Home / ڪور افيئر / سياسي ملاکڙي جي شروعات
above article banner

سياسي ملاکڙي جي شروعات

 

سوشل ميڊيا واري ويب سائيٽ تي هڪ مائيءَ عمران خان جي موقف جا ٻه پاسا اهڙي نموني سامهون رکيا جو ڳالهه ڊجيٽل لاڪ وانگر کلي پئي؛ “ڪرپٽ سياستدانن کان مال واپس ورائڻ لاءِ سول نافرماني جي تحريڪ هلائينداسين.” ……. “طالبان پنهنجا ماڻهو آهن، انهن سان وڙهجي نه، پر ڳالهيون ڪرڻ کپن.” يعني وائيٽ ڪالر ڪرائم جا مبينه ڏوهاري سياسي ماڻهو ته کيس قبول ڪونهن پر هو جيڪي سيڪيولر طرز زندگيءَ جي نڙيءَ تي ننهن ڏيو ويٺا آهن تن لاءِ هن ڊسڪو خان جي چپن تي ست بسم الله آهي.


ڇا ته سمبالزم هو! عمران خان پنهنجي جلسي ۾ سڀ کان اڳ اسٽيج تي اچي نماز پڙهي. آگيا عين جلسي ڪي اندر وقت نماز. پر اڳتي هلي جلسو ڊگهو ٿيو ته ٻه ٻيون نمازون قضا ٿي ويس، پر اها ايڏي اهم خبر جيو ٽي وي نشر نه ڪئي. تقرير ۾ هن جيڪا وڏي ۾ وڏي ڳالهه چئي سا اها هئي ته “پاڪستان جي پاسپورٽ کي دنيا ۾ عزت ڏياربي.” هن اهو ڪونه ٻڌايو ته سواءِ سيڪيولر دنيا جا جائز مطالبا مڃڻ جي ٻي ڪهڙي اهڙي جادوءَ جي ڇڙي وٽس آهي جيڪا ان بدنصيب کي عزت ڏيارڻ وارو ميجڪ ڪري سگهي ٿي. پر انهن ڳالهين کي ڪير ٿو ڏسي! اپر ڪلاس ۽ نوجوان پنجاب کي عمران خان ملڪ جو واحد “غيرت مند” سياستدان نظر اچي ٿو. غيرت جون اهي ڳالهيون شهري اپر ڪلاس جي ان ٽوئرسٽ لڏي جي فرمائش تي چيون پيون وڃن جنهن جو هڪ پير پاڪستان ۾ ۽ ٻيو سينٽرل يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ هجي ٿو. غيرت جون اهي ڳالهيون ڏيهان ڏيهه وڃي وسندڙ پنجاب جي ان ڊاياسپورا جي به هانءُ ۾ لينڊ ڪن ٿيون جنهن کي هيئر ٽرانسپلانٽ ڪرائڻ ۽ آئلٽ جهڙي انگريزي سکڻ جي باوجود ميان برادران “پينڊو” نظر اچن ٿا. ڏوهه ايترو آهي ته ميان برادران سڄو پنجاب ساڻ کڻن ٿا جنهن ۾ اها ٻهراڙي به اچي وڃي ٿي جنهن سان هنن ثقافتي وير رکيو آهي.

جيڪڏهن تجزيو ڪبو ته مٿي ذڪر ڪيل ٻن اشرافيه طبقن جي نمائنده گروهن ملڪي تاريخ جو وڏو حصو پاڻ کي سياست جهڙي ڪُڌي ڪم کان مفاصلي تي رکيو ۽ اڻ سڌي سياست ڪئي. هنن کي جيڪي ڪجهه گهربل هو سو سڌيءَ ريت سياست ڪرڻ بنا ئي کين هٿ اچي ويندو هو. سو “ڊريڪٽ” سياست گهڻي ڀاڱي پٽواڙيءَ سان مُڪ مُڪو ڪندڙ جاگيردار ۽ زميندار طبقي جو ٺڪاڻو وڃي ٺهي جنهن ۾ فرسٽريشن جي شڪار ٿيل محروم ماڻهن لاءِ به سرور جو سامان موجود هو.

پر وقت بدلجي ويا آهن. پهاڙي علاقن ۾ جاچوس لڏي جي پاٿارين تي ويهاريل ڪجهه اڃا به وڌيڪ غيرت مند ماڻهن دنيا جا نو يارهن وڄايا آهن ته هاڻي پنجاب جي اپر ڪلاس جي هن سياست بيزار نازڪ مزاج ماڻهن کي ٻه وڏا مسئلا اچي درپيش ٿيا آهن. هنن جو تجزيو اهو وڃي بيٺو آهي ته انهن مسئلن مان هاڻي کين سياست ئي آجو ڪرائي سگهي ٿي. مسئلا ٿلهي ليکي هي آهن ته لوڪل ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي هاڻوڪي اولاد لاءِ ان جي فيوريٽ جاين يعني يورپ ۽ آمريڪا ۾ اڳتي وڌڻ جون نيون راهون کلندي رهڻ جي نه کٽندڙ سلسلي جو هاڻي انت ٿي چڪو آهي ۽ اڳ موجود راهون سُسي، بلاڪ ٿي، بند ٿي ويون آهي. “کاتي پيتي گهراڻن” جي هنن ماڻهن مان جيڪي پوريءَ ريت ڍاول آهن، تن کي وري اهو سور آهي ته مال جي ته “خدا ڪا ديا سڀ ڪڇ هي،” پر هن پاسپورٽ جي ڪري ترقي يافته دنيا ۾ هنن جي ايتري به عزت ڪانهي جيتري ايٿوپيا جهڙن آفريڪي ملڪن مان ايندڙ ماڻهن جي آهي. هاڻي انهن ٻنهي گروپن جيڪي ري ـ ايڪشنري قسم جا ڪم ڪيا آهن تن ۾ هڪڙن وڃي طالبان سان سڌيءَ ريت رابطا ڳنڍيا آهن. طالبان سان اهڙا فارين پلٽ پاڪستاني نوجوان ڪم ڪري رهيا آهن جن کي هتان واريون ٻوليون ڳالهائڻ به ڪونه ٿيون اچن. ٻيا ان راءِ تي اچي بيٺا آهن جيڪا مٿي بيان ڪئي وئي آهي ته ملڪ جي سياست تان گهٽ غيرتمند ماڻهن جو قبضو ڇڏرائجي ۽ ان کي پنهنجي لاءِ استعمال ڪجي. هنن ۾ ڪلين شيو ساڄي ڌر وارن ماڻهن جي اڪثريت آهي ۽ پهريون ڀيرو هنن ماڻهن جو ڪم پاڪستان جي پاپولر سياست ۾ اچي ڦاٿو آهي. هو سمجهن ٿا ته سياست کي نئون رنگ روغن ڪري هو ان کي پنهنجي استعمال جي قابل بنائي سگهن ٿا ۽ ان وسيلي پنهنجا مفاد حاصل ڪري يا بچائي سگهن ٿا. عمران خان واري جلسي کان پوءِ ڇوڪرن کان علاوهِ ڪيترين وڏ گهراڻين بيگمات ۽ ڇوڪرين ميڊيا کي ٻڌايو ته هو زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي جلسي ۾ آيا آهن ۽ هو پهريون ڀيرو شايد ووٽ ڏيڻ به ويندا ڇاڪاڻ جو عمران خان جي شڪل ۾ هن ملڪ کي پهريون ڀيرو ڪو سچو غيرتي سياستدان هٿ چڙهيو آهي.

هي اهي ماڻهو آهن جيڪي پنجاب اندر خوفناڪ قسم جو اهڙو طبقاتي جاتي واد ٺاهيو ويٺا آهن جتي “پينڊو” هڪ نفرت ڀريو Racist اصطلاح آهي. هي ماڻهو نظاميءَ جهڙي سافٽ ويئر کان به وڌيڪ پاڙي پتي جا دشمن آهن ۽ هنن وٽ عزت جي تصور جو هڪ لازمي پاسو اهو آهي ته پاڙيسري دشمن ملڪ کان پراڻا پلاند ڇڏائڻ سان ئي دنيا ۾ پنهنجي عزت بحال ڪرائي سگهجي ٿي. پنجاب ۾ هندستان دشمنيءَ لاءِ هونئن به اهو ضروري ڪونهي ته ماڻهوءَ هروڀرو مذهبي به هجي. تنهن ڪري هي جينز پهريل فنڪي قسم جا نوجوان ماڻهو هڪ ئي وقت آمريڪا، ڀارت ۽ اسرائيل جهڙن ملڪن کي ايترو ئي هيٺ ڏيکارڻ چاهين ٿا جيترو ڪنهن مذهبي جماعت جا فرض شناس هاڪي باز ايئن چاهيندا هوندا.

هنن کي پنهنجي شهري طبقي جو “غيرت مند” ماڻهو تخت تي ويهارڻ جي ڏاڍي تڪڙ آهي. سياست ۾ “نوان آيا اين” وارن هنن سهڻن کي اهو به احساس ڪونهي ته پنجاب جي ٻهراڙيءَ کي مارجينلائيز ڪرڻ سان هنن جي سيٽن جو تعداد ڪيئن پورو ٿيندو؟ عمران خان ته ڇير ٻڌيو تيار ٿيو بيٺو آهي پر هن لاءِ نو مڻ تيل ڪٿان گڏ ٿيندو؟ سينيئر صحافين جو تجزيو آهي ته آخر ۾ هي گروپ “نه کيڏان گي نه کيڏڻ ديئان گي” چوڻ تي مجبور نه ٿئي. گهڻي گهڻي، ته هي لڏو مرڳو پاڪستان جي اليڪشني تماشي جو ئي مخالف ٿي بيهي سگهي ٿو.

هاڻي اچون ٿا پنجاب جي پينڊو پارٽي مسلم ليگ جي ڀاٽي گيٽ واري جلسي تي. ان جلسي ۾ جيڏي بي ترتيبي هئي ۽ ماڻهو جيئن وائڙن وانگر ڦري رهيا هئا، جيئن نعرن جي وراڻي ڏيڻ وارو به ڪو ڪونه هو تنهن هن پارٽيءَ جي ڪمزوري صفا وائکي ڪري ڇڏي آهي. مٿان وري اهي الزام ته رڳا سرڪاري ملازم ۽ تپيدار آيل هئا جن نعرن جا جواب ڪونه ڏنا. اها ايڏي مجبور ريلي هئي جيڪا چرئي وانگر پنهنجي وس ۾ ئي ڪانه هئي. ڪيترن ليگي ليڊرن ڪنڊن پاسن ۾ اهي ڳالهيون چيون آهن ته ان کان ته ماٺ ڀلي هئي. هاڻي اهڙي پارٽي نه رڳو صدر زرداريءَ کان مارچ واري اليڪشن کسڻ ٿي چاهي پر پنجن سالن وارو وارو وٺڻ لاءِ به سنبري رهي آهي.

هن ريليءَ ۾ ڇوٽي ميان پاران گلوڪاريءَ جي ميدان ۾ پير پائڻ به ان کي فون واري مزاحيه ليڊر جي ويجهو آڻي ڇڏيو آهي. ريليءَ جي ٻئي ڏينهن اخبارن کي صحافي مائي ڪم بارڪر جو ڪتاب “طالبان شفل” هٿ اچي ويو جنهن اهڙا پيرائتا احوال لکيا آهن ته ڪيئن نواز شريف کيس دوستي ڪرڻ لاءِ ايلاز ڪندو رهيو. اردو اخبارن ان ڪتاب مان لاڳاپيل حصا ڇاپي نواز شريف جي “ريٽنگ” وڌائي ڇڏي. هوڏانهن حمزه شهباز جو اسڪينڊل به ساڳئي وقت پڌرو ٿيو ته ڪيئن هن هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪري هڪ ٻار پيدا ڪري کيس لاوارث ڇڏي ڏنو ۽ هاڻي شاديءَ جي ئي ترديد ڪري ٿو. ڪونهي حال ميان صاحب جي ٻارن جو! سياسي توڻي اخلاقي ڪمزوري ۽ پستي نواز ليگ کي اهڙو اچي ڪيرايو آهي جو عمران جهڙن لاءِ وجهه پيدا ٿيو آهي ته اهي “وٺوس، نه ڇڏيوس!” ڪري ان کان گهٽ ۾ گهٽ شهري پنجاب جو ووٽ بينڪ ڦري وٺن. ڪجهه ڪجهه اهڙا اشارا ملي رهيا آهن ته چيف صاحب گيئر مٽائڻ وارو آهي، تنهن ڪري سياسي مارڪيٽ ۾ پاسا مٽائيندڙ ماڻهن جو تعداد وڌندو ٿو وڃي. ڪجهه “دبنگ” سياستدانن جي شموليت کان پوءِ، جي ٽي روڊ سان لڳندڙ سينٽرل پنجاب جي سڀني ننڍن وڏن شهرن مان پڙهيا ڳڙهيا ماڻهو عمران واري پاسي ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. ان ڳالهه جا ٿورا چانس ٿي پيا آهن ته عمران ڪجهه سيٽون ڪڍي ايندو جيڪا اڳي هوائي ڳالهه لڳندي هئي.

ٽين ريلي وڃي ڪراچيءَ مان ٿي جنهن پڻ ماڻهن جي سوچڻ ۽ کلڻ جو سامان پيدا ڪيو. نواز ليگ چيو ته هي ڪهڙي ماجرا آهي؟ ڌڪ پي پيءَ کي هنيو سون عدت ۾ وڃي ايم ڪيو ايم ويٺي آهي. هنن ان کي “رينٽ اي ريلي” به سڏيو. ڪيئن به هجي، ڪجهه ماڻهو ايم ڪيو ايم جي ريليءَ کان پوءِ آصف زرداريءَ جي صدارت جو خير گهري رهيا آهن. هنن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جڏهن به ڪنهن صدر جي حمايت ۾ “طاقت جو مظاهرو” ڪندي آهي ته ان کان پوءِ ان صدر جي گيم وڄندي دير ئي نه ٿيندي آهي. پر جنهن نموني الطاف حسين موقعي شناسيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي تنهن جو به داد ڏنو پيو وڃي. هن اهو ڪريڊٽ کنيو ته هن زرداريءَ جو نالو صدارت لاءِ تجويز ڪيو هو. هاڻي هن سندس صدارت بچائڻ لاءِ طاقت جو مظاهرو ڪري پي پيءَ وارن تي نه لاهڻ جهڙو ٿورو ڪري ڇڏيو آهي.

“پڙهيل لکيل پنجاب” جي لاڏلي ميڊيا عمران خان جي ريليءَ کي جنهن نموني ڪوريج ڏيئي چار چنڊ هڻي ڇڏيا تنهن مان ته لڳو پئي ته ڄڻ اها پئسا ڀري ڪوريج ڪرائي وئي هجي. ٿوري ٿوري دير کان پوءَ خان صاحب جي تقرير ۾ ڪمرشل بريڪ اچي رهيا هئا جنهن ۾ پاڪستان جو قومي ترانو ٻڌايو ٿي ويو يا ٻيا “ملي” نغما ٻڌايا ٿي ويا. ان کان علاوه پاپ سنگرز جا بينڊ الڳ آيل هئا. رڳو ڀنگڙا ئي ڀنگڙا هئا. ڇوڪرا پارٽيءَ کي ٻيو ڇا کپي؟

پنجاب جي غيرت مند ماڻهن جي اڪثريت جو ته ذڪر ٿي ويو. هاڻي ڪجهه اقليت جو به ذڪر ٿي وڃي جن مان ڪن بهادر ماڻهن بنا رک رکاءُ جي پاڻ کي “بي غيرت” سڏرائڻ شروع ڪيو آهي. هي کاٻي ڌر جي دانشورن ۽ سياسي استادن جا پڙهايل ٽي ڇوڪرا آهن جن “بي غيرت بريگيڊ” جي نالي سان پنهنجو بينڊ ٺاهي پهريون سياسي گانو رليز ڪيو آهي. طنز سان ڀريل هن پنجابي گاني ۾ ڪيترين ٻين مزيدار شين سان گڏوگڏ عمران خان جي پارٽيءَ کي جيڪو نالو ڏنو ويو آهي سو ان جي اصل حقيقت جي تمام ويجهو آهي. هن گاني ۾ تحريڪ انصاف کي “گُڊ لُڪنگ جماعت اسلامي” سڏيو ويو آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو