Home / سياسي افيئر / !سيد، ڀٽو ۽ آمريت
above article banner

!سيد، ڀٽو ۽ آمريت

پاڪستان جي 64 ورهين جي تاريخ ۾ اڌ کان وڌيڪ وقت ملڪ تي سڌيءَ ريت فوج جي حڪمراني رهي آهي جڏهن ته باقي رهيل وقت ۾ فوج اڻسڌي طرح حقيقي حڪمرانن وارو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، جيئن 1950ع جي ڏهاڪي ۾ ‘سويلين’ حڪومت هئي پر پوءِ به اهم فيصلا ورديءَ وارن جي مرضيءَ، آشيرواد ۽ حمايت سان ٿيندا هئا. جهڙوڪ گورنر جنرل غلام محمد طرفان آئين ساز اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ ون يونٽ ٺاهڻ، جنهن لاءِ جنرل ايوب خان جي دعويٰ رهي ته اهو منصوبو سندس ذهن جي پيداوار هئو ۽ سندس مدد سان ئي عمل ۾ آيو.

سڌي يا اڻسڌي طريقي سان حڪمراني ڪرڻ ۾ فوج جي سڀ کان وڌيڪ ساجهي دار ۽ مددگار (ڪن حالتن ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪندڙ) بيوروڪريسي رهي آهي. انهن ٻنهي جي گڏيل قوت کي اسٽيبلشمينٽ چيو وڃي ٿو جيڪا ئي ملڪ جي اهم داخلي ۽ خارجي معاملن بابت فيصلا ڪرڻ جي قوت ۽ اختيار رکي ٿي ۽ حڪومتون ٺهڻ ۽ ڊهڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو آشيرواد نه رڳو اهم پر فيصلاڪن ڪردار ادا ڪندو آهي. اهوئي سبب آهي ته ‘سويلين’ حڪومت ٺاهڻ جو معاملو هجي يا فوجي حڪومت ۾ حصو حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ، ملڪ جا سياستدان اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد حاصل ڪرڻ لاءِ هر جتن ڪندا آهن. ان ڪري ئي اسٽيبلشمينٽ سان مختلف سياستدانن جي لاڳاپن جون خبرون ۽ قصا ڪهاڻيون سياسي وايو منڊل ۾ گردش ڪنديون رهنديون آهن. صحافين جي رپورٽن ۽ تجزئي نگارن جي تجزين جو به اهم موضوع رهندو آيو آهي. ان کان سواءِ مختلف سياسي ڌريون به پاڻکي عوام دوست، جمهوريت پسند ۽ اصول پرست ثابت ڪرڻ ۽ پنهنجي سياسي مخالفن کي ان جي ابتڙ قرار ڏيڻ جي ڪوشش ۾ اسٽيبلشمينٽ سان سياستدانن جي واسطن ۽ رابطن جو ذڪر ڪنديون رهنديون آهن.

 

سنڌ ۾ گذريل چئن ڏهاڪن کان ٻه مک سياسي ڌريون/ نظرياتي ڌارائون سنڌي ماڻهن جي حمايت حاصل ڪرڻ خاطر چٽاڀيٽيءَ جي ميدان ۾ موجود آهن. هڪ طرف ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت ۽ شخصي سحر تي بيٺل پيپلز پارٽي آهي ۽ ٻئي پاسي جديد قوم پرستيءَ جي بنياد تي بيٺل سائين جي_ ايم_ سيد جي نظرياتي رهنمائيءَ ۾ هلندڙ قومي تحريڪ آهي. قومي تحريڪ سيڪيولر رياست، قومن جي آزادي ۽ برابري، پاڙيسرين سان دوستي ۽ عالمي امن جي داعي آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي مذهبي رياست، پاڪستاني قوم، مضبوط مرڪز ۽ علاقائي توڻي عالمي سطح تي جنگجو پاليسين جي حامي آهي. اهڙي طرح ٻئي هڪٻئي جون نظرياتي ۽ سياسي طور مخالف آهن. ان ڪري اها فطري ڳالهه آهي ته ٻئي هڪٻئي کي پوئتي ڇڏڻ ۽ سياسي طور گهٽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن جنهن لاءِ مختلف قسم جا دليل ڏنا ويندا آهن ۽ مختلف ميدانن ۾ هڪٻئي جي ڪردار تي ڳالهايو ويندو آهي. ان ڏس ۾ مقابلي جو هڪڙو ميدان اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپن جو آهي. ان سلسلي ۾ گاهي به گاهي گفتگو ٿيندي رهندي آهي پر خاص ڪري جڏهن پيپلز پارٽي اقتداري معاملن جي حوالي سان دٻاءُ ۾ ايندي آهي ته ان جا ليڊر سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سائين جي_ ايم_ سيد تي حملا ڪرڻ شروع ڪندا آهن ۽ هڪڙو الزام جيڪو سڀ پ پ وارا سدائين لڳائيندا آهن بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته ڪورَس جي انداز ۾ لڳائيندا آهن سو اهو هوندو آهي ته “جي_ ايم_ سيد فوج جو ساٿاري ۽ آمريت جو حمايتي رهيو آهي”. ايئن چوڻ مهل انهن وٽ طئي ڪيل هوندو آهي ته اهي ائنٽي اسٽيبلشمينٽ ۽ جمهوريت جا چيمپئن آهن. اهو تصور قائم ڪرڻ ۾ ڪجهه خوشامدڙي ميڊيا جو به ڪردار آهي.

ڪڏهن ڪڏهن هي ليکڪ انهن کي جواب ڏيندو آهي ته اهي ڪجهه وقت لاءِ چپ ٿي ويندا آهن پر وري پنهنجي اقتداري ضرورتن تحت ساڳيا الزام لڳائڻ شروع ڪري ڏيندا آهن. گذريل ڪجهه هفتن کان پيپلز پارٽيءَ تي سندن ناقص پاليسين، ناڪام طريقئه حڪمراني ۽ سنڌ مخالف فيصلن سبب هر طرف کان تنقيد ۽ مخالفت ٿيڻ لڳي ته انهن هڪ دفعو وري ۽ پهرين کان وڌيڪ زور سان سائين جي_ ايم_ سيد تي الزام هڻڻ شروع ڪيا آهن. سنڌ جو وڏو وزير ۽ پ پ جو صوبائي صدر سيد قائم علي شاه، اڳوڻو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ٻيا وزير اها گوهر افشاني ڪندا ٿا رهن ته “جي_ ايم_ سيد جنرل ضيا سان ملاقات ڪرڻ ويو ته ان کان ذاتي فائدا حاصل ڪيا”، “جي_ ايم_ سيد آمريت جو ساٿ ڏنو” ۽ “جي_ ايم_ سيد سنڌ کي ڪجهه نه ڏنو آهي” وغيره.

مان هتي الزامن جي جواب ۾ الزام نه هڻندس پر ناقابل ترديد تاريخي حقيقتون سنڌي ماڻهن جي اڳيان رکندس ۽ انهن حقيقتن جي روشنيءَ ۾ دليل سان صحيح ۽ غلط کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس جو سيد جو پنهنجو طريقئه ڪار به اهوئي هوندو هئو.

قومي تحريڪ سان واڳيل ڪجهه دوستن پ پ وارن جي ڪجهه الزامن جاجواب ڏنا آهن جيئن اهو ته “سائين جي_ ايم_ سيد سنڌ کي سنڌ يونيورسٽي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ شاهه لطيف ڪلچرل سينٽر ڏنا”. پر سڀ کان وڌيڪ هن جيڪي ڪجهه ڏنو اهو قومي شعور ۽ قومي وحدت جو احساس هئو. ٽڙيل پکڙيل ٽڪرن کي هٿ ڪري ۽ تاريخ جي دز هيٺ وڃايل ۽ غلاميءَ جي بار هيٺ دٻيل جزن کي ڳولهي، اجاگر ڪري جديد سنڌي قوم جي مڪمل ۽ خوبصورت تصوير دنيا آڏو پيش ڪئي. سنڌ جو سچو ۽ يگانو قومي اڳواڻ محترم حفيظ قريشي، جنهن جي ساٿ جي ضرورت جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي به ان وقت پئي هئي جڏهن هو ايوب خان جي عتاب هيٺ هئو ۽ ماڻهو کيس ويجهو وڃڻ کان لنوائيندا هئا، ان جو چوڻ هوندو هئو ته “آءُ سنڌي ماءُ پيءُ جي گهر ۾ ڄائو هئس، سلوار قميص به پائيندو هئس، سنڌي ٽوپي به مٿي تي رکندو هئس ۽ سنڌي ٻولي به ڳالهائيندو هئس پر مونکي اها خبر ۽ اهو احساس نه هوندو هئو ته مان سنڌي آهيان. اها خبر مونکي تڏهن پئي جڏهن مان جي_ ايم_ سيد سان مليس”. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي ٽوپي يا سنڌي پوشاڪ پائڻ سان ماڻهو سنڌي ڪونه ٿو ٿي وڃي پر ان لاءِ سنڌيت جو احساس، سنڌيت جو جذبو ۽ ان مطابق ڪردار هجڻ ضروري آهي. اڄ قائم علي شاه، ذوالفقار مرزا ۽ ٻيا جڏهن سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪن ٿا ته اهو به جي_ ايم_ سيد جو ڏنل شعور آهي ڇاڪاڻ ته سندن اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو ته سنڌين جي الڳ قومي وجود کي مڃيندو ئي ڪونه هئو. اهو ته چوندو هئو ته “مان سڀني کي ماري ماري پاڪستاني بڻائيندس”. اڄ به پيپلز پارٽيءَ جي منشور ۾ سنڌ جي حقن جو ذڪر ڪونهي.

هاڻي اچون ٿا مک نڪتي ڏانهن ته ‘جي_ ايم_ سيد آمريت جو اتحادي’ ۽ ‘ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت جو چيمپئن ۽ عوام دوست هئو”. هاڻي ناقابل ترديد حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته جناح صاحب نه رڳو پاڪستان جو پهريون گورنر هئو پر ان ملڪ جو پهريون قابض حڪمران به هئو. سڀ کان پهرين ته هن وزير اعظم طور عوام جو نمائندو بنجڻ بجاءِ گورنر جنرل طور انگريز بادشاهت جو نمائندو ٿيڻ کي ترجيح ڏني۽ سمورا رياستي اختيار گورنر جنرل کي ڏنا ويا جن جو پهريون هن پاڻ ۽ پوءِ چوڌري غلام محمد غلط ۽ ناجائز استعمال ڪيو. محمد علي جناح پنهنجي 13 مهينن جي اقتدار ۾ جيترا غير جمهوري فيصلا ڪيا ۽ قدم کنيا اوترا شايد 13 سالن ۾ به ڪير مشڪل کڻي. پاڪستان کي ٺاهيندڙ قومن جي ٻولين کي رد ڪري اڍائي سيڪڙو مهاجرن جي ٻولي اردو کي قومي ٻولي قرار ڏنائين، بلوچستان (قلات رياست) تي فوج ذريعي قبضو ڪيائين، سنڌ ۽ پختونخوا جي چونڊيل حڪومتن کي ڊسمس ڪري من پسند اقليتي حڪومتن ٿاڦيائين ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڪٽي مرڪزي ملڪيت بڻائي ڇڏيائين. جي_ ايم_ سيد انهن چند پهرين سياستدانن مان هئو جن جناح جي انهن عملن کي چئلينج ڪيو ۽ نتيجي ۾ پاڪستان جي زندگيءَ جو پهريون قيد ڪاٽيائين.

ون يونٽ ٺاهي سنڌ جي قومي وجود تي وار ڪيو ويو ته ان خلاف آواز اٿاريندڙن ۾ سيد اڳرو هئو. ون يونٽ خلاف آواز کي موثر بنائڻ خاطر حيدر منزل تي سنڌ دوست ماڻهن جي ميٽنگ ڪوٺائي ويئي. سيد سر شاهنواز ڀٽي جي پٽ جي حيثيت ۾ ذوالفقار ڀٽي کي به شامل ڪيو ۽ اتي ٺهندڙ ڪميٽيءَ ۾ به شامل ڪيو. پر صرف ٻئي ڏينهن تي اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي هُن ڪميٽيءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

اهو به سڀڪو ڄاڻي ٿو ته جناب ڀٽي پنهنجي سياسي ڪيريئر جي باقاعده شروعات پاڪستان جي پهرين مارشل لا سان ڪئي جيڪا ميجر اسڪندر مرزا جنرل ايوب خان جي مدد سان لڳائي هئي ۽ مرزا جي ڪابينا ۾ وزير طور حلف کنيو. وري ويهن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ جنرل ايوب نااهليءَ جا الزام لڳائي اسڪندر مرزا کي هٽائي پاڻ اقتدار تي قبضو ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ويندڙ (مرزا) جو ساٿ ڇڏي ايندڙ (ايوب) جو اتحادي ٿي بيٺو ۽ نئين ڪابينا ۾ به قسم کنيو. ٻئي طرف جي_ ايم_ سيد هئو جيڪو مارشل لا ۽ ايوبي آمريت جي مخالفت ڪندڙ سياستدانن جي اڳين صف ۾ هئو. نتيجي طور کيس قيد ڪيو ويو. هتي هڪ حيرت ۾ وجهندڙ تاريخي اتفاق (اتفاق چئجي يا ٻيو ڪجهه) آهي ته جيترا سال ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان جو وزير رهيو اوترا سال جي_ ايم_ سيد قيد ۾ رهيو. 1958 کان 1966 تائين ڀٽو وزير رهيو ۽ اهي ئي سال سيد قيدي رهيو.

ان کانپوءِ وري هڪ ٻئي جنرل آغا محمد يحيٰ خان مارشل لا لڳائي جنرل ايوب کي هٽايو ۽ پاڻ اقتدار تي قبضو ڪري ويٺو. جناب ذوالفقار علي ڀٽو ان فوجي حڪومت سان به اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو. وڌيڪ اهميت وارو اهو وقت آهي جڏهن جناب ڀٽو يحيٰ خان جي ڪابينا ۾ شريڪ ٿيو. 1970ع واري پاڪستان جي پهرين ۽ واحد آزاد اليڪشن ۾ شيخ مجيب الرحمان جي قيادت ۾ عوامي ليگ اڪثريت سان کٽي آئي. اقتدار ان جو جمهوري حق هئو. پر ڇاڪاڻ ته عوامي ليگ پنهنجي اليڪشني منشور ۽ پروگرام مطابق صوبن کي خاص ڪري اوڀر پاڪستان (بنگال) کي وڌ کان وڌ خود مختياري ڏيڻ پئي چاهي جيڪا ڇهن نڪتن جي صورت ۾ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، تنهن ڪري جنرلن ۽ ڪامورا شاهي انهن کي اقتدار ڏيڻ بجاءِ اوڀر بنگال تي فوجي چڙهائي ڪري ڏني. ڏهه مهينا هلندڙ ان جنگي جنونيت سبب بنگال ۽ بنگالين سان ڪهڙا ڪلور ڪيا ويا انهن جي تفصيل سان دنيا جي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جا لکين ڪروڙين صفحا ‘ڳاڙها’ ٿيا پيا آهن. ان دوران اسلام آباد ۾ ويٺل آمراڻي حڪومت بنگالين جي چونڊيل نمائندن کي غدار قرار ڏيئي انهن جي پارلياماني رڪنيت ختم ڪري ڇڏي ۽ انهن جي جاءِ تي پنهنجا وفادار ايجنٽ ڀرتي ڪرڻ لاءِ ڍاڪا ۾ ويٺل جنرل ٽڪا خان جي ذريعي ‘خالي ٿيل’ جاين جي مختلف پارٽين ۾ امدادي سامان وانگر ورهاست ڪئي ويئي. اهو به دنيا جو نرالو مثال آهي ته 80 کان مٿي ‘اميد وارن’ کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو ڇاڪاڻ ته انهن مان ڪنهن به اميداوار کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي همٿ نه هئي.

اهڙي طرح سان ڌوڪي، فراڊ، ڌانڌلي، دهشت ۽ قتل غارتگريءَ جا سمورا عالمي رڪارڊ ٽوڙيندڙ ۽ شرم حيا، انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙيندي ۽ جمهوريت جي منهن تي دانگي مليندي جيڪا اسيمبلي قائم ڪئي وئي ان جي ‘نمائندگي’ طور جنرل يحيٰ خان نورالامين جي سربراهيءَ ۾ حڪومت قائم ڪئي ته جناب ذوالفقار علي ڀٽو ان حڪومت ۾ نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير طور شامل هئو. ان حڪومت جو اولين ڪم بنگالي عوام جي جنگ آزاديءَ جي خلاف ملڪ اندر ۽ خاص ڪري عالمي سطح تي مهم هلائڻ هئو ۽ ان مهم ۾ جناب ڀٽي پنهنجي خارجه پاليسيءَ بابت ‘مهارت’ جو ڀرپور اظهار ۽ استعمال ڪيو. جڏهن الشمس ۽ البدر جا قاتل بنگالين جي رت سان سونار بنگله جي سرزمين کي سرخ ڪري رهيا هئا ان وقت جناب ذوالفقار علي ڀٽو اقوام متحده ۾ انهن قاتلن جو ڪيس وڙهي رهيو هئو.

ان عرصي دوران جي_ ايم_ سيد جو ڪردار اهو رهيو ته سندس جماعت سنڌ متحده محاذ واحد پارٽي هئي جنهنجو 1970 وارين چونڊن ۾ عوامي ليگ سان اتحاد هئو ۽ چونڊن کانپوءِ هُن جمهوري اصولن مطابق عوامي ليگ کي اقتدار منتقل ڪرڻ جي ڀرپور وڪالت ڪئي. نتيجي طور بنگال ۾ فوجي آپريشن شروع ٿيڻ کانپوءِ مارشل لا حڪومت کيس هڪ دفعو وري نظر بند ڪري ڇڏيو.

دنيا جو اهو منفرد اعزاز به جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي حاصل آهي ته بنگلاديش جي آزاديءَ کانپوءِ جنرل يحيٰ خان جي جاءِ تي هو سويلين چيف مارش لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو. نه رڳو ايترو پر هن ملٽري ڪورٽن ذريعي سياسي ڪارڪنن ۽ مخالفن کي سزائون به ڏياريون جن ۾ هڪڙو نمايان نالو مشهور مزدور اڳواڻ مختار رانا جو آهي جنهن رڳو ڪجهه مهينا ئي اڳ ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءِ جي اليڪشن ۾ حصو ورتو هئو.

جيئن چيو ويندو آهي ته جمهوريت رڳو ووٽ ڏيڻ وٺڻ جو نالو ناهي پر ڪن اصولن، آدرشن ۽ اخلاقي قدرن جو مجموعو آهي. ان لحاظ کان ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو اهو به ڪارنامو آهي ته هن بنگال جي قاتل (Butcher of Bengal) طور دنيا ۾ مشهوري ماڻيندڙ جنرل ٽڪا خان کي پهرين فوج جو سربراه بڻايو ۽ اتان رٽائرمنٽ کانپوءِ دفاع جو وزير مقرر ڪيو جڏهن ته بعد ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جي دور ۾ کيس پيپلز پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ان ئي ٽڪا خان جي سربراهي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ڪرايو ۽ بندوق جي زور تي بلوچستان جي چونڊيل حڪومت کي ختم ڪري نعپ جي اڳواڻن تي بغاوت جا الزام هڻي جيل ۾ وڌو. اهو آپريشن چار سال هليو ۽ تڏهن ختم ٿيو جڏهن سندس حڪومت ختم ٿي ۽ تڏهن بلوچ اڳواڻ جيل کان ٻاهر آيا. دنيا جي جمهوري تاريخ ۾ هڪ اهڙي نئين، نرالي ۽ ‘سونهري’ باب جو اضافو به جناب ڀٽي جي کاتي ۾ آيو جهڙو نه اڳ ۾ ڪير لکي سگهيو آهي ۽ نه شايد آئنده ڪنهنکي ايتري همٿ ٿي سگهي. اُهو اِهو ته بلوچستان جي اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جو هڪڙو به ميمبر چونڊجي نه سگهيو هئو پر پوءِ لٺ ۽ چٺ جو استعمال ڪندي ان ساڳي اسيمبليءَ منجهان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ڪئي ويئي.

هاڻي اچون ٿا ضياءَالحق جي دور ڏانهن جنهنجو طعنو اڪثر پيپلز پارٽي وارا سيد کي ڏيندا آهن. سڀ کان پهرين ڳالهه ته جي_ ايم_ سيد ڪڏهن به جنرل ضيا سان ملڻ ڪونه ويو (بلڪه ڪنهن به ڊڪٽيٽر سان ڪونه ملڻ ويو). صورتحال اها هئي ته 1973 واري آئين جي مخالفت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت 28 اپريل 1973ع تي سيد کي نظر بند ڪيو ۽ اها نظربندي لڳاتار جاري رهي. ڀٽو حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ کانپوءِ جنرل ضيا ان حڪومت جي ڪيل هر ڪم ۽ کنيل هر قدم ابتو ڪري ڇڏيو، بلوچ ۽ پٺاڻ ليڊرن سميت ڀٽو حڪومت طرفان قيد ڪيل سڀني ماڻهن کي آزاد ڪري ڇڏيو پر جي ايم سيد جي نظربندي اهو چئي جاري رکي ته اهو ڀٽو حڪومت طرفان مليل ورثو آهي’. اها نظربندي ضيا حڪومت ۾ به 9 سال جاري رهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته جي_ ايم_ سيد جي باري ۾ ڀٽي ۽ ضيا جي پاليسيءَ ۾ هڪجهڙائي هئي. اها حقيقت آهي ته جنرل ضيا جي فوجي حڪومت سان پيپلز پارٽيءَ جو ٽڪراءُ رهيو پر اهو ٽڪراءُ ڪن اصولن جي بنياد تي ڪونه هئو پر ان ۾ به صورتحال اها هئي ته بقول ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي فرزند مير مرتضيٰ ڀٽي جي ته بينظير ڀٽو جنرل ضيا جي حڪومت ۾ وزير اعظم بنجڻ لاءِ تيار ٿي وئي هئي پر دمشق ۾ ٿيل خانداني گڏجاڻيءَ ۾ گهر جي سمورن ڀاتين طرفان سخت مخالفت سبب ان منصوبي تان هٿ کنيائين.

جي_ ايم_ سيد جيڪي 9 سالن کان مٿي عرصو جنرل ضيا جي قيد ۾ رهيو ان ئي عرصي دوران پيپلز پارٽيءَجي ليڊر بينظير ڀٽو کي آزادي ڏني وئي ته اها انگلينڊ ۾ وڃي پنهنجو علاج ڪرائي، جڏهن ته ان ئي بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ سخت بيمار هجڻ جي باوجود جي_ ايم_ سيد کي علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ اجازت لاءِ احتجاج ڪندڙ ماڻهن تي ڏنڊا ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس وسائي وئي. جنرل ضيا جي ئي دور 1986 ۾ بينظير ڀٽو جي لاهور ۾ لکين ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي ڪا پابندي ڪانه لڳائي ويئي ۽ نه وري بعد ۾ بينظير ڀٽو جي سياسي سرگرمين تي ڪا پابندي وڌي ويئي پر 1987 ۾ جڏهن جي_ ايم_ سيد عوامي رابطي لاءِ 15 سالن جي ڊگهي عرصي کانپوءِ گهر کان ٻاهر نڪتو ته اڃا دادو ضلعو ڪراس ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پهتو ته کيس گرفتار ڪري وري نظر بند ڪيو ويو.

ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته جنرل ضياءُالحق جي حڪومت به سياسي طور پيپلز پارٽي ۽ بينظير ڀٽو کان وڌيڪ جي_ ايم_ سيد جي مخالف هئي ۽ ان جو هڪڙو وڏو پر سولو ۽ سادو سبب آهي. جنرل ضيا جي ڪا فردي حڪومت ڪانه هئي. هو هن رياست ۽ رياست جي سڀ کان طاقتور اداري جي نمائندگي ڪندڙ هئو. جي_ ايم_ سيد ان رياست، ان جي پاليسين ۽ ان جو تحفظ ڪندڙ ادارن جي ڪردار جو مخالف هئو. جڏهن ته پيپلز پارٽي رياست، رياستي پاليسين ۽ اهي پاليسيون ٺاهيندڙ ادار ن جي حمايتي هئي ۽ آهي، انهن کي صرف ضياءُالحق سان شخصي دشمني هئي. ان جو مثال ان مان به ملي ٿو ته جي_ ايم_ سيد ڪڏهن ضياءُالحق جي ڪنهن به پاليسيءَ جي حمايت نه ڪئي. پر ان جي ڀيٽ ۾ جڏهن آمريڪا ضيا حڪومت جي فوجي امداد بند ڪئي ته محترمه آمريڪي حڪومت کي پرزور اپيل ڪئي ته اها امداد بحال ڪئي وڃي. نه رڳو ايترو پر جنرل ضيا جي موت کانپوءِ اقتدار ۾ اچڻ بعد هُن اُن جون پاليسيون جاري رکيون.

پيپلز پارٽيءَ وارا پنهنجي سمورين ڪوششن ۽ سمورن وسيلن ۽ ‘شعله بيانين’ سميت جي_ ايم_ سيد تي صرف اهو الزام لڳائي سگهندا آهن ته “سيد ضياءُالحق سان ملاقات ڪئي ‘۽ اهو ته هن ضياءُالحق کي شريف النفس چيو’. جيئن مٿي ٻڌايو ويو ته جنرل ضيا جي دور ۾ به سيد 9 سالن کان مٿي قيد ۾ رهيو. ان عرصي دوران سيد بيمار ٿي پيو ۽ کيس حيدرآباد ۾ دل جي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. ان دوران جنرل ضيا طبيعت پڇڻ خاطر ساڻس اسپتال ۾ ملاقات ڪئي ۽ ملاقات کانپوءِ سيد اهو چيو ته “ضياءُالحق ذاتي طور شريف النفس شخص آهي ڇاڪاڻ ته هو جنهن رياست جو ‘محافظ’ آهي مان ان رياست جو سخت مخالف آهيان پوءِ به هو مونسان ملڻ آيو”.

هاڻي هڪ ته اها پ پ وارن جي بدديانتي آهي ته اُهي ڳالهه کي اڌورو ۽ ٽوڙي مروڙي پيش ٿا ڪن. ٻيو اهو ته سيد قيدي هئو ۽ قيد ڪندڙ ساڻس ملڻ آيو هئو. ان کان سواءِ سنڌ جي اها روايت آهي ته ڪيڏو به دشمن در تي هلي ايندو آهي ته ان کي مان ڏبو آهي. باقي سيد ته هُن سان ملڻ ڪونه ويو. ان جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي سڏ تي ايم_ آر_ ڊي تحريڪ ۾ سوين سنڌي ماڻهن جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هٿان رت وهيو ۽ هزارين ڪوڙا ڦٽڪا ۽ جيل کاڌا. 1985 ۾ اليڪشن ٿي ته ان ظلم ۽ جبر خلاف فيصلو ڏيندي پ پ کي مئنڊيٽ ڏنو. پر پوءِ ٿيو اهو ته سنڌي ماڻهن جي مئنڊيٽ ۽ اعتماد کي مٽيءَ ۾ ملائيندي پ پ جي ليڊر محترمه بينظير ڀٽو فوج جي سربراهه جنرل اسلم بيگ جي گهر وڃي ان سا ن ملاقات ڪئي ۽ حڪومت ٺاهڻ بابت معاملا طئي ڪيا. جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ جي باني چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي جي جنرلن سان تعلقات، دوستين ۽ دعوتن جا قصا به سڄي دنيا کي معلوم آهن.

جيستائين تعلق آهي شريف النفس لفظ جو ته جيئن ٻڌايو ويو ته اهو ذاتي حيثيت ۾ هئو ان سان جنرل ضيا جو سياسي ۽ حڪومتي پاليسين جو ڪو واسطو نه هئو ۽ نه ئي انهن جو ڪو ذڪر ڪيو ويو. ان جي مقابلي ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽي ‘فيلڊ مارشل’ جنرل ايوب خان جي دانشمندي، مدبري ۽ سياسي پاليسين جي تعريف ڪندي ان کي ‘پاڪستان جو ڊيگال’ جو لقب ڏنو ۽ ان سان گڏ اها تجويز ڏني ته جنرل ايوب خان جي سربراهيءَ ۾ هلندڙ ڪنوينشن مسلم ليگ کي اهڙي طرح منظم ڪيو وڃي ته ان جو ضلعي صدر ڊپٽي ڪمشنر ۽ جنرل سيڪريٽري ايس_ پي کي بڻايو وڃي.

جڏهن ڪجهه مهينا اڳ ۾ سنڌ جي انتظامي ورهاست کي قومي وحدت تي وار سمجهندي سنڌي ماڻهن پنهنجو ردِ عمل ظاهر ڪيو ته ان جي ردِ عمل ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ليڊرن جي_ ايم_ سيد خلاف هڪ دفعو وري الزامن جو سلسلو شروع ڪيو. هن ليکڪ کين اخبارن ذريعي گذارش ڪئي ته اُهي ‘شيشي جي گهر ۾ ويهي پٿر نه هڻن’. پر شايد ايم_ ڪيو_ ايم جي عشق ۾ انهن ان تي ڪن نه ڌريو ان ڪري تاريخي حقيقتون سامهون آڻڻ ضروري ٿي پيون.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو