يمن جتي رتوڇاڻ کانپوءِ وقتي طور ٺاپر اچي وئي هئي. اتي صدر علي عبدالله صالح جي واپسي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر رتوڇاڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. يمن جي راڄڌاني ثنا ۾ حڪومت مخالف ماڻهن جي ڪئمپ تي ويجهڙ ۾ ئي سرڪاري فورسز حملو ڪيو جنهن ۾ 76 کان وڌيڪ نوجوان موت جو کاڄ ٿي ويا. ياد رهي ته جنوري ۾ صالح خلاف شروع ٿيل مظاهرن ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ خود علي عبدالله صالح راڪيٽ حملي ۾ سخت زخمي ٿيو هو. هو بعد ۾ سعودي عرب ڀڄي ويو هو، اتي علاج ڪرائڻ ۽ طبيعت بهتر ٿيڻ کانپوءِ هو پراسرار نموني موٽي آيو آهي. ان کانپوءِ وري رتوڇاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته يمن ۾ گهرو ويڙهه سان گڏ بک ۽ بدحالي به تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ۽ جيڪڏهن يمن ۾ جلد حالتن تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته اهو هڪ ٻيو صوماليه بڻجي سگهي ٿو.