل ان ملڪ ۾ 80 واري ڏهاڪي ۾ سعد بري جي حڪومت جو خاتمو آندو ويو ۽ ملڪ مختلف جنگجو گروهن جي هٿ چڙهي ويو، جن پڻ هن ملڪ جي ٻيڙي ٻوڙڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. ليڪن صوماليه سان هاڻي جيڪو پَهه فطرت ڪيو آهي اهو به حيرتناڪ آهي. هن وقت خطي جي ستن ملڪن ۾ڪارو ڏڪر آهي، لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 12 لک ماڻهو ڏڪار جي گهيري ۾ آهن جنهن ۾ صوماليه، ايٿوپيا، اريٽريا، يوگنڊا، ڪينيا ۽ سوڊان شامل آهن. هن پٽي ۾ هزارين ماڻهو بک وگهي به مري رهيا آهن. اهوئي ڪارڻ آهي جو گڏيل قومن صورتحال جي سنگينيءَ کي ڏسندي دنيا کي اپيل ڪئي آهي ته بک ۽ اڃ، وگهي مرندڙ ماڻهن لاءِ کاڌ خوراڪ جو جنگي بنيادن تي بندوبست ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هتي دنيا جو بدترين الميو جنم وٺي سگهي ٿو.

ميڊيا جي اطلاعن مطابق 75 هزار ماڻهو ڪينيا جي ڪئمپ ۾ اچي گڏ ٿيا آهن، سوين ميل سفر دوران سندن ڪيترائي پيارا موت جو کاڄ پڻ ٿي ويا. ڪئمپ ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آهي، کاڌ خوراڪ جا ذخيرا لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪا آهن. گڏيل قومن جو ادارو دنيا کي لڳاتار اپيلون ڪري پيو پر اڃا تائين دنيا ان پاسي گهڻو ڌيان نه پئي ڏئي شايد اهي هڪ ڀيرو ٻيهر ايٿوپيا وارا ڀيانڪ منظر ڏسڻ جو انتظار پيا ڪن.

بک بروبر بڇڙو ٽول آهي ،داناءَ ديوانا ڪرڻ ان جي ڏائي هٿ جو کيل آهي. ان بک صوماليه جي رڄڌاني واري شهر موغاديثو سان به اهڙي حالت ڪئي آهي. موغاديثو جيڪو ڪافي عرصي کان ٻه اَڌ ٿيل هو. هڪ حصي تي حڪومتي ڪنٽرول هو، جڏهن ته ٻئي حصي تي مذهبي گروپ شباب جو قبضو هو، جنهن جي دعويٰ هئي ته اهي سڄي شهر جو ڪنٽرول سنڀالي وٺندا ۽ اولهه وارن جي حامي سرڪار کي ڀڄائي اسلامي شريعت لاڳو ڪندا. پر بک ۽ بدحالي سندن ان دعويٰ کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو. ٿيو ايئن ته مذهبي شدت پسندن واري شهر جي حصي ۾ بک ۽ بدحالي وڌيڪ هئي. شروع ۾ جنگاڻ سبب جن ماڻهن شهرن کان ٻهراڙين جو رخ ڪيو هو، اهي هڪ ڀيرو وري معاشي بدحالي ۽ بکن سبب شهرن ڏانهن وڏي انگ ۾ اچڻ لڳا. مذهبي انتها پسند گروپ جنهن شروع ۾ ڏيکاءُ خاطر ڪوڙي دعويٰ ڪئي هئي ته هتي سڀ خير آهي ۽ ڪابه ڏڪر واري صورتحال ناهي. انهي گروهه پنهنجي روايتي هٺ سبب ڪنهن به عالمي امدادي اداري کي ڪم ڪرڻ نه پئي ڏنو ۽ جيڪي آيا پئي تن کي زور زبردستي ڀڄايو پئي ويو. ليڪن ڏڪر جهڙين حالتن سبب موغاديثو شهر ۾ ماڻهن جي انگ ۾ واڌ، موت جي وڌندڙ انگ ۽ افراتفري ذڪر ڪيل انتهاپسند گروهه کي موغاديثو مان ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ليڪن تيستائين تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي. جيتوڻيڪ هينئر شهر ۾ عالمي امدادي ادارا لٿل آهن، اهي ماڻهن جي وس ۽ وت آهر مدد ڪن پيا. ليڪن شهر ۾ بندوقن ۽ بارود جي وحشت جي جاءِ بک ۽ ڏڪر اچي ورتي آهي، جتي وڏي انگ ۾ بک ۽ اڃ وگهي ماڻهو مري رهيا آهن، حالت اها آهي جو مرندڙ ماڻهن کي غسل ڏيارڻ لاءِ پاڻي موجود ناهي، جنهن ڪري بنا غسل جي لاش دفنايا پيا وڃن. جڏهن ته هتي بک کانسواءِ بيمارين به اچي واسو ڪيو آهي، جنهن ۾ پڻ بيحال ماڻهو زندگي جي جنگ هارائي رهيا آهن.

ٻيو وري هن خطي ۾ هڪڙو فطري سائيڪل آهي جو هر 50 سالن کان پوءِ هڪ سال ڏڪر جو هوندو آهي. پر ماحوليات ۽ فطرت سان هٿ چراند ان صورتحال کي اڃا به بدتر ڪيو آهي. ماڻهن طرفان وڏي پئماني تي ٻيلن جي واڍي سبب هاڻي ٻيلا رهيا ئي ناهن. جنهن ڪارڻ هر ڏهن سالن کانپوءِ ڏڪار پئي آيو. ماڻهن فطرت جي ان وارننگ کي به نه سمجهيو. فطرت ۽ ماحول سان هٿ چراند جو سلسلو نه گهٽايائون نتيجي ۾ هاڻي ٽن سالن کانپوءِ هڪ سال ڏڪار جو هجي ٿو. سرڪار ۽ عوام هڪٻئي جي دوبدو ويڙهه واري صورتحال ۾ آهن. ٻيلا ختم ٿي وڃڻ سبب خطو بيابان ۾ بدلجي ويو آهي.

جيتوڻيڪ صوماليه قدرت جي ڏڪار جو شڪار ويجهي ماضيءَ کان ٿيو آهي ليڪن زميني خدائن به هن ملڪ سان واڏا هاڃا ڪيا. 1970ع واري آمريت دوران صوماليه ۾ مرڪزي حڪومت هئي، اها ڏاڍ ۽ جبر تي پئي هلي. ان آمريت ملڪ جا بنياد کوکلا ڪري ڇڏيا هئا. جڏهن سعد بري کي هٽايو ويو تڏهن مخالف ڌر هڪ هئي، پر اصل ۾ اندروني طرح سندن وچ ۾ به اختلاف موجود هئا. قبيلائي سماج سبب هرقبيلو پاڻ کي ٻئي کان اُتم ۽ طاقتور سمجهي رهيو هو. نتيجي ۾ اڳتي هلي ملڪ گهرو ويڙهه ڏانهن ڌڪجي ويو. ان دوران چونڊون به ٿيون، پر ويڙهاڪ جنگجوئن نتيجا تسليم ڪرڻ بدران بندوق جي طاقت کي اهميت ڏني. نتيجي ۾ آمريڪا امن جي نالي ۾ پنهنجو فوجون صوماليه موڪليون، ليڪن آمريڪي فوجن کي به نه بخشيو ويو انهن تي به مختلف وقتن ۾ حملا ڪيا ويا،جنهن ۾ 27 فوجي مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا هئا. اهڙن واقعن کانپوءِ آمريڪا پنهنجون فوجون اتان ڪڍي ويو ۽ گڏيل قومن جي فوج اها جاءِ والاري، گڏيل قومن جي امن فوج ۾ پاڪستاني فوج جا جٿا به شامل هئا، جن تي پڻ حملا ٿيندا رهيا، جن ۾ ڪيترائي فوجي مارجي پڻ ويا. ايئن اها ويڙهه هلندي رهي.

صوماليه جي خطي ۾ تمام گهڻي اهميت آهي گلف آف اُدن انڊين سي جو رستو هتان آهي، جيڪو عالمي وڻج واپار ۽ تيل جوگس آهي. هن سامونڊي رستي سان 40 سيڪڙو تيل چين، هندستان، يورپ ۽ ايشيائي ملڪن ڏانهن وڃي ٿو. هن لنگهه سبب سامونڊي قذاق گلف آف ادن ۾ تيل جا جهاز اغوا ڪري کانئن ڊالرن ۾ ڀنگ وٺن ٿان. هن ملڪ ۾ القاعده جو به وڏو نيٽ ورڪ آهي جيڪو افغاني جهاد دوران جوڙيو ويو هو. شباب وارن جو القاعده سان تعلق آهي، کين عرب پيٽرو ڊالر جي حمايت آهي. ياد رهي ته اهو پيٽرو ڊالر ئي آهي جنهن سڄي دنيا ۾ دهشتگرد برانڊ متعارف ڪرايو، جنهن سڄي دنيا کي تاراج ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڄ دنيا ان پئٽرو ڊالر سبب ئي دهشتگردي جو شڪار آهي. ٻئي طرف صوماليه حڪومت کي آمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن جي حمايت حاصل آهي. موغاديثو ۾ ايٿوپيائي امن فوج موجود آهي، جيڪا هن خطي جي طاقتور فوج آهي.

صوماليه ۾ ماڻهو ماڻهوءَ جو ماس کائڻ لاءِ آتو آهي، گهرو ويڙهه، بک ۽ بدحالي ماڻهن کي نهوڙي ڇڏيو آهي. موت جي وادي بڻيل هن ملڪ ۾ سوين ماڻهو بک ۽ اڃ ۾ جتي پاهه ٿي مري رهيا آهن، اتي کين پنهنجن جون گوليون به سيني تي برداشت ڪرڻيون پئجي رهيون آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو گولين وگهي پڻ مري رهيا آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اها خوني راند بند ڪري ڳالهين وارو گس ورتو وڃي. هي گهڻ قومي ملڪ آهي، هڪٻئي جو احترام ڪرڻ سان ئي معاملا حل ٿي سگهندا. ٻاهرين مداخلت بند ٿيڻ گهرجي پوءِ اها مداخلت ايٿوپيا ڪندو هجي، عرب پيٽرو ڊالر يا آمريڪا، ڇو ته ٻاهرين مداخلت به هن ملڪ جي تباهيءَ جو هڪ وڏو سبب آهي. اصولي طرح گڏيل قومن جو فورم هڪ اڻ ڌريو فورم آهي ان کي اتي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. غير جانبدار حڪومت جوڙي، غير جانبدار عالمي ادارن جي نگراني ۾ چونڊون ڪرائي حڪومت حقيقي نمائندن حوالي ڪئي وڃي جڏهن ته عالمي امدادي ادارا موت جي هن واديءَ ۾ ڪنهن انساني المئي ٿيڻ کان اڳ ماڻهن جون قيمتي زندگيون بچائڻ لاءِ اڃا وڌيڪ تحرڪ وٺن . ڇو ته هتي هر ايندڙ ڏينهن زندگيءَ کي موت ڏانهن ڌڪي رهيو آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو