Home / سياسي افيئر / تاريخ جا ڦَٽيل وَاگهه ۽ آزادي
above article banner

تاريخ جا ڦَٽيل وَاگهه ۽ آزادي

“اسان، ان ڏهاڙي جا منتظر آهيون جڏهن

سنڌ جو ڳاڙهو جهنڊو گڏيل قومن ۾

جُهوليندو ۽ سوڀو سنڌ جي نمائندگي ڪندو. (شيخ اياز)

(ذاتي ڊائريءَ تان ورتل 1971-01-10)

گذريل هفتي فلسطين اٿارٽيءَ جو چيئرمين محمود عباس، گڏيل قومن جي سالياني اجلاس کي خطاب ڪرڻ وقت هڪ ڪاغذ هٿ ۾ لوڏي ڏيکاري رهيو هو ته فسلطيني عالمي اداري وٽ هڪ درخواست داخل ڪري رهيا آهن ته کين گڏيل قومن جو ميمبر بڻايو وڃي. محمود عباس پنهنجي تقرير ۾ زور ڀريندي چئي رهيو هو ته فلسطين ۽ اسرائيل کي ٻه قومي نظرئي (TWO NATION THEORY) جي اصول مطابق مڃتا ڏني وڃي. انهي مطالبي اچڻ کان پوءِ آمريڪي سرڪار رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته “آزادي جو مسئلو ۽ مامرو ئي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اڻبڻت جو ڪارڻ آهي.ا نڪري ٻئي ڌريون يڪجا ٿي مَٿو مَٿي ۾ ڏئي معاملي کي نبيري سگهن ٿيون. هونئن گڏيل قومن جي دائري ۾ اهڙا اختيار ڪونه آهن. جيتوڻيڪ ساڳي گڏيل قومن مورڳو آمريڪا جي چُرچ تي لبيا جي باغي حڪومت کي مڃتا ڏئي ڇڏي.

1974ع جو زمانو. فلسطين جي آزادي (PLO) جو سربراهه ياسر عرفات (2004ع) ساڳي گڏيل قومن جي سالياني ميڙاڪي ۾ هڪ هٿ ۾ بندوق ۽ ٻي هٿ ۾ زيتون جي ٽاري (جنگ ۽ امن جي علامت) تقرير ڪري رهيو هو. سندس تقرير جو تت هو ته پاڻ عالمي انسانيت لاءِ ٻه آڇون يعني جنگ ۽ امن کڻي حاضر ٿيو آهي. هاڻي اهو دنيا جي امن پسند، انسان دوست سوچ رکندڙن جي وَس ۾ آهي ته اُهي فلسطين کي اَمن جي رستي ڏانهن وٺي وڃن ۽ هڪ آزاد ۽ خود مختيار فلسطين جي قيام ۾ هَٿ ونڊائين. يا وَري بم، بارود ۽ رتوڇاڻ جي ڪار وهنوار کي جيئن جو تيئن جاري رهڻ ڏين جيڪو رستو هوريان هوريان ڏاڍ يا عالمي امن کي به ڇيهو رسائيندو. پر 1993ع ۾ ساڳيو ياسر عرفات جيئن ئي اوسلو ٺاهه هيٺ هڪ ڀڳل، ٽٽل ۽ چچريل فلسطيني اختياري جو پوسٽر هڻي سربراهه ٿيڻ قبول ڪيو اهو ياسر عرفات ۽ سندس تنظيم جنهن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي هڪ منفرد ۽ جدا  سڃاڻپ بحال ڪئي هئي. سو هڪ ڏهاڪي کان پوءِ بي وسيءَ ۽ ڪسمپرسي جي حالت ۾ اسرائيل جي گهيري ۾ گذاري ويو. ان سان گڏوگڏ اوسلو ٺاهه ڄڻ ته پاڻيءَ جي مٿان ليڪو ثابت ٿيو ۽ ماضيءَ جو داستان بڻجي ويو. اڄ فلسطين اختياريءَ جو سربراهه مذهبي ۽ فرقيوارڻي بنيادن تي پنهنجي سڃاڻپ جو مطالبو ڪَري رهيو آهي.

1971ع تي جڏهن سکر ۾ شيخ اياز (1997ع) جي آفيس ۾ ڪامريڊ سوڀو، نبي بخش کوسو، مان ۽ ٻيا ڪجهه دوست ويٺا هئاسون. تازو چونڊن جو نتيجو به سامهون آيو هو جنهن ۾ عوامي ليگ ۽ پ پ کي عوامي سهڪار حاصل ٿيو هو ۽ سنڌ ۾ قوم پرست ۽ ترقي پسند ٻوٽو ٻاري ڪونه سگهيا هئا. (هتي يادگيريءَ لاءِ آهي ته شيخ اياز، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ امداد محمد شاهه عوامي ليگ ۾ شامل ٿي چڪا هئا) انهي سموري صورتحال تي سنجيدگيءَ سان بحث هلي رهيو هو ته اوچتو اياز ترنگ ۾ اچي مون کان پڇيو: “تنهنجو به ڪو سنڌ لاءِ سپنو آهي؟”

مان هٻڪندي ۽ مُنجهندي چيو “سنڌ جي خوشحالي!”

“اسان، ان ڏهاڙي جا منتطر آهيون جڏهن سنڌ جو ڳاڙهو جهنڊو گڏيل قومن ۾ جهوليندو ۽ سوڀو سنڌ جي نمائندگي ڪندو” اياز وراڻيو. اياز جو لکيل گيت سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان

مٽيءَ مَاٿي لايان……

جهر جهنگ ۾ گونجي رهيو هو. اياز شهرت ۽ ناماچار جي ستين آسمان تي اُڏامي رهيو هو. رشيد ڀٽي کيس پنهنجي لکڻين ۾ لطيف ثاني جو لقب ڏئي ڇڏيو هو. ان جي موٽ ۾ قدامت پرست سوچ رکندڙ شاعرن ۽ اديبن جي رڌڻن ۾ رولو پئجي ويو. ان دور ۾ زيب عاقلي جو هڪ طنزيه بيت پڻ سامهون آيو.

وجهي ڪلڪَ ڪنن ۾ پائي ڪَارا ڪوٽ

ڀَڄُ ڀٽائي گهوٽ ثاني آئيه سنڌ ۾

1974ع جو زمانو. اياز، ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار ۾ يونيورسٽي جو وائس چانسلر ٿيڻ قبول ڪري هڪ نئون رستو اختيار ڪيو. اياز وائس چانسلريءَ جو مَرتبو سنڀالڻ کان اڳ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو (1979ع) سان ملاقات ڪرڻ لاڙڪاڻي آيو ته سوڀي صاحب جي گهر پڻ آيو. مون کي سوڀي صاحب نياپو موڪليو ته اياز ٿو اچي سو تون هليو اچ. ماني کائڻ دوران اياز پنهنجي وائس چانسلر ٿيڻ بابت راءِ پُڇي. ڪامريڊ چيو ته اڳ ۾ اَمانَ جي راءِ ٻُڌجي. “مان سمجهان ٿو ته سنڌ يونيورسٽي سياست جو هڪ اهڙو آکاڙو بڻجي چُڪي آهي جنهن ۾ سيد ۽ ڀٽو هڪٻئي جي آمهون سامهون بيٺل آهن. سياسي پارٽين ۾ ٿُوم ئي ڪانهي جو جديد طور طريقن سان پاڻ کي منظم ڪري سگهن. انڪري شاگرد تنظيمون ٻارڻ طور ڪتب اچي رهيون آهن. اوهان کي ان ڀڙڪندڙ باهه کان پنهنجا پَاند بچائڻ گهرجن.” مون راءِ ڏيندي چيو.ان جي ابتڙ سوڀي صاحب وچٿرو دَڳ وٺندي چيو: “اَمان، شاگرد سياست ۾ وڌيڪ متحرڪ رهيو آهي ۽ مون کان وڌيڪ ڄاڻ ۽ سُڃاڻ رکي ٿو.” پر اياز زور ڏيندي چوڻ لڳو “مان ته  ڀُٽي سان اڳ ۾ ٿيل ملاقات ۾ اڌو گابري رضامندي ڏئي آيو آهيان. جيتريقدر اڄوڪي ملاقات جو سوال آهي ته ان ملاقات ۾ وزير اعظم مون کي ڪجهه هدايتون ڏيندو” اياز پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي ۽ زور ڏيندي چوڻ لڳو: “مان سوڀا! سنڌ يونيورسٽيءَ کي هڪ مثالي ادارو بڻائيندس ۽ شانتي نڪيتن جون سِڪُون لاهيندي”

ان زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي اندر جساف جي سياست ڪندڙن ۾ ٻه اهم نالا مير مولابخش لغاري ۽ ابوبڪر زرداري هئا. مان ڄامشوري وڃي کين منٿ ميڙ ڪئي ته اياز سان سهڪار ڪيو. ان کان سواءِ اياز پاڻ به اندروني ڊپلوميسي وسيلي جناب جي- ايم- سيد کي راضي ڪري وَرتو هو.

1976 ۾ اياز جيڪو ماضي ۾ اونچي ڳاٽ سينو تاڻي چوندو هو.

اڄ هر ڪنهن جو هي رايو آ

تو نينهن اياز نڀايو آ

تو لاٿا زنگ ضمير جا

تو ڳاتا گيت بغاوت جا

اهو اياز تاريخ جي ٻن چڪين جي پُڙن ۾ ڦاسي پيو هو. سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ گهايل واگهه جيان ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل لُڇي ۽ ڦٿڪي رهيو هو. سندس خلاف پئروڊيون شاعري جي شڪل ۾ اچڻ لڳيون. اها شاعري ميدان ۾ آڻيندڙ اياز جا ڪجهه همنوا پيالي ڀائي هئا جن جو مقصد کيس اماڻي پاڻ ان مسند تي ويهڻ جو معاملو هو. اهڙو اظهار اياز جي هڪ اهم دوست جيڪو پڻ سندس طفيلي اهم عهدي تي ويٺل هو ان مون سان ڪيو هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي چونڊيل سرڪار جو خاتمو آيو ۽ اياز به پنهنجو وارو وڄائي رٽائرڊ ٿي ڪراچي جا وڻ وسايا. ايئن وقت جي سنگهرن ۾ واڙيل اياز مذهبي قدامت پرستيءَ ۾ پناهه وڃي وَرتي. پر پوءِ به اياز هڪ باغي شاعر طور جيڪا عظمت ۽ عزت حاصل ڪئي ان کي ميساري ڪنهن رَديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي نه ٿو سگهجي.

اڄ اسان جي آڏو هڪ سوال سامهون اچي ٿو ته تاريخ جي هٿان اهي ٻئي ڦٽيل واگهه ياسر عرفات ۽ اياز پنهنجو سپنو ساڀيان ٿيندو ڇو نه ڏسي سگهيا؟

فلسطين ۽ سنڌ جي قومي جوڙجڪ جي ابتدائي دور يعني قبائلي ۽ نيم جاگيرداڻي سماج جي گود ۾ پلجي رهيا آهن. اهڙي سماج ۾ فرد جي ڪاميابي کيس هماليه جي چوٽيءَ کان مٿي کڻي ويندي آهي. ٻي پاسي ناڪامي پڻ ڌرتي داخل ڪري ڇڏيندي آهي. انسان کي ڀَلي ديوتا جو درجو ڏيو پر ديوتا جا پير مِٽيءَ تي کتل هوندا آهن. ان سوال جي اندر ۾ جواب آهي، ادارا سازي ۽ ذميواري. جنهن جو حل توهان ۽ اسان وٽ آهي.

aman_lrk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو