Home / افيئر / سٽي وارڊنز: ڪراچيءَ جي امن لاءِ خطرو
above article banner

سٽي وارڊنز: ڪراچيءَ جي امن لاءِ خطرو

 

ڪراچي جي شهري حڪومت طرفان 2006 ۾ جوڙيل کاتي سٽي وارڊنز جي قانوني حيثيت جي حوالي سان شڪ شبها اڃا تائين موجود آهن. جڏهن ته شهر ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال جي حوالي سان ڳجهن ادارن جي جاري ڪيل رپورٽن ۾ به سٽي وارڊنز کي شهر ۾ مستقل امن لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو آهي. هن کاتي ۾ متحده قومي موومينٽ جي 10 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي ڪميونٽي پوليس مين ۽ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.

2008 ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ان کاتي جي قانوني حيثيت بابت سوال اٿارڻ تي ڪراچي جي اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال ”ڪميونٽي پوليس” جو نالو مٽائي “سٽي وارڊنز” رکي ڇڏيو هو ۽ متحده قومي موومينٽ جي دٻاءُ تي پ پ بعد ۾ ايم ڪيو ايم جي ٻين مطالبن وانگر هن کاتي جي قانوني حيثيت جي معاملي تان هٿ کڻي خاموش ٿي وئي.

ڪراچي جي هر علائقي، هر اهم روڊ ۽ پوش علائقن سان گڏ هر اهم جاءِ تي سٽي وارڊنز جي مقرري کي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جا شهري شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ملندڙ جلندڙ ورديون پاتل اهي اهلڪار عام طور تي چونڪن تي خاموشيءَ سان ماحول جو جائزو وٺندي نظر ايندا يا وري ڪڏهن ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪندي. سنڌ پوليس طرفان به ماضي ۾ ان محڪمي خاص طور تي ان جي اڳوڻي نالي “ڪميونٽي پوليس” جي حوالي سان شديد تحفظات جو اظهار ڪيو ويندو رهيو آهي. پوليس آفيسرن جو چوڻ هو ته ڪميونٽي پوليس طرفان ريگيولر پوليس وانگر ورديون ۽ گاڏيون استعمال ڪرڻ سبب عوام ۾ شڪ ۽ شبها موجود آهن، ان ڪري ان کاتي جو نالو تبديل ڪيو وڃي.

2006 ۾ ان محڪمي تي ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال جي دور ۾ غير قانوني قرارداد وسيلي ان جو قيام عمل ۾ آندو ويو. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به نئين کاتي جي جوڙجڪ لاءِ پوءِ اهو کڻي شهري حڪومت جي ماتحت ڇو نه هجي، صوبائي اسيمبلي ۽ صوبائي حڪومت جي رضامندي ضروري هوندي آهي ۽ ان لاءِ قانوني ۽ آئيني تقاضائون به پوريون ڪرڻيون پونديون آهن. سياسي ۽ مذهبي پارٽين پ پ، عوامي نيشنل پارٽي، جماعت اسلامي ۽ سنڌي قومپرست منڍ کان وٺي سٽي وارڊنز جي مقرري جي مخالفت ڪندا رهيا آهن.

ان حوالي سان “افيئر” سان ڳالهائيندي قانوني ماهر حق نواز ٽالپر جو چوڻ هو ته “ميونسپل سروسز طرفان اهڙو فورس ٺاهڻ جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به ناهي. اصل ۾ 2000ع ۾ ڪراچي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ٺهڻ کان اڳ شهر جا معاملا ڪي ايم سي سنڀاليندي هئي ليڪن مشرف دور ۾ جتي هڪ طرف غير آئيني ۽ غير قانوني منصوبن هيٺ لوڪل باڊيز سسٽم متعارف ڪرايو ويو اتي پنهنجي حامي سياستدانن کي خوش ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ حيدرآباد کي چئن ضلعن ۾، دادو کي ٻن ضلعن ۾ ۽ ٿرپارڪر کي ٽن ضلعن ۾، نوابشاهه کي ٽن ضلعن ۾  ۽ لاڙڪاڻي کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو. جڏهن ته ان جي ابتڙ ڪراچي ۾ متحده کي سياسي طرح فائدو پهچائڻ خاطر پنجن ضلعن ۾ ورهايل شهر کي هڪ ضلعو بڻايو ويو.” هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ کان اڳ ڪي ايم سي وٽ هڪ “واچ اينڊ وارڊ” جو شعبو هوندو هو جنهن جي ذميواري شهر جي ميونسپل سروسز جي نگراني ڪرڻ هو. ان شعبي کي اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال جي دور ۾ سٽي ڪائونسل جي فقط هڪ قرارداد جي ذريعي باقاعده الڳ ڊپارٽمينٽ بڻايو ويو، جنهن جو نالو ڪميونٽي پوليس رکيو ويو، جنهن کي هاڻي سٽي وارڊنز چيو وڃي ٿو. قانون ۽ آئين موجب ڪوبه کاتو جوڙڻ کان اڳ ضروري هوندو آهي ته لاڳاپيل صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي اجازت کانپوءِ ان کي صوبائي اسيمبلي کان منظور ڪرايو وڃي، پر هتي ايئن نه ڪيو ويو”. هن چيو ته هن کاتي ۾ اهڙي پارٽي جي ڪارڪنن کي ڀرتي ڪري شهر جي چونڪن تي بيهاريو ويو آهي جنهن تي اڳ ۾ ئي دهشت گردي جا الزام آهن جنهن ڪري شهري عدم تحفظ جو شڪار آهن.

جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ هڪ اڳوڻي يوسي ناظم جو چوڻ هو ته “جهڙي ريت ڪراچي جا 300 کان وڌيڪ عوامي پارڪن ۽ ٻين پبلڪ جاين کي شهري حڪومت جي قرارداد وسيلي متحده جي مقتول ڪارڪنن جي وارثن جي ڪالونين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي بلڪل ان وانگر ڪميونٽي پوليس واري محڪمي جي جوڙجڪ ڪئي وئي آهي. هن کاتي ۾ شروعاتي طور ايم ڪيو ايم جا 7500 ڪارڪن ڀرتي ڪري کين پوليس جهڙيون ورديون پوليس موبائلون، واڪي ٽاڪي سيٽ ۽ ٻيو ضروري سامان مهيا ڪيو ويو آهي” ظاهري طرح غير هٿياربند نظر ايندڙ سٽي وارڊنز جي حوالي سان ڳجهن ادارن جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته انهن وٽ موجود موبائل گاڏين ۾ هٿيار موجود هوندا آهن. واضح رهي ته 29 آگسٽ 2011 تي سنڌي وسندي چڪرا ڳوٺ ۾ شهرين ۽ پوليس وين تي حملي ۾ ڪميونٽي پوليس عرف سٽي وارڊنز جا اهلڪار ملوث ڄاڻايا ويا آهن. واقعي جي حوالي سان مختلف ٽي وي چئنلز طرفان رليز ڪيل ايڪسڪلوسِو منظرن ۾ سٽي وارڊنز جا اهلڪار پنهنجي وردين ۾ شهرين تي فائرنگ ڪندي نظر آيا. اهي فوٽيج يو ٽيوب تي (chakra goth incident) لکي به ڏسي سگهجن ٿا.

انهي واقعي ۾ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ مارجندڙ جوابدار شاهد عرف برگر ۽ زخمي سهيل آرائين عرف ڪمانڊو جو تعلق سٽي وارڊنز سان ٻڌايو پيو وڃي. جڏهن ته ويجهڙ  ۾ ئي رينجرز هٿان گرفتار ٿيندڙ ڪيترائي ٽارگيٽ ڪلر جن ۾ نديم موٽا، آصف عرف ڪالا منا وغيره شامل آهن جو تعلق به ڪميونٽي پوليس سان ثابت ٿي ويو آهي. مذڪوره دهشتگردن ڪميونٽي پوليس جي گاڏين ۾ هٿيار سپلاءِ ڪيا، ٽارگيٽ جي مخبري ڪرڻ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي اڻ ڳڻين وارداتن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم آڏو ڪيو.

ان سموري معاملي جو دلچسپ پهلو اهو آهي ته اپريل 2008ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن معزز ججن تي ٻڌل ڊويزن بئنچ جيڪا اڳوڻي جج حنيف احمد خان ۽ خالد علي قاضي تي مشتمل هئي هن غير قانوني محڪمي کي جائز قرار ڏيندي سنڌ حڪومت کي اهو حق به ڏنو ته سٽي وارڊنز يا ڪميونٽي پوليس ڪنهن به واقعي جي ايف آءِ آر به داخل ڪري سگهن ٿا. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جا مذڪوره معزز جج مشرف دور ۾ جج مقرر ٿيڻ کان اڳ لساني تنظيم جا عهديدار هئا، اڄڪلهه اهي ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي جو حصو آهن. سنڌ حڪومت هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي کي ڪاالعدم قرار ڏني ڇڏيو.

هتي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته هڪ اهڙو کاتو جنهن جي انچارج جي ڪنهن کي به خبر ناهي، سرڪاري طور اها به خبر ناهي ته ان جا باقي آفيسر ڪٿي آهن؟ ان ۾ ڪيترا ماڻهو ڪم ڪن ٿا؟ انهن کي مقرر ڪيئن ڪيو ويو؟ انهن جي اپائنٽميٽ اٿارٽي ڪير آهي؟ انهن جي ملازمت جا ضابطا ۽ اصول ڪهڙا آهن؟ انهن کي پگهارون ڪهڙي مد ۾ ادا ڪيون وڃن ٿيون؟ اڪائونٽنٽ جنرل آفيس ۾ انهن جو ڪو رڪارڊ آهي به سهي يا نه، انهن جي غلطي يا Misconduct جي شڪايت ڪٿي ڪري سگهجي ٿي، انهن کي ڪراچي ۾ هر هنڌ ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ ۽ گاڏين جي تلاشي وٺڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي؟

واضح رهي ته جڏهن سنڌ اسيمبلي طرفان مڪاني نظام ختم ڪري ڪمشنري نظام ڪجهه وقت لاءِ بحال ڪيو ويو ته ان نظام تحت ڊپٽي ڪمشنر سٽي وارڊنز کي پگهارون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير محمد حسين محنتي “افيئر” کي ٻڌايو ته مصطفيٰ ڪمال کان اڳ سٽي ناظم نعمت الله خان جو تعلق جماعت اسلامي سان هو، جنهن جي دور ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا، ليڪن مصفطيٰ ڪمال اچڻ کانپوءِ هن جي ڪرايل ڪمن مٿان تختيون لڳائيندو رهيو. ان کانسواءِ غير قانوني طور سٽي وارڊنز جي نالي ۾ پنهنجا ڪارڪن ڀرتي ڪيا ويا، جنهن ڪري ڪراچي جا شهري عدم تحفظ جو شڪار آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو