Home / افيئر / !ٽوني بليئر جا اسرائيلي ارب پتي عورت سان لاڳاپا
above article banner

!ٽوني بليئر جا اسرائيلي ارب پتي عورت سان لاڳاپا

برطانيا جي اڳوڻي وزير اعظم ٽوني بليئر جي اسرائيل جي هڪ ارب پتي عورت سان پراسرار لاڳاپن بابت تل ابيب کان وٺي لنڊن ۽ نيويارڪ تائين سُرٻاٽ ٿي رهيا آهن. ان ڪارڻ ٽوني بليئر جو سياسي اميج ۽ وچ اوڀر ۾ امن جي ايلچي جي حيثيت ۾ سندس ساک بابت ڪيترائي سوال اڀري آيا آهن.

ان معاملي جي شروعات اسرائيل جي نهايت سٺي ساک رکندڙ اخبار معارف ۾ شايع ٿيندڙ ٽوني بليئر جي زال شيري جي نالي خط سان ٿي هئي جنهن ۾ کيس چيو ويو هو ته هو پنهنجي مڙس ۽ ارب پتي خاتون اوفرا اسٽراس جي لاڳاپن بابت وضاحت ڪري. واضح رهي ته اسرائيل ۾ اها ڳالهه عام آهي ته ٽوني بليئر جا گذريل هڪ سال کان 51 ساله اوفرا اسٽراس سان نهايت ويجها لاڳاپا آهن. اوفرا اسرائيل جي شاهوڪار عورتن مان هڪ آهي. اها اسرائيل جي سڀ کان وڏي فوڊ ڪمپني جي مالڪياڻي آهي. جنهن جي ماليت هڪ ارب 30 ڪروڙ پائونڊ جي لڳ ڀڳ آهي. ڪجهه ڏهاڙا اڳ جڏهن ٽوني بليئر گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين جي آزاد رياست بابت درخواست جي سلسلي ۾ شريڪ ٿيو هو تڏهن به اوفرا ساڻس هر وقت گڏ هئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو