Home / ڪرنٽ افيئر / ايم ڪيو ايم طرفان سنڌ ۾ مڪاني نظام جي قيمت تي صدر جي حمايت ۾ ريلي
above article banner

ايم ڪيو ايم طرفان سنڌ ۾ مڪاني نظام جي قيمت تي صدر جي حمايت ۾ ريلي

پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڪنهن به مڪاني نظام تي اڃا تائين ڪو اتفاق ڪو نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ جي گورنر پاران 3 مهينا اڳ جاري ڪيل ترميمي آرڊينينس جو مدو ختم ٿي چُڪو آهي. ايم ڪيو ايم جنرل مشرف جي ناظميءَ واري نظام تان هٿ کڻڻ کان ٻه قدم پوئتي آهي ته پيپلز پارٽي وري ڪمشنري نظام تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي پر پوءِ به اتفاق ڪو نه ٿي سگهيو آهي.ارڙهين ترميم کانپوءِ نئون آرڊينينس غير آئيني هوندو جيڪڏهن گورنر آرڊينينس جاري ڪيو ته عدالت ۾ چئلينج ٿي سگهي ٿو. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس هلندڙ ناهي. عيد کان پوءِ اسيمبليءَ جو اجلاس سڏرايو به وڃي ٿو ته تڏهن به سرڪار لاءِ مشڪل آهي ڇو ته ٻيا اتحادي ڪمشنري نظام تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهن. خاص ڪري پير پاڳارو. ان ڪري اِهو سوال اڄ جو اهم سوال بڻجي اڀريو ته ڇا 30 هين آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاران صدر آصف علي زرداريءَ جي حمايت ۾ نواز ليگ خلاف ڪڍيل ريلي جي قيمت تي سنڌ ۾ من پسند مڪاني نظام اچي سگهندو؟ هي سوال ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي لاءِ مونجهاري جو ڪارڻ آهي. سينيٽ جي چونڊ ۾ اڃا ساڍا چار مهينا آهن. تيستائين پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم اتحاد کي هرحال ۾ صدر آصف علي زرداري جاري رکڻ ٿو چاهي. بلڪه صدر ايندڙ عام چونڊن تائين سمورن اتحادين کي گڏ رکڻ ۽ ايندڙ عام چونڊون گڏجي وڙهڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ پنجاب ۾ عمران خان جي اُڀار سبب نواز ليگ ۾ جيڪا ڳڻتيءَ جي لهر آهي سرڪار ان کي وڌائڻ ٿي چاهي. نواز ليگ ايندڙ سرڪار لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۾ آهي. ڏٺو وڃي ته نواز ليگ جي سياسي غلطين سبب ئي پيپلز پارٽي مسلم ليگ (ق) ڏانهن جُهڪي ۽ ايم ڪيو ايم کي پڻ گڏ کڻڻ سندس مجبوري بڻي آهي. نواز ليگ پنجاب سرڪار ۾ پارٽنرشپ ڏيڻ لاءِ تيار هُئي ۽ وفاق ۾ هُن پارٽنرشپ ان لاءِ ڇڏي هُئي جو وٽس تمام ٿورو حصو هو. نواز ليگ کي تڏهن به ۽ هاڻي به اِهو خوف آهي ته موجوده سرڪار جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ سندس وارو ايندو يا نه؟ پر پيپلز پارٽي وٽ نواز ليگ خلاف سندس اتحادي آهن. جن تازو هڪ شو ڪيو ته هُو پ پ سان گڏ آهن. جن ۾ ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ق) ۽ اي اين پي شامل آهن. ايم ڪيو ايم ته صدر جي حق ۾ طاقت جو مظاهرو به ڪري ڏيکاريو. جنهن لاءِ نواز ليگ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چوڌري نثار چيو ته “ايم ڪيو ايم رينٽ اي ڪار پارٽي آهي جيڪا پنهنجي ريليءَ جي قيمت وصول ڪندي”.

هن وقت سڀ کان وڌيڪ اهم مڪاني نظام آهي. جنهن تي گذريل ٻن سالن کان ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي ۾ اتفاق ناهي ٿيو ايم ڪيو ايم جي سرڪار کان الڳ ٿيڻ جي ٻن ڏينهن اندر سنڌ ۾ ڪمشنري نظام بحال ڪيو ويو هُئو، جنهن کي سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ڪرايو ويو. وري ايم ڪيو ايم جي واپس اچڻ جي شرط تي ڪمشنري نظام ختم ڪري سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو.سنڌي عوام جي شديد رد عمل کانپوءِ سنڌ جي گورنر ٻيهر 7 آگسٽ 2011 تي هڪ ترميمي آرڊينينس جاري ڪري مشرف دور جي ناظميءَ واري نظام کي بحال ڪيو هُيو. هاڻي ان آرڊينينس جو مدو به پورو ٿي ويو ۽ وچ ۾ عيد جون موڪلون اچي ويون. هي سٽون پڙهجڻ تائين ممڪن آهي ته ڪو فيصلو ٿي چُڪو هُجي پر هڪ نئين اهڙي مڪاني نظام بابت سوچيو پيو وڃي جنهن بابت ڪجهه عرصو اڳ انساني حقن واري ڪميشن کي وچ ۾ آڻي قيصر بنگالي ۽ آءِ اي رحمان کان پريس ڪانفرنس ڪرائي وئي هئي. ڄاڻايل ٻنهي صاحبن هڪ نئون فارمولا ڏنو هُئو. جنهن بابت سندن چوڻ هُئو ته هي 1979 ۽ 2001 جي مڪاني نظام جي وچ وارو فارمولا آهي ۽ نئين فارمولي کي هنن مڪاني نظام 2011 جو نالو ڏنو هُئو. اصل ۾ اُهو فارمولو وري لڳ ڀڳ اهو فارمولو آهي جيڪو سال ڏيڍ اڳ ايم ڪيو ايم تيار ڪري سرڪار حوالي ڪيو هُئو. جنهن ۾ ناظم جا ڪجهه اختيار گهٽائي صوبائي حڪومت حوالي ڪيا ويا هُئا. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران پيش ڪيل فارمولو پيپلز پارٽيءَ جي ڪيترن ئي ايم پي ايز ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سميت سنڌ جي عوام کي به پسند ناهي. جنهن سبب امڪان آهي ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جنهن نئين مڪاني نظام بابت متفق ٿيڻ جون خبرون هلائي رهيا آهن اُهو به وائکو ٿي ويندو ۽ نا اتفاقي ظاهر ٿي ويندي. پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪو به بل آڻڻ کان پڻ خوف آهي ڇو ته سندس ايم پي ايز جو وڏو حصو هاڻي ايم ڪيو ايم جي تجويز ڪيل ڪنهن به بل تي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڪجهه ڏينهن لاءِ ماٺ اختيار ڪندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪيڏي مهل به تجويز ڪيل نئين مڪاني نظام بابت ميدان تي اچي سگهي ٿو ۽ ايم ڪيو ايم جي ايڏي وڏي ريلي ۽ صدر آصف زرداري جي حمايت ۾ شروع ڪيل ايڏي وڏي مهم جو ٻيو رخ به سامهون اچي سگهي ٿو. هاڻي اچون ٿا ايڇ آر سي پي جي تجويز ڪيل بل تي جنهن تي ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جو اتفاق ٿي رهيو آهي پر اُهو بل سنڌ جي عوام ۽ سياسي ڌرين کي شايد قبول نه هجي.


نئين مجوزه بل جو نالو سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2011 هوندو جنهن ۾ مڪاني نظام جا ٻه متبادل مرحلا ڏنا ويا آهن.

1 ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن (ضلعي انتظاميه)

2 ڊسٽرڪٽ لوڪل ايڊمنسٽريشن (ضلعي مقامي انتظاميه)

هن نظام ۾ ڊويزنون به هونديون ۽ ڊويزنل انتظاميه صوبائي حڪومت آڏو ذميوار هوندي. 1979 واري نظام تحت ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر به هوندا. ڊويزنل ڪمشنر جي ڪنٽرول ۾ روينيو، امن امان، ايمرجنسي ۽ امداد، علائقائي ترقي ۽ رٿابندي جا شعبا هوندا. هن نئين نظام ۾ تعلقا ختم ڪيا ويا آهن ۽ شهرن جا ٽائونز 1979 واري نظام تحت واپس پراڻي پوزيشن تي هليا ويندا. نظام جا ٻه ٽريڪس هوندا. پهرين ٽريڪ ۾ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي ڪائونسل جا سيڪريٽري هوندا. ٻئي ٽريڪ ۾ ضلعي ناظم (ضلعا ڪائونسل جو) ڊي سي اوز، اي ڊي اوز ۽ يونين ڪائونسل جا ناظم هوندا.ناظمن ۽ ڊي سي اوز جي ڪنٽرول ۾ خزانو ۽ رٿابندي، ورڪس اينڊ سروسز، ٽرانسپورٽ ۽ متبادل توانائي، تعليم، صحت، سماجي ڀلائي ۽ شهري ترقيءَ جا کاتا هوندا. ناظم يا لوڪل ايڊمنسٽريشن چونڊيل ضلعا ڪائونسل آڏو جوابدار هوندي. هي 2001واري مڪاني نظام جو روح آهي.

شهري نظام جو ڍانچو

ايڇ آر سي پي جي بل موجب شهريءَ نظام 1979 ۽ 2001 واري نظام جو مڪسچر آهي. جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد کي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جو نالو ڏنو ويو آهي ٽائونز سميت، يعني ٽائون برقرار رهندا. هن ۾ ڪراچيءَ لاءِ ٽي ضلعا تجويز ڪيا ويا آهن. جن جا نالا هن ريت هوندا. 1 ڪراچي 2 لياري ڪياماڙي3 ملير. هي ضلعا پنهنجي ٽائونز جي حدن ۾ هوندا. جڏهن ته حيدرآباد جو موجوده ڍانچو برقرار رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سنڌ۾ شهيد بينظير آباد نالي هڪ نئين ڊويزن قائم ڪرڻ جي پڻ تجويز ڏني وئي آهي. جنهن ۾ نوشهرو فيروز، سانگهڙ ۽ دادو ضلعن کي به شامل ڪيو ويو آهي. ڪراچي سٽي حڪومت ۾ هڪ ڪئپيٽل ٽائون قائم ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي. ايڇ آر سي پي جي بل ۾ ناظم به قائم رکيا ويا آهن ۽ ڪمشنر به. ناظمن جا ڪجهه اختيار ڪمشنر ۽ ڊي سي او جا ڪجهه اختيار ڊپٽي ڪمشنر کي ڏنا ويا آهن. پر سنڌ ۾ سڀ کان تڪراري نظام شهري سرڪار رهي آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد تي ڪنٽرول جو سوال سڀ کان اهم آهي. نئين بل ۾ پڻ ڪراچي ۽ حيدرآباد کي اتحادي ڌر حوالي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ڪراچيءَ جا ٻه محدود ضلعا الڳ ڪري سٽي حڪومت کي 90 سيڪڙو اهو ئي “ڪراچي” ضلعي جي صورت ۾ برقرار رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. صرف انهن جا چار ٽائونز تي ٻڌل 2 ضلعا ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جتان ايم ڪيو ايم جا ناظم نه کٽندا آهن. باقي 16 ٽائونز تي ڪراچي ضلعو هوندو. جيڪو موجوده سٽي حڪومت جو ئي ڍانچو هوندو. مزيدار ڳالهه ته نئين بل ۾ حيدرآباد کي انهن ئي پنجن ضلعن ۾ رهڻ ڏنو ويو آهي. يعني حيدرآباد سٽي گورنمينٽ به ٺاهي ويندي. پر صوبائي سرڪار کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪمشنري ۽ ڊپٽي ڪمشنر رکيا ويا آهن. مزيدار ڳالهه ته شهرن ۾ ته ساڳيا ٽائون رهندا پر ٻهراڙين ۾ وري تعلقا ختم ڪيا ويا آهن. يعني تعلقه ڪائونسل نه رهندي. يونين ڪائونسل سڌي ريت ضلعا ڪائونسل جي ڪنٽرول ۾ هوندي. هن نظام ۾ سڀ ڪجهه چٽو آهي ته هڪ دفعو ٻيهر شهرن ۽ ٻهراڙين جي نظام ۾ واضح فرق هوندو ۽ ٻي ڳالهه ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي سي اوز جي وچ ۾ اختيارن جو نئون تڪرار شروع ٿيندو. سو هن نظام تي اڄڪلهه ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي اتفاق ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهن. سنڌ جي عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ اِهو نعرو هنيو ويندو ته “نه 1979 وارو نظام نه 2001 وارو نظام هاڻي نئون نظام”. نئون نظام لڳ ڀڳ اِهو ئي هوندو جيڪو تجويز ڪيل بل ۾ آهي. ان بل بابت ڊاڪٽر فيصر بنگالي ٻڌائي ٿو ته ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جي اهم اڳواڻن سان صلاح مصلحت کانپوءِ هي بل تيار ڪيو ويو آهي. سندس چواڻي اها حقيقت آهي ته ڪراچي ۾ سڄي جنگ اختيارن تي ڪنٽرول ڪرڻ تي آهي. ان ڪري اهڙو وچ وارو رستو اختيار ڪيو ويو آهي جو سڀ اتفاق ڪري سگهن. ڊاڪٽر قيصر بنگاليءَ جي ڳالهه مان واضح ٿيو ته ايڇ آر سي پي به مفاهمت وارو رستو ورتو آهي. عوام جي بنيادي حقن جو رستو نه ورتو. ڏٺو وڃي ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي هن وقت به ڏي وٺ جي پاليسيءَ تحت ڪنهن نه ڪنهن نتيجي تي پهچڻ لاءِ ڪوشش ڪن پيون. صدر آصف علي زرداريءَ جي حمايت ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪامياب ريليءَ کان پوءِ مڪاني نظام وارو مامرو جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. پر سنڌ اسيمبليءَ ۾ بل پيش ڪرڻ لاءِ ڪا تياري نظر نه پئي اچي. ممڪن آهي ته عدالت جي چئلينج جي خوف باوجود به گورنر کان ٻيهر ڪو آرڊينينس جاري ڪرائجي ۽ هفتو ٻه ان کي اينگهائجي جيستائين مامرو سنڌ اسيمبليءَ ۾ اچي.

aajizjamali100@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو