Home / ڪرنٽ افيئر / رحمان ملڪ لاءِ سياسي مفادن خاطر پي ايڇ ڊي ڊگري
above article banner

رحمان ملڪ لاءِ سياسي مفادن خاطر پي ايڇ ڊي ڊگري

هڪڙي دور ۾ ڪراچي يونيورسٽي ملڪ جي تمام وڏي يونيورسٽي سمجهي ويندي هئي ۽ پاڪستان جي نمبر ون يونيورسٽي هئي. هن وقت هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي فهرست موجب ڪراچي يونيورسٽي ٽئين نمبر تي آهي. يونيورسٽي ۾ جتي انتظامي طور بدنظمي، اقربا پروري، اختيارن جو ناجائز استعمال عروج تي آهي، اتي پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جا معاملا به استادن جي سياسي ۽ مذهبي ڌرين سان وابستگي جي بنياد تي رکيا وڃن ٿا.

ويجهڙ ۾ ئي ڪراچي يونيورسٽي اقرباپروري جو هڪ مثال قائم ڪندي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ کي ڪراچي يونيورسٽي طرفان پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ڏني وئي، جنهن تي ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڪراچي يونيورسٽي جو هاڻوڪو وائيس چانسلر پيرزاده قاسم جيڪو پاڻ کي شاعر ۽ دانشور سمجهي ٿو. ليڪن يونيورسٽي جي اڇي ڪاري جو مالڪ ٿيڻ لاءِ هن سڀ اصول داوَ تي لڳائي ڇڏيا آهن. هن هاڻوڪي حڪومت جي جنرل “بيريا” (اسٽالن دور جو ظالم وزير داخله) کي پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي منظوري ڏئي قسطائي ذهنيت جو مظاهرو ڪيو. “بيريا” وانگر پاڪستان ۾ رحمان ملڪ جي ڪارپت به سڀني جي سامهون آهي. اهو به نه وسارڻ گهرجي ته رحمان ملڪ اندر سوين معصوم ماڻهن جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هٿان موت جي منهن ۾ وڃڻ بابت ذميوار سمجهيو وڃي ٿو اتي محترمه بي نظير ڀٽو جي شهادت بابت گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ به کيس مجرماڻي غفلت جو ذميوار ڪوٺيو ويو آهي.


ليڪن افسوس جو ڪراچي يونيورسٽي جو وي سي پيزاده قائم منصب حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي کي باهه ڏيندڙن ۽ مقتل گاهه سجائيندڙن کي پي ايڇ ڊي جون اعزازي ڊگريون سونپي رهيو آهي. حالانڪه وائيس چانسلر جي سطح جي ماڻهو جو اهڙي پستي طرف وڃڻ خود سندس سوچ جي خلاف آهي.

هونئن به ڪراچي يونيورسٽي جي قائدن ۽ ضابطن موجب ڪنهن به شخص کي پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جو فيصلو ڪراچي يونيورسٽي جي سينڊيڪٽ ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل ڪندي آهي. ليڪن رحمٰن ملڪ کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏيڻ جي سلسلي ۾ ذڪر هيٺ آيل ٻنهي ادارن کان اجازت نه ورتي وئي. استادن ۽ شاگرد تنظيمن پڻ گورنر هائوس ۾ خصوصي اجلاس کانپوءِ رحمٰن ملڪ کي پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي خلاف احتجاج شروع ڪيو هو جيڪو بعد ۾ به جاري رهيو. هن وقت استادن جي اڪثريت پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ڏيڻ تي رحمٰن ملڪ خلاف پٽيشن تي صحيحون ڪيون آهن. استادن جي سوسائٽي جي اجلاس ۾ به رحمٰن ملڪ کي ڏنل پي ايڇ ڊي جي ڊگري رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

حقيقت اها آهي ته گورنر هائوس ۾ رحمٰن ملڪ کي پي ايڇ ڊي ڊگري ڏيڻ لاءِ تقريب منعقد ڪرڻ سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جو کيڏاڙ آهي. جيڪڏهن رحمٰن ملڪ وفاقي گهرو وزير جي حيثيت ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ وچ ۾ مفاهمت ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ته اها تقريب گورنر هائوس بدران نائن زيرو يا بلاول هائوس ۾ ٿيڻ گهرجي ها. ڪراچي يونيورسٽي جهڙي اعليٰ اداري کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ اعليٰ علمي روايتن جي توهين آهي.

رحمٰن ملڪ کي پي ايڇ ڊي ڊگري ڏيڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج مان ثابت ٿي ويو آهي ته پاڪستان جو عوام بي شعور ناهي ۽ اهڙي غلط قدم خلاف آهي. ياد رهي ته تازو ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي هڪ استاد لقمان پالاري استادن جي سالياني ميڙاڪي ۾ وائيس چانسلر پيرزاده قاسم کان رحمٰن ملڪ کي ڊاڪٽريٽ ڊگري ڏيڻ خلاف احتجاج ڪندي شيلڊ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهو واقعو ان ڳالهه جو مظهر آهي ته هر علمي ۽ ادبي ماڻهو ان راءِ جو آهي ته جعلي ڊاڪٽر بڻايل جي ڀلي ڊاڪٽريٽ جي علمي ڊگري رد ڪئي وڃي.

محمد علي خالد

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو