Home / افيئر / بالاڪوٽ ڇهن ورهين کانپوءِ پوپٽن جي ڳولا ۾ نڪتل ٻار مڻين مٽيءَ هيٺان
above article banner

بالاڪوٽ ڇهن ورهين کانپوءِ پوپٽن جي ڳولا ۾ نڪتل ٻار مڻين مٽيءَ هيٺان

اڙي…! شڀ چپ ٿي وڃو نه ته مان شڀني جا نالا مِش کي ٻڌائيندس. پوءِ شڀني کي پنش ملندي…. چپ ٿي وڃو نه…. نه ٿا ٿيو؟ ٺيڪ آهي ٻچو! مان هاڻي نالا لکان ٿو شڀ کان پهرين نعيم جو نالو” “مون ڇا ڪيو آهي؟ اسان ته بس ويٺا ڳالهيون ڪري رهيا آهيون” ٻاتا ڪٿان جا خامخاهه منهنجو نالو کڻي لکيو اَٿئي” نعيم ناراضگي وچان چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳو ۽ پنهنجي دوست راشد جو ڪن مروڙڻ کانپوءِ ٿيلهو کولي ڪاپي ڪڍي ٿو ۽ ڪلاس ورڪ ڏسڻ لڳي ٿو. ڪلاس جو مانيٽر سفير سامهون ٽيچر جي ٽيبل سان گڏ رف ڪاپي کولي بيٺل آهي، شرارت ڪندڙ يا تنگ ڪندڙ ٻارن جا نالا ۽ ڪم لکي رهيو آهي. ايتري ۾ زوردار ڌماڪن جا آواز اچڻ لڳن ٿا ۽ ڪلاس جي ڇت سندن مٿان اچي ڪري ٿي. هر پاسي مٽيءَ جي دز ۽ رڙين جا آواز ڦهلجي وڃن ٿا. ان ماحول ۾ انهن معصوم ٻارڙن کي بچائڻ وارو ڪير به ناهي جيڪي مڻين مٽيءَ جي ڍير هيٺان زندهه دفن ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي ساهه جي ڏوري ٽٽي پوي ٿي.

بالاڪوٽ جي محلي گرلاٽ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت جي ڍير هيٺان 380 معصوم روح پرواز ڪري وڃن ٿا۽ انهن جا پتڪڙا جسم ڳري ڪنڪريٽ ۽ پٿرن جي هيٺان رهجي وڃن ٿا…. ۽ اڄ ڇهه ورهيه گذري وڃڻ کانپوءِ به اهي معصوم ٻار اتي ڍير هيٺان دٻيل آهن. مان سندن اسڪول جو ڏس پتو پڇندي انهن کنڊرن مٿان اچي بيٺو هئس جتي پرائمري ۾ پڙهايا ويندڙ مختلف سبجيڪٽن جي ڪتابن جا بنڊل ٻڌل پيا هئا ۽ اسڪول جي ڇت جيڪا هاڻي کنڊر جو فرش بڻجي چڪي آهي ان تي علم جي ڳولا ۾ تمام پري نڪري ويندڙ انهن معصوم شهيدن جا ٿيلها، جوتا، پينسلون ۽ شارپنر وکريل هئا.

مونکي اُتي ويٺل ڏسي هڪ سونهاري وارو همراهه مون ڏانهن وڌي آيو ۽ پڇڻ لڳو ته: “صاحب جي ڪيئن ويٺا آهيو؟ روزو لڳو اَٿوَ؟

“نه ادا، روزو ناهي لڳو، هن اسڪول جي ٻارن جو تصور کائي رهيو آهي”

“ها سائين، وڏو ظالم واقعو ٿيو آهي منهنجا ٻه ٻارڙا هن اسڪول ۾ شهيد ٿيا آهن. منهنجو نالو محمد رفيق آهي، هتي ئي رهان ٿو”

“رفيق توهان جا ٻار ڪهڙي ڪلاس ۾ پڙهندا هئا ۽ سندن عمر به ٻڌايو”

“سائين، عديل 10 سالن جو هو، هو چوٿين درجي ۾ هو ۽ محمد عارف ٻئين درجي ۾ پڙهندو هو سندس عمر ست سال هئي. هڪ وڏو ٻارڙو عتيق الرحمٰن پنجين درجي ۾ آهي. ان کي ستن ڪلاڪن کانپوءِ زندهه سلامت ڪڍيو ويو هو.

“عتيق سان ملائي سگهو ٿا”

“ها بلڪل ساڻس ملو. هاڻي ئي وٺي اچانس ٿو” ائين چئي هو خيمن ڏانهن هليو ويو جيڪي ٿورڙي ئي پنڌ تي لڳل هئا.

ايتري دير ۾ هڪ پنجن ڇهن ورهين جو ٻارڙو اتي اچي ويو ۽ منهنجي ڪئمرا کي ڇُهي چوڻ لڳو:

“انڪل! هن ۾ وڏو فوٽو ٺهندو آهي؟”

“ها وڏو فوٽو به ٺهندو آهي، تنهنجو ٺاهيان”

“ٺاهيو- هتي اسان جون وڏيون وڏيون فلمون ٺاهيون ويون آهن، اهي ٽي وي تي به هلايو ويون هيون، چون پيا ته اسان جا فوٽو سڀني شهرن ۾ ڏيکاريندا. مون کان نالو به پڇيوهئائون”

”چڱو ڀلا، تنهنجو نالو ڇا آهي” مون به کانئس نالو پڇي سندس توقع تي پوري لهڻ جي ڪوشش ڪئي.

“مراد حفيظ نالو آهي، ون ڪلاس ۾ پڙهندو آهيان”

“جڏهن زلزلو آيو ته تون ڇا ڪري رهيو هئين؟”

“آءُ اسڪول جي ڇت تي اُس تي ويٺو هئس، ٻيا ٻار به هئا. جڏهن زلزلو آيو ته ڪيترائي ٻار مري ويا. ڀر واري پرائيوٽ اسڪول ۾ به ٻار مري ويا. منير سَر به مري ويو جيڪو اسان کي پڙهائي رهيو هو.”

مان اتي وکريل درجنين ٻارن جي ٿيلهن مان هڪ ٿيلهي کي کولي ڏسڻ لڳس. مراد حفيظ جو چوڻ هو ته اهو ٿيلهو سندس برابر واري ڪلاس جي مانيٽر سفير جو هو. پر کيس اها خبر نه هئي ته اهو ڪهڙو ڪلاس هو؟

“مراد تون ان ڏينهن ڪيئن نڪتو هئين؟

“اسان گهڻي دير تائين ته مٽي ۾ هئاسين. پوءِ هڪ جاءِ وٽان ٿورو نڪتاسين ته اسان کي ٻاهرين ماڻهن ٻانهن کان جهلي ٻاهر ڪڍيو. ايئن مونکي به ڪڍيو ويو ۽ مان گهر هليو ويس”

“تنهنجو گهر ڪٿي آهي؟”

“هتي ئي عتيق وارن جي ٽينٽ ڀرسان آهي اسان جو گهر”

مون ٻارڙي کي چيو ته مونکي اوڏانهن وٺي ويندين، ته هن خوشي وچان چيو ته ڇو نه، ڄڻ ته هو پهرين کان ئي تيار هو.

“ماما هتي اسانجي خيمي ۾ رانديڪا آهن ۽ هڪ شيشي ۾ منهنجي ڀيڻ جا پوپٽ به جمع ٿيل آهن” هن رستي ۾ مونکي ٻڌايو.

“تنهنجي ڀيڻ ڪهڙي ڪلاس ۾ ٿي پڙهي؟”

“هوءَ منهنجي سڳي ڀيڻ نه هئي، اسانجي گهر جي ويجهو رهندي هئي ۽ اتي وري اسڪول ۾ مري وئي” هن عام انداز ۾ ٻڌايو.

انهن ٻارڙن موت کي ايترو ته ويجهي کان ڏٺو جو هاڻ سندن لاءِ ڪابه اڻ ٿيڻي نه هئي، هو پنهنجي اکين سان ڪلاس فيلوز ۽ ويجهن مٽن مائٽن کي مرندي ڏسي چڪا آهن ۽ سندن برباد بالاڪوٽ ۾ ڪابه اهڙي گهٽي ناهي، جتي درجنين لاش دٻيل نه هجن. ان ڪري پتڪڙي مراد به پنهنجي رشتي جي مري ويل ڀيڻ جو ذڪر به نهايت آرام سان ڪيو. جيڪا کيس پوپٽ پڪڙي ڏيندي هئي.

انهن جي خيمي ۾ ان وقت ڪير به نه هو ان ڪري مراد ڪجهه مايوس ٿي ويو. هن هڪ ڀڳل صندوق مان جام يا مار مليڊ جي هڪ خالي شيشي کنئي، جنهن ۾ ڇهه ست مئل پوپٽ پيل هئا. ان وقت سندس چهري تي خوشي ڦهليل هئي.

“ماما هي وارو جيڪو وڏو پوپٽ آهي، ان کي مون پنهنجي باجي (ڀيڻ) سان گڏجي پڪڙيو هو. هتان کان مون پنهنجي قميص ڦهلائي ۽ هتان کان باجي پنهنجو رئو ڦهلايو، ايئن پوپٽ هوا ۾ ڪري پيو، باجي ان مٿان رئو رکي ڇڏيو ۽ ان جي اندران هٿ وجهي پوپٽ پڪڙي مونکي ڏئي ڇڏيو.”

“پوءِ هي پوپٽ مري ڪيئن ويو؟”

“جنهن ڏينهن اسان پوپٽ پڪڙيو هو ان ڏينهن جيئرو هو. اهو کڻي سڄو ڏينهن گهميو هئس. شام جو هوا ۾ به اڏاريو هو مانس، اسڪول ۾ پنهنجي دوستن کي به ڏيکاريو هو. نثار هو نه، ان مونکي چيو هو ته ٻه روپيا وٺ ۽ اهو مونکي ڏئي ڇڏ.”

مون چيو ته مان ته نٿو ڏيان، پوءِ هن پوپٽ مون کان کسي ورتو هو. پوءِ مون مِس کي شڪايت ڪئي ته هن واپس ڏياريو هو مونکي”.

مراد چپ ٿي ويهي رهيو. ايتري ۾ محمد رفيق ۽ سندس پٽ عتيق به اتي اچي ويا. مون عتيق کان پڇيو ته تون زلزلي وقت ڪٿي هئين؟

“اسڪول ۾ هئاسين، پهريون پيرڊ هلي رهيو هو. اسان سوال جواب لکي رهيا هئاسين، اڃا پهريون جواب به نه ان جي پهرين لائن لکي رهيا هئاسين ته وڏو آواز ٿيو، مٽي ۽ دونهون اچي ويو. پوءِ هوا اسان کي کڻي هڪ ڀت سان هنيو، پوءِ وري ڇت سان هنيو. مان جيئن ئي ڇت سان لڳس ته هڪ ڇوڪرو مون کان اڳ ۾ ڇت سان لڳي چڪو هو ان کي تمام گهڻو ڌڪ لڳو هو مونکي ڪجهه به نه ٿيو. پوءِ مان هيٺ ڊٺو آهيان ته اهو ڇوڪرو به منهنجي مٿان ڪريو ۽ ان مٿان اچي ڇت ڪري. اسان جو استاد محمد حفيظ ٻاهر وارانڊي ڏانهن ڀڳو ته ورانڊي جو پلر ان مٿان اچي ڪريو، جنهن ڪري هو اتي ئي ڪريو ۽ مري ويو. اسان سڀ ماڻهو مٽيءَ جي ڍير هيٺان هئاسين. بابا ٻڌائي ٿو ته مون کي انهن ستن ڪلاڪن کانپوءِ ملبي هيٺان ڪڍيو. مان چوان ٿو ته مونکي چئن ڏينهن کانپوءِ ڪڍيو ويو. منهنجي سيني تي لينٽر رکيو ويو هو ته مان بيهوش ٿي ويو هئس. پهرين ڏينهن ڀاءُ عارف کي ڪڍيو ويو ته هو لاڏاڻو ڪري چڪو هو. ٽئين ڏينهن ڀاءُ عديل کي ڪڍيو ويو ته اهو به فوت ٿي چڪو هو.”

“توهان جي اسڪول ۾ ڪيترا ٻار هئا؟”

“گرلاٽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ ته پنج سو ٻار هئا. خالي اسانجي اسڪول ۾ به 58 ٻار هئا.”

“انهن مان ڪيترا زندهه نڪتا؟”

“انهن مان ست زندهه نڪتا هئا جن مان به ٻه اسپتال ويندي فوت ٿي ويا. اسانجي ڀر واري جناح پبلڪ اسڪول ۾ ٽي سو ٻار هوندا هئا. اتي به فقط 52 ٻار زندهه بچي سگهيا جيڪي ان وقت گرائونڊ ۾ پي ٽي ڪري رهيا هئا.”

“عتيق هاڻي توهان ڪٿي پيا پڙهو؟”

“في الحال ته نه پيو پڙهان باقي ارادو آهي ته مانسهره وڃي پڙهندس. هتي ته اسڪول ناهي. هي اسانجو اسڪول خبر ناهي اسان جي وڏي ٿي وڃڻ کانپوءِ به کلندو الائي نه”.

“هي جو ڪتابن جا بنڊل پيا آهن، اهي هتي ڇو آيا هئا؟” مون کانئس پڇيو.

“اهي سرحد جي “گورنامينٽ” موڪليا هئا ته ٻارن کي مفت ڪورس جا ڪتاب ڏيو. ان ڪري اهي ڪتاب هتي آيا هئا، ۽ 8 آڪٽوبر تي ٽيچر اسان کي چيو هو ته سٺا ڪپڙا پائي اچجو، فنڪشن ٿيندو”.

“ڪهڙو فنڪشن هو؟”

“ڪتابن ورهائجڻ جو فنڪشن هو، اسان ته يونيفارم به نئين پائي آيا هئاسين. اسان کي خبر نه هئي ته الله جو عذاب اچي رهيو آهي”

“هاڻي توهان جي اسڪول جي ملبي هيٺان ٻار آهن؟” مونکي ٻارن جا لاش چوڻ جي همت نٿي.

“تمام گهڻا آهن. هتان تمام ٿورن ٻارن جا لاش ڪڍيا ويا هئا، پوءِ وري چين وارا آيا هئا، انهن ملبي مٿان مشينون لڳايون ۽ ان کانپوءِ ٻڌايو ته هتي هاڻي ڪو به ٻار ناهي بچيو، لاش پيا آهن. حڪومت کين چيو ته انهن کي اتي رهڻ ڏيو، پهرين اتان ملبو هٽايو جتي ڪجهه ماڻهو زندهه هجن، پوءِ اهي هليا ويا.”

“جيڪي ٻار هتي دٻيل آهن انهن جا والدين هتي نه ايندا آهن ڇا؟”

“نه جي، هتي جيڪي اسٽوڊنٽ دٻيل آهن، انهن جا ماءُ پيءُ به مري چڪا آهن. ماڻهو اهوئي چون ٿا ته اهي سڀ پنهنجي ٻارن سميت زلزلي ۾ مري چڪا آهن”.

مون مراد حفيط جي پيروي ڪندي اتي وکريل ٿيلهن مان هڪ اسڪول جو ٿيلهو کنيو، جنهن جي زپ ڪَٽ سبب جام ٿي وئي هئي.

ٿيلهي اندر هڪ سليٽ، ٽي رائٽنگ ڪاپيون، مور جو هڪ کنڀ، منرل واٽر جي اَڌ پراڻي بوتل جيڪا اڌوري ڀريل هئي. ان کانپوءِ سليٽ تي لکڻ لاءِ قلم ۽ ڪاٺ جي پٽي تي لکڻ لاءِ ڪاني مان ‎ٺهيل ڪِلڪ به موجود هئي.

ان اسڪول بيگ جي مالڪ ٻارڙي جو نالو سفير هو. هو ڪلاس مانيٽر يا پرفيڪٽ هو. هن جي اسڪول جي هڪ ڪاپي ۾ شرارتي ٻارن جا نالا ۽ سندن شرارتون لکيل هيون. سليٽ تي هن هڪ جهوپڙي ‎ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هڪ ڪاپي تي هڪ نصيحت آموز سبق جو خلاصو ڪجهه هن ريت لکيل هو:

“پاڙيسرين جي ڪم اچڻ”

عامر ۽ اسلم پاڙيسري آهن. هڪ ڏينهن اسلم پنهنجي سائيڪل کڻي ٻاهر نڪتو. رستي ۾ کيس عامر مليو. اسلم، اچ عامر منهنجي سائيڪل تي ويهه سير تي ٿا هلون. اسلم سائيڪل تي ويهي رهيو. عامر اچ ته هلون، ٿورو اڳتي وڃي سائيڪل هڪ پٿر سان ٽڪرائجي وئي اسلم اوهه… منهنجي پير مان ته رت نڪري رهيو آهي.

عامر ڏيکار ته… اوهو ڪيترو رت نڪري رهيو آهي. ترس، مان پنهنجو رومال تنهنجي زخم کي ٻڌان ٿو، رو نه، رستي ۾ آءُ توکي پوپٽ به پڪڙي ڏيندس”

مونکي ايئن لڳو “گرلاٽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول” جا اهي پنج سو ننڍڙا اسٽوڊنٽ پوپٽن جي ڳولا ۾ تمام گهڻو پري نڪري ويا آهن:

“هڪ اهڙي وستي آهي، جنهن وستي ۾ قيد ٿيا آهن ٻار، پوپٽ ۽ گل”.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو