Home / ڪور افيئر / !سگهاري اسٽيبلشمينٽ: ڏٻري سياسي قيادت
above article banner

!سگهاري اسٽيبلشمينٽ: ڏٻري سياسي قيادت

 

11/9 کان پورو هڪ ڏهاڪو پوءِ اڄ به آمريڪا پاڪستان کان ساڳيو سوال دُهرائي رهيو آهي: “توهان اسان سان آهيو يا اسان جي خلاف؟” آمريڪي CENTCOM جي سربراهه پاران پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران پاڪستاني عسڪري قيادت کي اُتر وزيرستان ۾ القاعده ۽ حقاني نيٽ ورڪ خلاف آپريشن ڪرڻ يا اُگرا نتيجا ڀوڳڻ جي الٽيميٽم کانپوءِ ڪور ڪمانڊرن جي غير معمولي گڏجاڻي گهرائي وئي جنهن اُتر وزيرستان ۾ آپريشن جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو.

 

آل پارٽيز ڪانفرنس جو هڪ مقصد اهو ڏيکارڻ هو ته “قوم ۽ سياسي قيادت، فوج سان گڏ بيٺل آهن ۽ ٻيو مقصد پاڪستاني شهرين ۾ آمريڪا مخالف جذبي کي هوا ڏيڻ هو. هميشھ وانگر هن ڀيري به پاڪستان جي سياسي قيادت، اصل حڪمرانن جي ڪيل منفي ڪمن جي پرده پوشي ڪئي ۽ ڪنهن به سياستدان سچ نه ڳالهايو ته “هاڻي بس ڪريو. پاڪستان کي توهان جي Strategic Depth ۽ مهم جوئين جي نه پر آزاد پرڏيهي پاليسيءَ جي ضرورت آهي جيڪا عسڪري قيادت نه پر سياسي قيادت جوڙيندي.”

آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ “گهٽ شدت وارو ٽڪراءُ” ته لڳ ڀڳ ڇهن مهينن کان جاري هو جيڪو هاڻي پنهنجي رُخ متعين ڪرڻ وڃي رهيو آهي.

اُسامه بن لادن جو پاڪستان جي ڪينگروءَ جي ٿيلهيءَ مان برآمد ٿيڻ ۽ افغانستان ۾ القاعده گلبدين حڪمت يار جي حزب اسلامي، جلال الدين جي حقاني نيٽ ورڪ ۽ ڪوئيٽا شُورا طالبان معرفت نيٽو /آمريڪا خلاف “پراڪسي وار” (ڪنهن ٻئي معرفت جنگ وڙهڻ) جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ان جي ڳجهي اداري جو بين الاقوامي سطح تي زبردست منفي تعارف جُڙيو آهي.

پاڪستان جي نام نهاد قومي ميڊيا ۽ ان جا اينڪر توڻي ڪالسمٽ (اياز امير ۽ هڪ اڌ ٻين کي ڇڏي) پنهنجي روايتي درٻاريت ۽ بُزدليءَ جي نتيجي ۾ سالم سوچ ۽ سچ جو موت ٿي رهيو آهي.

اُردو ۽ انگريزي ميڊيا جا اينڪر ۽ ڪالمسٽ پاڪستاني ڳُجهي اداري جي غير سرڪاري “ترجمان” ڪري رهيا آهن ۽ سواءِ هڪ اڌ جي اُهي “ڪجهه نه ٿيندو” ۽ “هم ڪسي سي ڪم نهين” جو خطرناڪ راڳ آلاپي رهيا آهن.

آمريڪا سان سڌي فوجي ٽڪراءُ جا کڻي امڪان گهٽ به هجن تڏهن به “محدود سرجيڪل اسٽڪرائيڪس” ذريعي آمريڪا پاڪستاني فوج کي شرمنده، عوام کي غير محفوظ ۽ سياسي قيادت کي بيوس محسوس ڪرائي سگهي ٿو. اهڙي قسم جي ڪاررواين جا ڏور رس سياسي، اقتصادي ۽ نفسياتي اثر ٿي سگهن ٿا.

آمريڪي امداد جو رڳو 12 کان 15 سيڪڙو حصو پاڪستاني بجيٽ ۾ شامل ٿئي ٿو. 3 ارب ڊالرن جي اقتصادي امداد پاڪستان جي پرڏيهي ڪمائيءَ جو رڳو 7 سيڪڙو ٿئي ٿو. وَرلڊ بئنڪ جي ڊيٽا موجب گذريل پنجن سالن ۾ پاڪستان کي سمورن ذريعن کان ملندڙ ترقياتي امداد جو مجموعي قومي آمدنيءَ جو صرف ڏيڍ سيڪڙو هئي. 2009ع ۾ سراسري طور هر پاڪستانيءَ جي لاءِ 14 ڊالرز پرڏيهي امداد ملي هئي.

اهو نه وسارڻ گهرجي ته پاڪستان تي ڳرا پرڏيهي قرض آهن جن جي ادائيگي لاءِ هر سال بجيٽ جو هڪ وڏو حصو خرچ ٿي وڃي ٿو. 64 سالن کان پوءِ پاڪستان جي اڌ کان به وڌيڪ آبادي بنيادي انساني سهولتن کان محروم آهي. ڳرن پرڏيهي قرضن، خراب اقتصادي صورتحال، ڪرپشن، بداَمني ۽ رياستي ادارن جي ناڪاميءَ وارن عنصرن جي موجودگيءَ ۾ غير ملڪي امداد، آءِ ايم ايف، عالمي بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي نرم قرضن ۽ گرانٽس کان محرومي پاڪستاني جي مفاد ۾ ناهي.

آمريڪا معرفت يورپين يونين کان پاڪستاني مصنوعات (۽ مڇي) کي مليل رعايتون وڃائڻ پڻ ملڪي معيشت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو.

بين الاقوامي سطح تي پاڪسان جا جيترا به منفي تعارف جُڙيا آهن انهن لاءِ مقتدر طبقو (۽ سندس پتليون بڻيل سياستڪار) ئي ذميوار آهي.

آمريڪا کان اَٰربين ڊالر اُن کي Body Bags ڏيندڙ ادارو هجي يا واعدا ۽ معاهدا ڪري ڦِري ويندڙ سياستڪار ٻنهي جو تعلق مقتدر طبقي سان آهي جنهن جو هڪ ئي اصول آهي ته اُهو بي اصول آهي.

انگريزيءَ جي چوڻي آهي ته “توهان ڪجهه ماڻهن کي هميشھ لاءِ سڀني ماڻهن کي ڪجهه عرصي لاءِ بيوقوف بڻائي سگهو ٿا پر سمورن ماڻهن کي هميشھ لاءِ بيوقوف بڻائي نٿا سگهون.”

دنيا جي سمورن ملڪن وٽ فوج آهي پر اسان جي فوج دنيا جي واحد فوج آهي جنهن وٽ ملڪ آهي. اهو ڪيترو فطري آهي ان جو فيصلو پڙهندڙ پاڻ ڪن.

اسان جو مقتدر طبقو جيڪڏهن اهو سمجهي ٿو ته موجوده پاڪستان جي غير فطري ڍانچي ۽ ان ۾ جاري طلسم کي چين ۽ ايران بچائي سگهن ٿا ته اها خام خيالي آهي. پاڪستان کي فطري ڍانچو حقيقي جمهوري نظام ئي بچائي سگهن ٿا.

حقاني نيٽ ورڪ جا پيرا کڄن ٿا!

گذريل ڇهن مهينن دوران افغانستان ۾ ٿيل چئن وڏن حملن سان ٽي حملا حقاني نيٽ ورڪ پاران ڪيا ويا آهن. اهو نيٽ ورڪ ڳُجهو ۽ خطرناڪ سمجهيو وڃي ٿو. حقاني نيٽ ورڪ جو سربراهه جلال الدين حقاني سوويت_ افغانستان جنگ (88_1979) جو ڪمانڊر هيو جيڪو هِن وقت پوڙهو ٿي چڪو آهي ۽ نيٽ ورڪ De facto سندس پُٽ سراج الدين حقانيءَ جي سربراهيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو. سراج حقاني کي “خليفو” پڻ سڏيو وڃي ٿو.

حقاني نيٽ ورڪ پاڪستان قبائلي علائقن اُتر وزيرستان جي شهر ميرانشاهه جي ويجهو واقع ڳوٺ “ڊنڊي درپا خيل” ۽ افغان صوبي خوست جي ضلعي صباري جي ڳوٺ “زمبار” کي هيڊڪوارٽر ۽ آپريشن مرڪز طور استعمال ڪري ٿو. “ڊنڊي درپا خيل” ۾ جلال الدين حقانيءَ جو “حقاني مدرسو” پاڪستاني اختيارين 2005ع ۾ بند ڪرائي ڇڏيو هو.

· 20 آڪٽوبر 2007ع تي افغانستان ۾ موجود اتحادي فوج حقاني نيٽ ورڪ کي افغانستان جي سلامتيءَ لاءِ سنگين خطرو قرار ڏيندي اُن جي سربراهه سراج الدين حقانيءَ ۽ سندس ڪمان دارن جي گرفتاريءَ تي 2 لک ڊالر انعام جوا اعلان ڪيو.

· پهرين نومبر 2007ع تي حقاني نيٽ ورڪ جو سينئر ڪمانڊر مُلا منان پاڪستان کان افغانستان صوبي خوست جي ضلعي ۾ داخل ٿيڻ وقت افغان فوجين جي حملي ۾ مارجي ويو.

· 14 ڊسمبر 2007ع تي حقاني نيٽ ورڪ جو انتهائي اهم ۽ مطلوب ڪمانڊر ملا سنگين اوڀر افغانستان ۾ اتحادي فوجن جي حملي ۾ مارجي ويو.

· 14 جنوري 2008ع تي افغان راڄڌاني ڪابل جي فائيو اسٽار هوٽل سيرينا تي چئن هٿياربند حملي آورن جي حملي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا. ان حملي لاءِ سراج حقانيءَ کي ذميوار قرار ڏنو ويو جنهن جولاءِ 2008ع ۾ اها ڳالهه تسليم ڪئي.

· 16 جنوري 2008ع تي حقاني نيٽ ورڪ جو انتهائي اهم۽ مطلوب ڪمانڊر دَريم سيدگئي پاڪستان ۾ اڻڄاتل حملي آورن جي حملي ۾ مارجي ويو.

· 3 مارچ 2008ع تي حقاني نيٽ ورڪ افغان صوبي خوست جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر صابري جي عمارت تي ٽرڪ بم حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ عمارت کي شديد نقصان رسيو ۽ آمريڪي فوجي مارجي ويا. سراج حقانيءَ 12 مارچ تي ان حملي جي ذميواري قبول ڪئي.

· 13 مارچ 2008ع تي پاڪستاني قبائلي علائقي اُتر وزيرستان ۾ لاور منڊيءَ ۾ حقاني نيٽ ورڪ جي هڪ ڪمپائونڊ تي ڊرون ذريعي ميزائيل فائر ڪيا ويا. اهو حملو اُن وقت ڪيو ويو جڏهن اُتي فيلڊ ڪمانڊرن جي گڏجاڻي هلي رهي هئي. اتحادي فوجن موجب ان حملي ۾ ڪيترائي جنگجو مارجي ويا جڏهن ته پاڪستاني اختيارين موجب ان حملي ۾ صرف عورتون ۽ ٻار ماريا ويا.

· 14 اپريل 2008ع تي اتحادي فوجن افغان صوبي خوست جي گُربُز ضلعي ۾ ڇاپو هڻي حقاني نيٽ ورڪ جي بَم ٺاهڻ، مالي چرپر ۽ معاونت فراهم ڪرڻ وارن آپريشنز سان واڳيل ڪمانڊرز کي گرفتار ڪري ورتو.

· 27 اپريل 2008ع تي افغان صدر حامد ڪرزئي هڪ وڏي فوجي پريڊ دوران ڪيل قاتلاڻي حملي ۾ (ذري گهٽ) بچي ويو. ان حملي ۾ هڪ پيشوا، هڪ پارليامينٽرين ۽ هڪ ڇوڪري سميت چار ڄڻا مارجي ويا. ان حملي لاءِ حقاني نيٽ ورڪ ۽ گلبدين حمڪت يار جي “حزب اِسلامي” کي ذميوار قرار ڏنو ويو. سراج حقانيءَ ان حملي جي ذميواري پڻ قبول ڪئي.

· پهرين جولاءِ 2008ع تي هڪ افغان اخبار ۾ حقاني نيٽ ورڪ جي سربراهه جلال الدين حقانيءَ جو هڪ خط شايع ٿيو جنهن ۾ طالبان رهنما مُلا عمر جي قيادت کي نااهل سڏيو ويو هو ۽ طالبان جي قيادت نئين نسل کي مُنتقل ڪرڻ جي گهُر ٿيل هئي.

· 10 جولاءِ 2008ع تي افغان صوبي خوست ۾ جلال الدين حقانيءَ جو ننڍو پُٽ حقاني افغان/اتحادي فوجن سان جهڙپ ۾ مارجي ويو.

· 2 آگسٽ 2008ع تي آمريڪي ۽ ڀارتي انٽيليجنس عملدار (رڪارڊ ٿيل فون گفتگو آڌار تي) جولاءِ ۾ڪابل جي ڀارتي سفارتخاني تي ٿيل حملي ۽ آءِ ايس آءِ ۽ حقاني نيٽ ورڪ جي ملوث هئڻ جو انڪشاف ڪن ٿا.

· سيپٽمبر 2011ع جي آخر ۾ ايڊمرل مائيڪ مولن پاڪستاني ڳجهي اداري کي حقاني گروپ جو سرپرست سڏيندي مطالبو ڪيو ته ISI کي حقاني نيٽ گروپ جو سرپرستي ۽ افغانسان ۾ NATO خلاف Proxy جنگ ختم ڪرڻي پوندي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو