Home / افيئر / صوبائي وزير امير نواب طرفان افغانستان جي ڊپلوما ڊگرين تي ڊاڪٽر ڀرتي
above article banner

صوبائي وزير امير نواب طرفان افغانستان جي ڊپلوما ڊگرين تي ڊاڪٽر ڀرتي

 

هونئن ته موجوده حڪومت جي ڪيترن ئي وزيرن پاران پنهنجي کاتن ۾ غير قانوني ڪم ڪرڻ جون خبرون موجود آهن پر پ پ حڪومت جي اتحادي عوامي نيشنل پارٽي سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير امير نواب پاران پنهنجي کاتي پورهئي جي هڪ اداري سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن (سيسي) ۾ افغانستان مان حاصل ڪيل ميڊيڪل جي  5 ڊپلومه هولڊرن کي 17 هين گريڊ ۾ ڊاڪٽر ڀرتي ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ کاتي جي معتبر ذريعن وٽان مليل دستاويزي ثبوتن موجب انهن ڊپلومه جي ميڊيڪل ڊگرين جي آڌار تي کين سيسي ۾ 17 هين گريڊ ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ڀرتي ڪرايو ويو آهي.

کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان جي ڊگري ڏسڻ کانپوءِ ٻن سيڪريٽرين صوبائي وزير کي جواب ڏنو ته سنڌ ۾ ڪو اهڙو مثال ڪونه ٿو ملي جو افغانستان جي ميڊيڪل، ڊپلومه ڊگري وارن کي 17 هين گريڊ ۾ ڊاڪٽر ڪري ڀرتي ڪيو ويو هجي هي سڌو سنئون جيل وڃڻ وارو ڪم آهي. ذريعن موجب سيڪريٽري نصير جمالي پهريان کيس جواب ڏنو ته ان کي بدلي ڪرايو ويو ۽ پوءِ نئين سيڪريٽري مختيار سومرو کي ساڳيو ڪم چيو ويو جنهن سوچ ويچار کانپوءِ کيس جواب ڏيئي ڇڏيو ته اسان ڪو اهڙو ڪم نه ڪنداسين جنهن جي ڪري سڀاڻي اسان کي ڪنڊا ڪڍڻا پون. ذريعن موجب ٻن سيڪريٽرين جي سخت موقف کانپوءِ صوبائي وزير صاحب اهو ڪم سيسي جي ڪمشنر نظر محمد ڪلهوڙو کي ڏنو جنهن ڊگريون ۽ صوبائي وزير جو حڪم اکين تي رکي آرڊر ڪڍرائي ڏيڻ ۾ دير نه ڪئي. سيسي ۾ جن ڊپلومه هولڊرن کي ميڊيڪل آفيسر طور ڀرتي ڪيو ويو آهي انهن ۾ محمد حنيف ولد محمد سلطان آفر ليٽر نمبر ss/MW/APPT/1448 تاريخ 12 نومبر 2010، آفر آرڊر ثمينه سعيد ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن ميڊيڪل جي صحيح سان نڪتل آهي. محمد حنيف جي ڊگري ڪابل جي آهي. سيسي ۾ 17 هين گريڊ جي نوڪري حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر محمد شاهد اقبال ولد محمد سعود آفر آرڊر ss/MW/APPT/1444 تاريخ 12 نومبر 2010 آهي شاهد اقبال جي ڊگري ڪارزائي اسٽيٽ ميڊيڪل اڪيڊمي ڪابل جي آهي. ڀرتي ٿيل شمس الانعام ولد شمس الابرار آهي جنهن کي آفر آرڊر ss/MW/APPT1441 تاريخ 12 نومبر 2010 ذريعي ميڊيڪل آفيسر ڀرتي ڪيو ويو کيس کي قنڌار افغانستان جي ڊگري آهي. شريف عبدالله ولد عثمان آفر آرڊر نمبر ss/MW/APPT1398 ذريعي ڀرتي ڪيو ويو. هن ڊاڪٽر صاحب جي ڊگري به ڪابل جي آهي. ڀرتي ڪيل پنجين ڊاڪٽر بابت معلوم ٿيو آهي ته سندس نالو رياض آهي پر آفيس وارن سندن ڪاغذ لڪائي ڇڏيا آهن.

ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرن بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته سيسي پاران سندن ڊگرين جي تصديق به نه ڪرائي وئي ۽ نه ئي اهو معلوم ڪرايو ويو ته انهن ڊاڪٽرن پاڪستان ۾ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل وٽ ڪا رجسٽريشن به ٿيل آهي يا نه؟ ذريعا وڌيڪ چون ٿا ته ڀرتي ٿيلن جا ڊوميسائيل ۽ پي آر سي به جعلي آهن جڏهن سنڌ يا ملڪ ۾ ڪيترائي ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽيون موجود آهن ان جي باوجود انهن ڊاڪٽرن کي پنهنجي ملڪ مان ميڊيڪل جي تعليم وٺڻ بجاءِ افغانستان مان ميڊيڪل جي تعليم پرائڻ جي ضرورت ڇو پئي. ذريعن موجب ان سموري معاملي جي جڏهن ڄاڻ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي پئي ته هن کاتي جي اعليٰ آفيسرن کي طلب ڪري کانئن پڇاڻو ڪيو ته سنڌ ۾ اڳيئي بيروزگاري آهي ٻاهرين ڊگري يعني افغانستان جي ڊگري حاصل ڪندڙن کي ڇو ڀرتي ڪرايو ويو آهي. ذريعن موجب وڏي وزير کي ليبر کاتي جي آفيسرن آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته اسان صوبائي وزير کي جواب ڏنو جنهن تي هن پهرين سيڪريٽري نصير جمالي کي بدلي ڪرايو ۽ پوءِ نئين سيڪريٽري مختيار سومرو به ساڳي پاليسي اختيار ڪئي پر سيسي جي ڪمشنر نظر محمد ڪلهوڙو پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ اهو ڪم سرانجام ڏنو. ذريعن موجب وڏي وزير ان سڄي معاملي جي جاچ لاءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي خبر ناهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي اتحادي ڌر جو ان معاملي ۾ ڪيترو خيال رکندي ۽ ڪهڙا نتيجا ڪڍيا ويندا.

ان سڄي صورتحال تي جڏهن صوبائي وزير امير نواب سان رابطو ڪيو ويو ته هن اها ڳالهه تسليم ڪندي چيو ته مون پنهنجي ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي ۽ روزگار ڏيڻ ڪو ڏوهه ناهي ۽ جڏهن ٻيا ڊاڪٽر آمريڪا، برطانيه، روس ۽ چين جون ڊگريون وٺي اچن ٿا ته انهن کي روزگار ڏنو ٿو وڃي ته پوءِ افغانستان جي ڊگري واري کي روزگار ڇو نه ڏجي.

صوبائي وزير امير نواب پاران افغانستان جي ڊپلومه هولڊرن کي سيسي جهڙي اهم اداري ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي اها سنڌ جي اصل ڌڻين سان نا انصافي ۽ ويساهه گهاتي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان سڄي معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ٿيڻ گهرجي ته آيا اهي ڊگريون مستند آهن يا نه؟ ۽ انهن ڊگرين جي پاڪستان ۾ ڪيتري اهميت آهي ۽ پي ايم ڊي سي جو ان معاملي ۾ ڪهڙو ڪردار آهي ۽ ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرن جو تعلق واقعي سنڌ سان آهي يا ڊوميسائيل ۽ پي آر سي به جعلي ٺهرايون ويون آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو