Home / افيئر / سنڌيت جي صدا
above article banner

سنڌيت جي صدا

ننڍڙي ڪٿا ته پڙهو- ڪجهه مهينا اڳ جپان ۾ سمنڊ اُٿل کاڌي. سونامي آئي، ڌرتي ڌُڏِي. راڄڌاني ٽوڪيو ۾، البت، پاڻي داخل نه ٿيو. زور سان زمين لُڏي. اوڏانهن زلزلا ايندا رهندا آهن.اٽڪل سڀ عمارتون ڪرڻ کان محفوظ جَوڙيون ويون آهن. ريڪٽر اسڪيل موجب لوڏا مثالي شدت رکندڙ هئا. ڀتين ۽ ڇتين ۾ ڏار پيا پر ڊهڻ کان بچي ويون. نقصان هيئن ٿيو- صاف پاڻي مهيا ڪرڻ وارا پائپ ٽٽي پيا. بجلي، گيس، ٽيليفون، انٽرنيٽ نظام ڪم ڇڏي ويا. نيڪال جو سرشتو ناڪاري ٿيو. روڊ ڦاٽي چُڪا. ريل جون پٽڙيون ٽيڏيون ٿي يا اُکڙي ويون. اچ وڃ جا وسيلا متاثر نظر آيا. خلق، بنا ڪنهن بنيادي سهولت جي گهرن ۽ پاڙن تائين محدود. نه لائيٽ، نه پيئڻ جو پاڻي. گيس غائب. فون رابطو پڻ ختم. پنڌ نڪرڻ وارن ڪاڻ رستن منجهه کڏا. گٽرَ ٺڪاءُ ڏئي، ٻاهر وهڻ لڳا. چوڌاري بدبوءِ.

سُڻجي ٿو ته ٽوڪيو هڪ ڪروڙ ماڻهن جو شهر آهي. سٺ سيڪڙو مستقل رهواسي ۽ چاليهارو لک ڪَمِي ڏيهاڙي، ٻهراڙين کان اُتي پهچن ٿا. منجهن رازا، مزدور، ڊکڻ، لوهار، پلمبر، بجليءَ جي ڪم وارا، ماستر، ڪلارڪ ۽ ٻيا شامل آهن. جاپان ۾ ريلوي سسٽم پختن بنيادن تي قائم آهي. ساڍا چار سو ڪلوميٽر رفتار سان ڊوڙندڙ، بُليٽ ٽرين ڪوٺائيندڙ ڪيتريون ئي گاڏيون، ٽوڪيو کان ملڪ جي مختلف حصن طرف يا واپس اُتان کان، وينديون موٽنديون رهن ٿيون. ڄاڻايل چار ملين ليبر روزانو صبح جو، شهر ۾ داخل ٿي روزگار ڪري، شامڙيءَ پوئين پير پنهنجن ڳوٺن ڏانهن رواني ٿئي ٿي. اهو ايئن آهي ته راڻي پور ۽ خيرپور ناٿن شاهه تائين جو رهندڙ جيڪو سنڌ سيڪريٽريٽ جو ملازم هجي، تنهن همراهه کي ڪراچيءَ ۾ ترسڻ جي گهرج ناهي. ڪلاڪ اڌ ۾ سَندس واهڻ ڀرسان لنگهندڙ بُليٽ ٽرين ايندڙ سٺ منٽن تائين آفيس ويجهو پهچائي ڇڏيندس. ٽپهريءَ ڌاري ڊيوٽي پوري ڪري، لوڻو ورائي ته سج لٿي مهل پنهنجي گهر سوڀي ديري هوندو. هونئن به جيڪڏهن سچل يا گلشن حديد ۾ اچي رهندو ۽ سيڪريٽريٽ رَسَڻ لاءِ ڪهڙي به سُواري استعمال ڪري، ڪلاڪ ڏيڍ کان گهٽ نه لڳندس.


جاپان ۾ سونامي ۽ زلزلي جا جهٽڪا منجهند اڍائي وڳي آيا. چاليهه لک پورهيت ٻهراڙين کان ڪهي، ٽوڪيو اندر قسمين ڪسبن ۾ رُڌل هئا. کين سانجهيءَ ڌاري واپس پنهنجي ماڳن ڏانهن پڻ موٽڻو هئو. ٻن ڪلاڪن بعد کين معلوم ٿيو هئو ته هنن جا گهر سُونامي لوڙهي چُڪي ۽ بُليٽ ٽرين برداشت ڪندڙ ريلوي پٽڙيون ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويون. شاهراهون هنڌان هنڌان ڦاٽي پيون. شهر جا رهواسي پاڻ ئي آزار ۾ هئا، چار ملين ليبر کي وري ڪٿي ترسائين؟ چڱي ڳالهه اها ته ڪنهن وٽ به سواليه نشان ڪونه هئو. هڪ خودڪار نظام هيٺ معاملا سڌا ٿيندي نظر آيا. زلزلي جي ٽيهن منٽن کان پوءِ گَهڻ مَاڙ ڊپارٽمينٽل اسٽور (ڀُل نه ٿئي ته نالو “شِي” آهيس) جي سنڀاليندڙ جي ذهن ۾ خيال آيو. وٽن ٻئي سامان سان گڏ ڪنڊ پاسي ۾ کاڌي جي شين جو هَٽُ پڻ آهي. گودام ۾ ويا. بسڪٽ، ڊبل روٽيون، دٻي بند گوشت، مڇي، ڪولڊ ڊرنڪس۽ مِنرَل واٽر کڻي اچي عمارت سامهون فوٽ پاٿ تي رکيائون. احساس هئن ته ٽوڪيو منجهه لکين بي گهر ڦاسي چڪا هئا. “جيڪا شيءَ کپيوَ سا کڻي وڃو. جيترا ڏوڪڙ ڏئي سگهو ٿا سي دَٻي ۾ وجهي ڇڏيو”- لِکي، تختي ٽنگي ڇڏيائون. ڏسندي ڏسندي ڀرپاسي ۽ شهر جي ٻين علائقن ۾ قائم اسٽورز ۽ هوٽل وارن به ساڳيا پير ورتا.

رات جو ڇهه ملين ۽ ڏينهن وقت هڪ ڪروڙ آبادي رکندڙ ٽوڪيو، زلزلي جا آفٽر شاڪس برداشت ڪندي، نئون لقاءُ ڏٺو. چاليهه لک پورهيت. پلمبر، لوهار، بجليءَ جي ڪم جا ڄاڻو، ڊکڻ، رازا، مزدور، سينيٽري ورڪرز، ٽيليفون ۽ گيس لائنون مرمت ڪرڻ وارا- حالتن جي نزاڪت محسوس ڪندي ۽ دربدريءَ مان نڪرڻ ڪاڻ، فوٽ پاٿ تي رکيل کاڌو واپرائي، چَپَ چٽيندا، جن کي جتي ضروري لڳو سي جُنبي ويا. لوهار، ريل جون پٽڙيون سِڌيون ڪرڻ لڳا. بجليءَ جو سرشتو ٺيڪ ٿيڻ شروع ٿيو. پلمبر ۽ سينيٽري ورڪرز پاڻيءَ جا پائپ، گيس ۽ نيڪال جا نظام دُرست ڪرڻ ۾. رازا، مزدور- رستن جا کڏا ڀريندي نظر آيا. ٽيليفون ٻيهر وڄڻ لڳا. شهري فليٽن کان ٻاهر اچي سندن هٿ ونڊائڻ ۾ رُڌل. ايئن فقط ٽِن ڏهاڙن اندر ٽوڪيو جهڙي ڪشادي وسندي ٻيهر حياتيءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳي. چار ملين مفت، وَنگاري ليبر صبح شام هڪ ڪري اُتي بنيادي سهولتون بحال ڪري ڇڏيون. ساڳي صورتحال سموري جپان ۾ هئي.

ٽي وي فوٽيج ۽ اخباري تصويرون آهن- سخت سردي ۽ برسات پوندي اُهي کُلئي آسمان هيٺ، رات جي وڳڙي، ڪنبل اوڍيو، ماٺ ڪيو ويٺا رهيا. باک ڦٽندي، آلن لَٽَن سان، بيلچا کنيو پنهنجي گهرن جا اڱڻ سِڌا ٿي ڪيائون. جڳ جهان به واهر ڪين. سڀني جا ٿورا مڃيندي سِرَ مٿان آيل آفت سان پاڻ مُنهن ڏيندا رهيا. اسان وانگر نه ته مصيبت جي گهڙيءَ هٿ اُڀا ڪيو “امداد- امداد” پئي آلاپجي. منجهائن ڪجهه ماڻهو احتجاج طور روڊن تي به آيا. پئسي ڏوڪڙ يا راشن خاطر نه ائٽمي پلانٽ جي ٽٽڻ بعد اُن مان خارج ٿيندڙ شعاعن جي انساني جسمن ۽ ٻي جيوت تي هاڃيڪار اثرن خلاف. دنيا ڏٺو ته سرڪار کانئن معافي وٺندي، پُهتل تڪليف بخشرائڻ آئي. مهانگين هوٽلن جي عملي اُتي ترسيل مهمانن کي ادب سان ڪمرا خالي ڪرڻ جو چيو. ڏتڙيل شهرين کي وقتي طور رهائڻ لاءِ. ڀونچال سمئه حواس ڪيئن قابو رکجن تنهن جو مظاهرو پِتڪڙن جاپانين چڱي نموني ڪري ڏيکاريو.

ڄاڻايل هاڪاري روش کي ڇا سَڏجي؟ پاڻ واري پرڳڻي ۾ لفظ ‘قوميت’ ايترو خوار خراب ٿي چڪو آهي جو انگريزي محاورو “نيشن هوڊ” ڪتب آڻڻو ٿو پوي. هتي ‘قوميت’ اسم طور استعمال ڪري هاڻ ذاتيون به نيشنلٽيءَ جو ليبل خود مٿان چنبڙائڻ جا سانباها ڪن ته اچرج نه وٺي. بلوچ قوميت، پشتون قوميت….. رياستي ريطارق. مهاجر قوميت… بندوق جي ناليءَ مان ڦٽل ريطارق. مِلت… ضيائي ريطارق.  نَه وسارجي ته قوميت هڪ وصف پڻ آهي. گُڻ، رويو، ڪرت. نيشنلٽي جي مطلب ۾ نه پر نيشن هُوڊ جي معنيٰ ۾. جتي وصف ۽ ظرف اڻلڀ وکر هجن اُتي گرامر به ته اڌورو اڌورو هوندو. اسم يا نالا ڳڻائي ڪم ٽپائبو. رياستي ريطارق يا لفاظيءَ ۾ سنڌي ڀلي قوميت پيا ڪوٺجن، اُتهاس جي روشنيءَ ۾ ته قوم طور نمودار آهن. ڪوئي  اکيون ٻوٽي ته سندس مرضي. افسوس جو قوميت هڪ وصف مثل هتي ناپيد آهي. سنڌيت ورلي نظر ٿي اچي. نيشن هُوڊ الوپ آهي. گذريل ٻن ورهين دوران آيل برساتون، ٻوڏ جي نتيجي ۾ دربدري، بُک، رسوائي ۽ وري اسان پاران ڏيکاريل مثالي بي حسي، بي عملي…..! هتي “بي حيائي” پڻ لکڻ کپي. عمر ڪوٽ ضلعي جو واقعو دهرائيندي- اثر رسوخ رکندڙ شودا ٻوڏ ستايل ڪڙم جي جُهڳيءَ پهچن ٿا. مردن کي ڏهه ڪلوميٽر پري راشن وصول ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ٿو وڃي. پوئتي رهيل عورتن سان ساڳي جهوپڙيءَ اندر جنسي ڏاڍائي. هڪ مائي ڪچو ٻار به ڪيرائي ٿي ويهي. “بي حيائي” کان وزني محاورو ڪتب آڻڻ جو اڌيڪار گهرجي.

ايشيا وَسيَل جاپاني ماڻهن جو ذڪر ڪڍندي تسلي ٿي ملي. نيشن هُوڊ يا قوميت- جيئري جاڳندي، ذميوار قوم هئڻ جو مظاهرو ڪرڻ، ثبوت ڏيڻ- جنهن کي پاڻ هتي سنڌيت جو ويس ڍڪائي سگهون ٿا، سا پنهنجي لوڪ ۾ نهارڻ ڪاڻ اکيون ٿيون سِڪن. ضروري ناهي ته هر ڀيري مصيبت مهل اهڙو لقاءُ ڏسجي. اهو پرڪار اسان جي ڪُل اٿڻي ويهڻيءَ ۾ پسجي. دنيا ۾ تنهنَ طرح جي روش عام آهي. هر هڪ شهري سَندي معاشري، قوم جي روش رڳو جسماني لحاظ کان نه، دلئون به سلهاڙيل آهي. فرد ۽ سماج، قوم جو ڳانڍاپو گڏيل حياتياتي تسلسل لاءِ نهايت گهربل عنصر آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بقا جنهن کي ٿو چئجي سي مظهر، اسان منجهه هاڻوڪي بي حسي ۽ بي عمليءَ وسيلي ڪيئن حاصل ٿيڻ جوڳا آهن؟ ڏکي گهڙيءَ موٽ ۾ هتي ڇا ڏنو آهي؟ شڪ نه آهي ته ماڻهو آزار ورتل آهن. مشڪلاتن سان مُهاڏي ۾. تڪليفن ماريا. اُڃيا، بُکيا‏، اڱ اُگهاڙا. بيمار ۽ بَي اجهي. تبديليءَ ۾ ويساهه وڃايل. پر ڇا امداد، خيرات ۽ پِنَ جي عادت چڱا اهڃاڻ آهن جن حوالي پاڻ پنهنجي سنڌيت ڪري ڇڏيون؟ مادرِ وطن جي ٻيهر تعمير لاءِ نڪري نه پئون؟ لوهار ڊکڻ، رازا، مزدور، ڪلارڪ، ڊاڪٽر، انجنيئر، اُستاد….. سڀ جو سڀ. جنهن وٽ جا مهارت هجي سا صرف  ڪري.ڪروڙين سنڌي آهيون. هڪ هڪ ڪري سِرَ ٺاهيندا، هڻندا وڃئون- مهيني ۾ فرق اچي ويندو.

ڪاش! هي لفظ اوهان جي مَن ۾ پيهي وڃن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو