Home / افيئر / آمريڪا ۽ عالمي قوتن جي مني گريٽ گيم
above article banner

آمريڪا ۽ عالمي قوتن جي مني گريٽ گيم

خطي ۾ جاري علاقائي طاقتن جي ڇڪتاڻ ۾ مفاد جي ٽڪراءُ کي جيڪڏهن مني گريٽ گيم جو نالو ڏنو وڃي ته اجايو نه ٿيندو. گريٽ گيم جو اصطلاح نئون ناهي، برطانيا ۽ زار شاهي روس جي ملڪ گيري جي حوس ۽ دنيا تي قبضي لاءِ وڙهي ويندڙ سياسي، سفارتي، جاسوسي ۽ فوجي جنگ کي گريٽ گيم جو نالو ڏنو ويو هو. برطانوي سلطنت جي اقتدار جو سج لهي ويو ۽ زار شاهي روس جيڪو پوءِ سوويت يونين بڻيو، هاڻي اڳ جهڙو طاقتور ناهي رهيو. ليڪن خطي مان گريٽ گيم يا ان سان ملندڙ جلندڙ کيڏاڙ نه ته ختم ٿيا نه وري خطي جي عوام سک جو ساهه کنيو. باقي اهو ضرور ٿيو ته ان گيم جون صورتون ۽ کيڏارين جو انگ ۽ نوعيت بدلبي رهي. سوويت يونين جي خاتمي ۽ نين آزاد وچ ايشائي رياستن جي قيام سان نيو گريٽ گيم جو اصطلاح ايجاد ٿيو. نيو گريٽ گيم وچ ايشيا جي قدرتي وسيلن ۽ انهن تائين پهچ ۽ ٻاهر کڻي وڃڻ وارن رستن تي ڪنٽرول جي جنگ آهي، جنهن ۾ شامل عالمي ۽ علاقائي طاقتون هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ ۽ وڌ مان وڌ قدرتي وسيلن تي دسترس ۽ انهن تائين پهچڻ جي رستن تي قبضو ڪرڻ لاءِ سرٽوڙ ڪوششن ۾ رڌل آهي ۽ ان سلسلي ۾ اهي سڀ موجود جائز ۽ ناجائز سياسي، سفارتي، جاسوسي ۽ فوجي ذريعا به استعمال ڪن ٿا.

خوش قسمتي يا بدقسمتي سان وچ ايشيا تائين پهچڻ لاءِ مختصر، آسان ۽ سستا رستا اسانجي علائقن مان گذرن ٿا. اهوئي سبب آهي جو اهي علائقا حريف طاقتن جي سرگرمين ۽ تڪرارن جو مرڪز بڻيل آهن ۽ خطي ۾ اسٽريٽجڪ شطرنج به وڇايل آهي ۽ رانديگر هڪٻئي کي مات ڪرڻ لاءِ چالون کيڏي رهيا آهن. ان کانسواءِ خطي ۾ آمريڪا جا ڪجهه سياسي ۽ معاشي مخالف جيئن روس ۽ چين، نظرياتي دشمن جيئن ايران جي موجودگي سان ان کيڏاڙ کي چار چنڊ لڳي ويا. آمريڪا روس کي وچ ايشيا مان نيڪالي ڏيڻ، چين کي پري ڌڪڻ ۽ ايران جي وڌندڙ اثر رسوخ آڏو بند ٻڌڻ چاهي ٿو. جڏهن ته مخالف ملڪ آمريڪا جي هر چال کي ناڪام بڻائڻ ۾ مصروف آهن. نيو گريٽ گيم سان گڏوگڏ علاقائي طاقتن وچ ۾ افغانستان ۾ اسٽريٽجڪ اثر رسوخ لاءِ مني گريٽ گيم به شروع آهي.

افعانستان مني گريٽ گيم جو اهم مرڪز آهي پر ان جو مطلب  اهو هرگز ناهي ته خطي جي ٻين حصن ۾ اها گيم نه پئي ٿئي. خطي ۾ ان جا گرم ۽ سرد محاذ به هڪ مسئلو آهن. افغانستان مسئلي جي پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته مني گريٽ گيم ۾ ايران، پاڪستان، ڀارت ۽ ڪجهه وچ ايشيائي رياستون سرگرم آهن جڏهن ته سعودي عرب، چين ۽ روس خاموشي سان پنهنجو کيڏاڙ ڪري رهيا آهن. افغانستان مان امڪاني آمريڪي فوج جي واپسي جي اعلان سان ان جنگ ۾ تيزي آئي آهي. علاقائي طاقتون آمريڪي فوجن جي نڪرڻ کانپوءِ واري صورتحال ۽ طالبان جي امڪاني واپسي جي خطري سبب پنهنجي پنهنجي رٿابندي ۾ رڌل آهن. اهي پنهنجون صفون نه رڳو درست ڪري رهيون آهن بلڪه نون اتحادين جي ڳولا به شروع ڪئي وئي آهي. پراڻن دوستن سان به راهه رسم وڌائي پئي وڃي ۽ خطي ۾ علاقائي طاقتن جي نئين صف بندي جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي.

هاڻوڪن ڪجهه واقعن کي ڏسي اهو اندازو هڻڻ ڏکيو ڪونهي ته علاقائي طاقتن پنهنجن منصوبن تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ هوريان هوريان اهو کيڏاڙ نازڪ ۽ خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. ماضي ۾ طالبان ۽ طالبان جي حڪومت جي حمايت جي ڪري پاڪستان جا ايران، روس ۽ ٻين وچ ايشيائي ملڪن سان لاڳاپا سرد مهري جو شڪار هئا ۽ طالبان جي حوالي سان ايران، روس، ڀارت ۽ تاجڪستان وچ ۾ اتفاق عملي صورت ۾ نظر اچي ٿو ۽ انهن ملڪن طالبان مخالف قوتن جي ڀرپور مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي پر هاڻي افغانستان مان آمريڪي فوجن جي جزوي طور يا مڪمل نڪرڻ  طالبان جي افغان منظرنامي ۾ امڪاني طور ٻيهر اڀار جي خدشن جي ڪري انهن ملڪن جي پاڪستان سان لاڳاپن جي نوعيت ڇا هوندي؟ ان حوالي سان مبصرن جي ذهنن ۾ ڪيترائي شڪ شبها  موجود آهن ڇو ته پاڪستان اڃا تائين پاڻ تي طالبان جي حمايت جي حوالي سان مڙهيل الزامن کي مڪمل طور ڌوئڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي. پاڪستان پابندي وڌل تنظيم جي سربراهه جي گرفتاري ۾ پشاور مان اغوا ٿيل ايراني سفارتڪار جي حفاظت سان واپسي ۾ ايران جي مدد ڪئي ۽ هاڻوڪي حڪومت آمريڪا جي ناراضگي باوجود ايران سان توانائي جي شعبي ۾ ڪيترائي معاهدا ڪيا آهن ۽ پاڪ ايران لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي. ليڪن بلوچستان ۾ شيعا زائرين ۽ هزاره ڪميونٽي جي ماڻهن تي ويجهڙ ۾ ٿيل خوني حملن سبب ايران ڳڻتي ۾ ورتل آهي.

ٻئي پاسي ڀارت، ايران سان لاڳاپن ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ خاص طور ايٽمي مسئلي تي دهلي سرڪار جي آمريڪا بهادر جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪو بگاڙ پئدا ٿيو هو ان کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. خاص طور تي افغانستان جي حوالي سان اڳوڻي طالبان دور جي گڏيل صلاح مصلحت کي بحال ڪرڻ جي فڪر ۾ آهي. اهڙي ريت ايران کي علائقي ۾ آمريڪي چالون ناڪام ڪرڻ لاءِ عراق ۽ خاص طور افغانستان ۾ ڪيترائي موقعا ميسر آهن.

ڀارت نه رڳو تاجڪستان ۾ قائم فوجي اڏا اپ گريڊ ڪري رهيو آهي بلڪه افغانستان ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ لاءِ افغانستان سان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو معاهدو به ڪري چڪو آهي ۽ اهي ٻئي ملڪ يعني ڀارت ۽ افغانستان جا ڪنهن به ڏکڻ ايشيائي ملڪ سان پنهنجي نوعيت جو پهريون معاهدو آهي. ڀارت، افغانستان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ معاهدي سان علائقائي تڪرارن ۾ واڌ اچڻ جو امڪان آهي. پاڪستان طرفان انڪار ۽ ان تي وچ ايشيائي ملڪن ۽ افغانستان سان جوڙيندڙ رستن جي تعمير، ترقي ۽ توسيع تي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. علاقائي طاقتن جي سمورين دعوائن باوجود ته سندن بنا ڪنهن فرق جي سمورن افغان گروپن سان لاڳاپا آهن. ليڪن حقيقت اها آهي ته پاڪستان جا افغانستان ۾ ويجها اتحادي سني پشتون، ايران جا شيعا ۽ غير پشتون آهي جڏهن ته ڀارت جا اتحادي غير پشتون گروپ آهن. جيڪڏهن مني گريٽ گيم جو اهوئي لاڙو رهيو ته ان سان نه رڳو افغانستان ۾ لساني، مذهبي ۽ علاقائي تضادن کي هٿي ملندي بلڪه علائقي جا ٻيا ملڪ خاص طور پاڪستان ۾ به انهن تضادن ۽ اختلافن کي شهه ملندي.

ماضي ۾ پاڪستان افغانستان ۾ مخصوص قسم جي گروپن جي حوصله افزائي ۽ حمايت ڪندو رهيو. افغان پاليسي کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ لاءِ پاڪستان پاليسي ميڪرز ڄاڻي ٻجهي اهڙو ماحول پئدا ڪيو آهي ۽ اهڙين داخلي قوتن جي حمايت ڪئي آهي جيڪي سڌي يا اڻ سڌي ريت ان پاليسي کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين. افغان جهاد دوران مخصوص قسم جي رجعت پرستن کي اڳتي آندو ويو. طالبان جي دور ۾ ٻئي قسم جي انتهاپسندي جنهن تي هڪ مخصوص فرقي جو رنگ حاوي هو جي حوصله افزائي ڪئي وئي. آمريڪي فوجن جي اچڻ کانپوءِ نون طالبان جو تجربو ڪيو ويو، جنهن ڪارڻ ملڪ ۾ فرقيواريت چوٽ چڙهي ۽ ان جي دسترس کان ڪوبه ماڻهو ادارو مقدس هنڌ يا پبلڪ جاءِ محفوظ نه رهي، انهي حد تائين ان تشدد جي باهه کان پاليسي ساز پاڻ به محفوظ نه رهيا.

علائقي ۾ مني گريٽ گيم جا نوان ڪارا ۽ خوفناڪ ڪڪر ڇانيل آهن. اها ته خدا کي خبر ته هن علائقي جي ماڻهن کي اڃا ڪهڙين آزمائشن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ خبر ناهي ته ڪهڙي قسم جون تباهيون اسان جون منتظر آهن. پروفيسر برهان الدين رباني جو قتل بلوچستان ۾ فرقيواريت جي نئين لهر، ڀارت افغانستان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو معاهدو، پاڪستان ۾ حقاني نيٽ ورڪ جي مرڪزن ۽ ماڻهن تي آمريڪي حملي جون ڌمڪيون ۽ حملا، آمريڪا جو ايران تي آمريڪا ۾ سعودي سفير قتل ڪرڻ جو الزام، اهي ڪجهه اهڙا واقعا آهن جيڪي ان کيڏاڙ ۾ تيزي اچڻ ڏانهن اشارو ڪن ٿا.

ليکڪ انگريزي اخبارن جو سينئر تجزئي نگار آهي، هي ليک “افيئر” لاءِ لکيائين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو