Home / ڪرنٽ افيئر / بيگم ڀٽو: سياسي تاريخ جو مظلوم ڪردار
above article banner

بيگم ڀٽو: سياسي تاريخ جو مظلوم ڪردار

 

ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي قبرستان ۾ 23 آڪٽوبر 2011 تي بيگم نصرت ڀٽو کي مٽيءَ ماءَ حوالي ڪيو ويو. انهي قبرستان جي تاريخ به ڏاڍي پيچيده آهي ۽ ان سان ملڪ جي سياست جا اهم راز پڻ لاڳاپيل آهن. 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ آزاد ڪشمير جو اڳوڻو صدر سردار قيوم جڏهن سنڌ جي دوري تي آيو هو ته ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار جي قبر تي دعا گهرڻ کانپوءِ مون کانئس ذوالفقار علي ڀٽو بابت راءِ پڇي هئي جنهن تي هن وراڻيو هو ته “ڀٽو هڪ عظيم انسان هو”

بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان جي چونڊيل وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر واري هئي ۽ هن پنهنجي زندگي نهايت شاهاڻي انداز ۾ گذاري. دولت سندس گهرجي ٻانهي هئي ۽ اختيار به سندس هٿ وس هو ڇو ته هوءَ خاتون اول رهي هئي. سڄي دنيا جا دورا ڪري چڪي هئي، اهم پرڏيهي شخصيتن سان سندس رابطا هئا. ليڪن سندس زندگيءَ جو اصل امتحان ان وقت شروع ٿيو جڏهن 5 جولاءِ 1977 تي فوج اقتدار سنڀاليو ۽ آمر ضيا اڇي ڪاري جو مالڪ بڻجي ويو. ذوالفقار علي ڀٽي جي گرفتاري کانپوءِ بيگم نصرت ڀٽو عمل جي ميدان نڪري آئي ۽ بهادريءَ سان جنگ وڙهندي رهي. ان وقت پ پ ٻن گروپن ۾ ورهائجي چڪي هئي. هڪ گروپ جي اڳواڻي مرحوم مولانا ڪوثر نيازي ڪري رهيو هو جن جو خيال هو ته فوج سان مفاهمت ڪري ذوالفقار علي ڀٽي کي آزاد ڪرائي سگهجي. ٿو. هڪ وڏو گروپ بيگم نصرت ڀٽو جي قيادت ۾ متحد هو. جنهن جي راءِ اها هئي ته سياسي جدوجهد ۽ عوام جي طاقت سان ڀُٽي کي آزاد ڪرائي سگهجي ٿو. فوج سان مفاهمت جي حق ۾ گروپ جي هڪ مک اڳواڻ ڪوٽ لکپت جيل ۾ ذوالفقار علي ڀٽي سان ملاقات ڪري کيس چيو هو ته “جيئن ته توهان حُسنه شيخ سان شادي ڪئي هئي ان ڪري بيگم نصرت ڀٽو توهان کان بدلو وٺڻ چاهي ٿي ۽ توهان فوج سان مفاهمت کانسواءِ جيل کان ٻاهر نٿا اچي سگهو ۽ بيگم ڀٽو ان مفاهمت ۾ رڪاوٽ آهي” شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ان ڳالهه ٻولهه کان بيگم نصرت ڀٽو کي به آگاهه ڪيو هو. ان کانپوءِ سنڌ سان تعلق رکندڙ پ پ جي ان اڳواڻ کي غدار قرار ڏئي بيگم ڀٽو پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو. ان کانپوءِ بيگم نصرت ڀٽو نهايت بهادري سان نهايت ڏکين حالتن جو مقابلو ڪيو. بيگم نصرت ڀٽو سڀ کان پهرين عدالتي جنگ جو رستو اختيار ڪيو هو ۽ ڊگهي عدالتي جنگ سپريم ڪورٽ وسيلي وڙهي هئي، سندس وڪيل مرحوم يحيٰ بختيار هو. سپريم ڪورٽ دٻاءُ جي نتيجي ۾ نظريه ضرورت کي تسليم ڪري ورتو. جنرل ضياءُالحق جي چيف آف اسٽاف جنرل ڪي ايم عارف پنهنجي يادگيرين ۾ تسليم ڪيو آهي ته کيس شريف الدين پيرزادي پاڻ ٻڌايو هو ته: “تڏهوڪي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انوار الحق کي ڌمڪي ڏئي ان فيصلي ۾ ترميم ڪرائي وئي هئي. جيتوڻيڪ بيگم نصرت ڀٽو سپريم ڪورٽ ۾ ته اهو ڪيس هارائي وئي ليڪن هن سياسي محاذ تي جهدوجهد جاري رکي ۽ لڳاتار ڏکين حالتن کي منهن ڏنو، کيس قذافي اسٽيڊيم ۾ زخمي ڪيو ويو، سندس گهيراءُ ڪيو ويو ۽ بي نظير ڀٽو خلاف هر قسم جا هٿ ڪنڊا استعمال ڪيا ويا پر ٻنهي بهادر عورتن بهادريءَ سان جرنيلن سان مهاڏو اٽڪايو.

بيگم نصرت ڀٽو ۽ شهيد بي نظير ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگي بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر اهي ناڪام ٿي ويون. ان المناڪ ڦاهيءَ سان سڄي ملڪ جو منظرنامو بدلجي ويو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي سياست جي انسائيڪلوپيڊيا هو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو سخت سياسي مخالف پڻ. ليڪن هڪ انسان جي حيثيت ۾ هو اعليٰ اصول رکندڙ شخص هو. هن سن ۾ مونکي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو هو ته هو مارشلائي دور ۾ حڪومت جي اجازت سان بيگم نصرت ڀٽو سان تعزيت لاءِ لاڙڪاڻي ويو هو. ڇاڪاڻ جو اها سنڌ جي روايت آهي. سائين جي ايم سيد چواڻي هن بيگم نصرت ڀٽو کي چيو هو ته “جيتوڻيڪ آءُ پ پ ۽ تنهنجي وَر جو سياسي مخالف رهيو آهيان. ليڪن ذوالفقار علي ڀٽي جو لاڳاپو سنڌ سان آهي، ان ڪري سندس ڦاسي تي مونکي گهرو ڏک پهتو آهي. ڀٽو ڪٽنب هن وقت وفاق جي سياست ڪري رهيو آهي پر جيڪڏهن توهان سنڌ جي حقن جي سياست جي شروعات ڪريو ته آءُ توهان جي پٺيان هلڻ لاءِ تيار آهيان. پ پ ڀٽو جي ڦاهيءَ کانپوءِ به جيڪڏهن وفاق جي سياست جاري رکي ته ڀٽو ڪٽنب جو پورو نسل ختم ڪيو ويندو ۽ ڀٽو ڪٽنب کي طاقتور لابي ملڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيندي” ان ڳالهه تي بيگم نصرت ڀٽو، سائين جي ايم سيد کي چيو هو ته: ايئن ڪونه ٿيندو، اسان سان غلام مصطفيٰ جتوئي جهڙا وفادار اڳواڻ گڏ آهن، جيڪي وزارت عظميٰ جو عهدو به ٿڏي چڪا آهن. ليڪن پوءِ جون حقيقتون اهو ٿيون ظاهر ڪن ته سائين جي ايم سيد جي سياسي اڳڪٿي درست ثابت ٿي ۽ ڀٽو ڪٽنب جي هڪ سڄي نسل کي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي قبرستان جو حصو بڻايو ويو.

بيگم نصرت ڀٽو جو ٻيو امتحان ايم آر ڊي جي جوڙجڪ هو، جنهن ۾ هن بهادريءَ سان حصو ورتو. اها تحريڪ عالمي سطح تي اهميت اختيار ڪري چڪي هئي ۽ اندرون سنڌ جي سياسي مزاحمت آمر ضيا کي سياسي مفاهمت تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. جڏهن شاهنواز ڀٽو کي پئرس ۾ قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس مڙهه خصوصي جهاز وسيلي موهن جو دڙو ايئرپورٽ آندو ويو هو. ان وقت آءُ به اُتي موجود هئس. محترمه بي نظير ڀٽو پنهنجي ڀاءُ جو مڙهه پئرس مان ڳڙهي خدابخش کڻائي آئي هئي. بيگم نصرت ڀٽو ۽ بي نظير ڀٽو کي ان صدمي تمام گهڻو متاثر ڪيو. چيو وڃي ٿو ته شاهنواز ڀٽو کي آمر ضيا ڳجهن ادارن ذريعي زهر ڏئي مارايو. هن جي قتل کانپوءِ سندس ٻيو ٽارگيٽ مرتضيٰ ڀٽو هيو.

گهڻو پوءِ مير مرتضيٰ ڀٽو کي سياسي مصلحت تحت پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏني وئي. بيگم نصرت ڀٽو مير مرتضيٰ کي پاڪستان آڻڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊارائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ليڪن سندس ڀيڻ بينظير ڀٽو جي دور ۾ هن جي شهادت ماڻهن کي ڇرڪائي ڇڏيو. مرتضيٰ ڀٽو جي قتل بابت جسٽس ناصر اسلم زاهد جي رپورٽ دل ڌوڏيندڙ هئي ليڪن ان قتل جو اسڪرپٽ لکندڙ ۽ ان تي عمل ڪرائيندڙ چالاڪ ۽ مڪار نڪتا ۽ انهن پوءِ ڀٽو خاندان جي نسل ڪشي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اردوءَ جي هڪ شاعر چواڻي:

خنجر په کوئي ڇينٽ نه دامن په ڪوئي داغ

تم قتل ڪرو هو ڪه ڪرامات ڪرو هو

مرتضيٰ ڀٽو جي قتل کانپوءِ بيگم نصرت ڀٽو زندهه درگور ٿي چڪي هئي. کيس دبئي ۾ بيماري سبب “زندهه شهيد” ۾ تبديل ڪيو ويو. انهي حد تائين جو ساڻس سندس موڀي پٽ مير مرتضيٰ جي ٻارڙن فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار جونيئر کي به ملڻ جي اجازت نه هئي.

تاريخ جو اهو سڀ کان وڏو الميو آهي ته تاريخ مان ڪوبه سبق نٿو پرائي. وچ اوڀر جي حڪمرانن جو زوال، حسني مبارڪ ۽ ڪرنل قذافي جي اربين روپين جي غير ملڪي اڪائونٽس جو هاڻي ڪهڙو فائدو! ليڪن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ شهيد بي نظير ڀٽو جي تصويرن تي سياست ۽ حڪمراني ڪندڙ اڄ به ان سهاري تي زندهه آهن ۽ اهي ملڪ ۽ قوم جي ترقي بدران پنهنجا پرڏيهي اڪائونٽ ڀرڻ ۾ رڌل آهي. اها روش ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي زوال جي انتها آهي!

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو