Home / افيئر / !ترڪي طرفان امدادي جهاز غزه موڪلڻ جو فيصلو
above article banner

!ترڪي طرفان امدادي جهاز غزه موڪلڻ جو فيصلو

ترڪي جي وزير اعظم طيب اردگان چيو آهي ته امدادي سامان کڻي فلسطيني علائقي غزه ويندڙ ڪنهن به ترڪ جهاز کي نيٽو جي جنگي جهازن جي پهري ۾ روانو ڪيو ويندو ته جيئن انهن کي اسرائيلي مداخلت کان محفوظ رکي سگهجي. وزير اعظم چيو ته سندس ملڪ اسرائيل جي گهيري ۾ آيل فلسطيني علائقي تائين امداد پهچائڻ جون ڪوششون جاري رکندو. ان هوندي به هن واضح اعلان ڪيو ته انهن ڪوششن جي رد عمل ۾ اسرائيل کي گذريل سال حملي جهڙي ڪا ڪارروائي ورجائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. واضح رهي ته گذريل سال مئي مهيني ۾ امداد کڻي غزه ويندڙ هڪ بحري ٻيڙي ۾ شامل ترڪ جهاز “ماوي مرمارا“ تي اسرائيلي ڪمانڊوز حملو ڪري ڏنو هو جنهن جي نتيجي ۾ اٺ ترڪ رضاڪارن ۽ هڪ ترڪي ڄائي آمريڪي شهري سميت 9 ڄڻا موت جو کاڄ ٿي ويا هئا. وزير اعظم اردگان چيو آهي ته ترڪي ڳاڙهي سمنڊ ۾ فوجي گشت وڌائڻ لاءِ قدم کنيا آهن. هن عزم ظاهر ڪيو ته سندس ملڪ اسرائيل کي علائقي ۾ موجود قدرتي وسيلن مان اڪيلي سر فائدو کڻڻ کان روڪيندو. اسرائيلي انٽيليجنس جي وزير ڊين ميري ڊور ترڪ وزير اعظم جي بيان کي سنجيده ۽ ڳنڀير اڳرائي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو ۽ اسرائيلي موقف دهرائيندي چيو ته اسرائيل گذريل سال ترڪي تي حملي جي کائنس معافي گهرندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو