Home / پروفائيل / فاني جڳ، لافاني ماڻهو
above article banner

فاني جڳ، لافاني ماڻهو

ڪنهن به قوم جا مدبر، ڏاها ۽ سرجڻهار نه رڳو ان قوم جو سرمايو هجن ٿا بلڪه اهي اتساهه جو به ذريعو هوندا آهن. ايئن ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جي نهوڙيل ۽ اڀاڳ جي ننڊ ستل قوم کي جاڳائڻ جو ڪم به اهڙائي ڏاها ۽ مدبر ڪندا آهن. اهڙا ڏاها ڪنهن قوم ۾ هجڻ ان قوم جي خوش بختي ليکي سگهجي ٿي. پنهنجي قوم لاءِ نور نچوئي ويندڙ اهڙن ئي ڏاهن، مدبرن ۽ سياستدانن جو ڪيل پورهيو بروبر صدين جي صدا آهي پر ان صدا کي ڪير ٿو ورنائي؟ اهو سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. ليڪن اهڙن کاهوڙي ماڻهن جي پورهئي کي نهايت ايمانداريءَ سان اڄوڪي نسل سان روشناس ڪرائڻ لاءِ منهنجي دوست حميد سبزوئي ڪجهه ورهيه اڳ جيڪو ڪم هٿ ۾ کنيو هو سو نيٺ اچي ڪنهن منزل تي رسيو. “افيئر” جي شروعاتي ڏهاڙن کان سنڌ جي مدبرن، ڏاهن ۽ سياستدانن جا پرمغز سوانحي خاڪا لکڻ وارو پورهيو اڄ “فاني جڳ لافاني ماڻهو” جي سري هيٺ اسان جي هٿن ۾ آهي.

ڪويتا پبليڪشن طرفان شايع ڪيل ان ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ حصي ۾ 12 کن مدبرن ۽ سياستدانن جا شخصي خاڪا ڏنل آهن، جڏهن ته ٻئي پاڱي ۾ 16 کن سرجڻهار صدين جا شامل آهن. ڪتاب مواد، توڙي ڇپائي جي لحاظ کان لاجواب آهي، ان بابت منهنجي هڪ ٻئي دوست مظهر لغاري مهاڳ ۾ نهايت تُز راءِ ڏيندي لکيو آهي ته “هي ڪتاب ڪنهن واديءَ ڏانهن ويندڙ اهڙي واٽ آهي، جنهن تي جي ايم سيد ۽ جميلا هاشمي، ڪبير ۽ ڪريم بخش نظاماڻي گڏگڏ پنڌ ڪري رهيا آهن”

ڪتاب ۾ جنهن پهرين مدبر سان پڙهندڙ جي ملاقات ٿئي ٿي سو آهي ڏيارام گدو مل شاهاڻي، هو واقعي سنڌ جي تاريخ جو نهايت غير معمولي انسان هو. اُن بابت توڙي ڪراچي جي پهرين ميئر جمشيد مهتا ۽ ٻين ڪيترن ئي غير معمولي پر وقت جي دز ۾ لٽجي ويل ڪردارن جو گهڻو تڻو ذڪر اسان جو سنگتي ظفر جوڻيجو اڪثر ڪچهرين ۾ ڪندوئي رهيو آهي پر اهي  عام دانشوارڻين ڪچهرين جو موضوع ناهن رهيا. ان ڪردار سان شناسائي ڪرائڻ نوجوان نسل کي اتساهه جو ڀنڊار مهيا ڪرڻ برابر آهي. ڏيارام ڪيڏو وڏو ماڻهو هو ان جو اندازو راشديءَ جي ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن” مان ڪتاب ۾ ڏنل حوالي مان چڱي ريت لڳائي سگهجي ٿو. راشدي لکي ٿو: “جيئن ماءُ پيءُ ننڍي ٻار کي وهنجاري، اڇو اجرو ڪري ٿڃ جو کير پياري، سينڌ سرمو ڪري محفل ۾ آڻي. تيئن ڏيارام به پنهنجي قوم کي ڄڻي، ٺاهي، سينگاري سنواري سنڌ جي معاشري ۾ آندو. هو سنڌ جو راجا رام موهن راءِ هو”.

ڏيارام جي راجا رام موهن راءِ سان مشابهت غير معمولي معنيٰ رکي ٿي. ڇو ته موهن راءِ انهن عظيم بنگالين مان هڪ هو جن بنگالي قوم ۾ شعوري، علمي ۽ تعليمي طرح تمام وڏي تبديلي آندي.

هونئن به ماڻهوءَ جو ڪردار وڏي وٿ هجي ٿي پر اهو گُفتو سمجهو ڪي سمجهن. اڄ اسان ترقيءَ جي لحاظ کان ڀلي ته ٻه قدم اڳتي هجون پر اخلاقي قدرن ۽ ڪردار جي لحاظ سان پاتال ۾ پيل آهيون. ڏيارام سکئي ستابي ڪٽنب جو هجڻ باوجود دوستن کي چوندو هو ته“ اچو ته ڳڻيون ته ڪنهن جي ڪپڙن کي گهڻيون چتيون لڳل آهن” هو سادگيءَ سان زندگي ان ڪري گذاريندو هو ته جيئن ڪنهن غريب غربي جي مدد ڪري سگهجي.

فاني جڳ لافاني ماڻهو” ۾ هڪ ٻئي لافاني ڪردار ۾ ذڪر ٿو اچي رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو، جنهن توڙي جو انگريز جي خونخوار روش به ڏٺي ته پنهنجي قوم جي غلامي به ڀوڳي. پوءِ ان غلاميءَ جي ڳٽ کي لاهي ڦٽو ڪرڻ لاءِ هن گوري انگريز سان چوٽون به کاڌيون. سائين جي ايم سيد “جنب گذاريم جن سين” ۾ سندس بابت يادگيريون قلمبند ڪندي لکيو آهي ته “رئيس ويهين صديءَ جي شروعات جو اهو مدبر اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي آئيني، سياسي جدوجهد ذريعي نه رڳو سنڌ کي سياسي طرح پوري هندستان سان ڳنڍي ڇڏيو پر پاڻ به هندستان جي سياست تي هڪ روشن ستارو ٿي اڀريو. سچ ته اهو آهي ته سنڌ جي داد رسي ڪرڻ لاءِ جڏهن ٻيو ڪو به نه هو تڏهن رڳو رئيس غلام محمد ڀرڳڙي هو. هو هڪ بهادر، اصول پرست، دور انديش، مدبر ۽ آزاد خيال انسان هو. ان ڪري ڪڏهن به سسياست کي مذهب سان گڊ مڊ ڪرڻ پسند نه ڪندو هو”.

اهو به نه وسارڻ کپي ته رئيس غلام محمد ڀرڳڙي نه رڳو سياست وسيلي سنڌ جي خدمت ڪئي بلڪه هن صحافت کي به هٿي وٺائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو‏، ان جو واضح مظهر سندس طرفان ان دور ۾ اخبار “الامين” ڪڍڻ پڻ آهي.

“بڙ جي ڇانوَ اڃا ڀي گهاٽي” جي سري هيٺ ڪتاب جي ليکڪ سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا ڏني آهي، سيد لاءِ بڙجي گهاٽي ڇانو شيخ اياز جي تمثيل آهي، جيڪا ڪجهه ڪوتاهه نظر ماڻهن ارباب غلام رحيم جي دور ۾ اُن سان به منسوب ڪئي هئي، ڪٿي سائين جي ايم سيد ڪٿي ارباب رحيم؟ ان جو فيصلو پڙهندڙ ئي ڪري سگهن ٿا. خير اهو پنهنجو موضوع ناهي. سائين جي ايم سيد، سنڌ جو فڪري سرواڻ آهي ان بابت سندس چاهيندڙ، پوئلڳ ۽ ان فڪر جي پانڌيئڙن جو ته پنهنجو نقطئه نظر آهي پر سندس وڏي سياسي مخالف رسول بخش پليجي سيد لاءِ 35 سال اڳ ڇا چيو هو، اچو ته اهو پڙهون “سنڌ جيتوڻيڪ اڄ پنهنجي عظيم پٽ جو قدر ڪرڻ کان قاصر آهي پر تاريخ اهوئي فيصلو ڏيندي ته جي ايم سيد ويهين صديءَ جي سنڌ جو ضمير، ان جي دليرانه روايتن جو علمبردار، ان جي روشن مستقبل جو ضامن ۽ ان جي همت جو سدائين اوچو جهنڊو هو”.

سن جي سيد بابت نهايت ڀرپور پروفائل هن ڪتاب جي زينت آهي، جيڪو پڙهي سو پروڙي.

ان کانسواءِ ڀريا واري حشُو ڪيولراماڻي جي ڏاهپ جي اپٽار به هن مسودي ۾ موجود آهي. حشو ڪيولراماڻي سنڌ جو اهو غير معمولي ڪردار هو جنهن ويهين صديءَ واري سنڌ جي ٻن غير معمولي ماڻهن سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز تي گهرا اثر ڇڏيا هئا.

حشو جي ڏاهپ جو واضح مظهر 1948ع ۾ سندس لکيل خط به آهي، جيڪو اڄوڪين حالتن ۾ به سو سيڪڙو سچ لڳي ٿو. هو لکي ٿو ته “جتي ذهني آزادي ناهي ۽ اخباري دنيا جا علمبردار خود ڌاڙيلن جا ڀائيوار هجن،. اُتي يا ته وڃي صوفي ٿجي يا پنهنجو پليٽ فارم پاڻ کڙو ڪجي، ماڻهن کي سندن شخصي ارتقا ۽ روش مطابق سمجهيو وڃي ته بهتر آهي”.

ايئن مدبرن ۽ سياستدانن واري سٿ ۾ خان غفار خان، محمد امين کوسي، حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، چاچي حفيظ قريشي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، نورالدين سرڪي ۽ قاسم پٿر بابت نهايت شاندار سوانحي خاڪا شامل آهي.

سرجڻهار صدين جا، واري ڀاڱي ۾ ڪاليداس، ڀڳت ڪبير، رابندر ناٿ ٽئگور، شيخ اياز، قرت العين حيدر، ڊاڪٽر جي ايم مهڪري، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، حليم بروهي، محمود درويش، امرتا پريم، جميلا هاشمي، حسن درس، احمد فراز، ملڪ نديم، زرينه بلوچ ۽ سرمد سنڌيءَ جا نهايت دلچسپ پيرائي ۾ خاڪا ڏنا ويا آهن، جيڪي سڀ جو سڀ هڪ ساهي ۾ پڙهڻ لاءِ دل چوندي.

“فاني جڳ لافاني ماڻهو” پنهنجي عنوان وانگر نهايت زبردست پر رومانوي ڪتاب آهي جنهن ۾ اڪثر پروفائل رومانوي انداز ۾ لکيل آهن. ان ڪري ليکڪ کي هڪ صلاح ضرور ڏبي ته انسان مٽيءَ جي چپٽي آهي، ساڳئي وقت تاريخ جي رڪارڊ جي درستگيءَ لاءِ به ضروري آهي ته تاريخي ڪردارن کان ڪن سرزد ٿيل تاريخي غلطين کي به رڪارڊ تي آڻڻ گهرجي، جيئن سڀاڻي جي مورخ کي درست رهنمائي ملي سگهي. منهنجي خيال ۾ ان لحاظ کان مظهر لغاري جي مهاڳ ۾ ڏنل اها راءِ وزندار آهي ته “ليکڪ ڄڻ ته جي ايم سيد کي ڊي بريفنگ ڏني آهي ته سندس، پڄاڻان مختلف ورائٽيز ۾ ملندڙ “جيئي سنڌون” ڇا ڪري رهيون آهن ۽ جن ماڻهن تي هن سيڙپ ڪئي اهي ڪيڏا بتال آهن. شايد ليکڪ ان راءِ جو آهي ته جيستائين اسين نوان انقلابي آڻيون ڇو نه چالو قومپرستن ۾ چاٻي ڀريندو رهجي….!”

بهرحال حميد جو هي نهايت غير معمولي پورهيو آهي، جيڪو پڙهڻ سان توهان آڏو کوڙ دز هيٺ آيل ڪردار به اڇا اجرا ٿي آڏو اچي بيهن ٿا، ۽ ليکڪ ساڻن توهانجي واقفيت ڪرائي ٿو. ليکڪ پنهنجو ڪتاب سماج سڌارڪ ۽ اسانجي دوست مسعود لوهار کي ارپيو آهي، جيڪو سنڌ جي خدمت واري راهه جو پانڌيئڙو آهي. جس لهڻي ڪويتا پبليڪشن جو سرواڻ موهن مدهوش جنهن هڙان وڙان خرچ ڪري اڄوڪي نسل کي پنهنجي عظيم مدبرن سان منهامنهن ٿيڻ لاءِ هي ڪتاب ڇپايو. سچ پڇو ته هي ڪتاب هر لائبرري، اسڪول، ڪاليج ته ڇا پر هر علمي ۽ ادبي ذوق رکندڙ گهر جي به زينت هجڻ گهرجي، 250 روپيا جيڪڏهن علمي  ۽ فڪري اُڃ اجهائڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿا ٿين ته ٻيو ڇا کپي!

hamsafargadehi@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو