Home / افيئر / قذافيءَ کانپوءِ لبيا ساڳيو نه رهندو
above article banner

قذافيءَ کانپوءِ لبيا ساڳيو نه رهندو

معمر قذافي جنهن 1969ع ۾ شاهه ادريس جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو هو، ۽ سندس اهو اقتدار 42 ورهين تائين جاري رهيو. ليڪن 20 آڪٽوبر 2011 جي ڏهاڙي قذافي باغين هٿان هڪ سپاهي ٿي مارجي ويو. حقيقت اها آهي ته قذافي جي اقتدار جو سج ته 20 آگسٽ 2011 تي ان وقت ئي لهي چڪو هو جڏهن باغين طرابلس تي اچي قبضو ڪيو هو ۽ هو ساٿين سميت سر بچائي وڃي پنهنجي اباڻي شهر سرت ۾ لڪو هو، قذافي کي ڇو ماريو ويو؟ اهو اڄ جي دنيا آڏو وڏو سوال آهي. ڇاڪاڻ جو قذافي کي باغين جيئرو پڪڙڻ کانپوءِ گوليون هڻي قتل ڪيو. جيتوڻيڪ ان قتل جو يورپ ايترو نوٽيس نه ورتو آهي پر انساني حقن جي عالمي تنظيمن ايشين واچ، ايمنسٽي انٽرنيشنل، گڏيل قومن، آفريڪن يونين، روس ۽ چين ان معاملي جي انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪرنل قذافي ڀلي ڪيترو به جابر هو، پر ان کي جيئرو گرفتار ڪرڻ کانپوءِ مارڻ بدران کيس عالمي عدالتن آڏو آندو وڃي ها ۽ کيس ٻڌو وڃي ها. پر باغين ايئن نه ڪري انساني حقن جي لتاڙ ڪئي آهي.


لبيا ۾ مارچ کان شروع ٿيل ويڙهه ۾ چيو اهو پيو وڃي ته 30 هزار ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ 50 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. ليڪن باغين سان گڏ نيٽو جي سهڪار سان ٿيل حملن ۾ امڪان آهي ته ان کان به وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا هجن. جيتوڻيڪ نيٽو قذافي جي مارجي وڃڻ کانپوءِ لبيا ۾  پنهنجي مشن جي تڪميل جو اعلان ڪيو آهي. ليڪن لبيا ۾ NTC سان لاڳاپيل مصطفيٰ عبدالجليل نيٽو کي هڪ مهينو وڌيڪ لبيا ۾ رهڻ جي اپيل ڪئي آهي. صورتحال جو جيڪڏهن غير جانبدار نموني جائزو ورتو وڃي ته پوءِ اها ڳالهه بلڪل واضح ٿي وڃي ٿي ته قذافي توڙي باغي ٻئي ڌريون انساني حقن جي لتاڙ جون مرتڪب ٿيون آهن. جڏهن ته قذافي جي اباڻي شهر سرت مان اهڙيون ٻه اجتماعي قبرون به هٿ آيون آهن جن مان 500 ماڻهن جا لاش مليا آهن جن جا هٿ ٻڌل آهن.

دنيا کي ان وقت ڏندين آڱريون اچي ويون جڏهن باغين پنهنجي ئي حملي ۾ ماريل قذافي، سندس پٽ محنشم ۽ هڪ جنرل ابوبڪر جا مڙهه ٽن ڏينهن تائين عام ماڻهن جي نمائش لاءِ رکي ڇڏيا. جڏهن ته لبيا جو عبوري حڪمران اهو اعلان پڻ ڪري چڪو هو ته ملڪ جو آئين ۽ قانون شريعت مطابق هوندا. مهذب دنيا اهو سوال وري وري دهرائي ٿي ته ڇا کين شريعت اهو سبق ڏنو هو ته اهي پنهنجي مخالف جي لاش جي بي حرمتي ڪندي ان کي عام نمائش لاءِ رکن. نه وسارڻ کپي ته 1996ع ۾ جڏهن طالبان افغانستان ۾ ڪابل تي قبضو ڪيو هو تڏهن انهن به گڏيل قومن جي عمارت ۾ پناهه ورتل اڳوڻي افغان صدر محمد نجيب الله کي پڪڙي ڦاسي ڏيڻ کانپوءِ لاش يارهن ڏينهن ٿنڀي ۾ ٽنگي ڇڏيو هو. حالانڪه اهي به شريعت ۽ مذهب جي اصولن جا دعويدار آهن. ٻئي طرف 2003ع ۾ جڏهن آمريڪي اتحادي بغداد ۾ داخل ٿيا ۽ صدام جو تختو اونڌو ڪيائون ۽ 90 ڏينهن کانپوءِ صدام حسين کي هڪ بنڪر مان هٿ ڪيو ويو ته کيس مارڻ بدران مٿس ڪيس هلائي کيس بعد ۾ ڦاهي ڏني وئي. ليڪن عربن قذافي کي قتل ڪري تاريخ جي اها ياد تازي ڪري ڇڏي آهي ته اهي وحشت واري پنهنجي روايتي مزاج مان اڃا به ٻاهر ناهن نڪري سگهيا.

قذافي جي قتل کانپوءِ لبيا جو منظرنامو ڇا بيهندو؟ ان بابت في الحال ڪا اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي ڇو ته اڃا تائين نئين حڪومت جو اعلان نه ٿيو آهي، عبوري سيٽ اَپ لڳ ڀڳ اٺ مهينا هلندو ۽ 20 مهينن ۾ مڪمل طور اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن حوالي ڪيو ويندو. لبيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آزاد اليڪشن ٿيندي ۽ عوام ووٽ جو حق استعمال ڪندو. هينئر تائين لبيا ۾ قذافي جي ‎ٺهيل “گرين بوڪ” کي آئين جي حيثيت حاصل هئي پر هاڻي نئون آئين ٺاهيو ويندو جيڪو ان جي جاءِ والاريندو. عبوري ڪائونسل ۾ مختلف خيال رکندڙ ماڻهو ۽ پارٽيون شامل آهن، جيڪي سڀ قذافي کي نيڪالي ڏيڻ تي متفق هئا. انهن جي حقن ۾ اهڙا ماڻهو به شامل آهن جن ڪجهه ڏهاڙا اڳ اسلامڪ پارٽي جي عبدالفتاح يونس کي قتل ڪري ڇڏيو. حالانڪه فتاح يونس اهو ماڻهو هو جنهن قذافي مخالف تحريڪ کي نه رڳو منظم ڪيو بلڪه بن غازي کان شروعات ڪري اڳتي وڌيو.

عبوري ڪائونسل ۾ قذافي جا پراڻا ساٿي به شامل آهن، ڇو ته لبيا ۾ 42 ورهين ۾ ڪابه سياسي مخالف نه رهي. اهو ان ڪري جو مخالفت ۾ اُٿندڙ هر آواز کي قذافي چٿي ڇڏيندو هو ۽ هو عوام جي ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندو هو. هن کي هميشھ اهو باور رهندو هو ته لبيا کي هُن ئي ٺاهيو آهي، ماڻهن جي صحت، تعليم ۽ معيار زندگي کي بلند ڪيو آهي. ايئن کڻي هجي به سهي پر اظهار راءِ جي آزادي، پنهنجي مرضيءَ سان زندگي جيئڻ عوام لاءِ وڏي ڳالهه هجي ٿي. پر قذافيءَ جي لبيا ۾ عوام مقيد هيو، ان کي نه ڳالهائڻ جي نه وري پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جي اجازت هئي. ايئن چوڻ اڃا به درست ٿيندو ته ڪرنل قذافي به حڪمراني ڪرڻ جي سلسلي ۾ عرب بادشاهن جي پيروي ڪئي ۽ پاڻ کي عقل ڪُل سمجهيائين. حالانڪه لبيا قدرتي وسيلن جي لحاظ کان خوشحال ترين ملڪ آهي جتي ڪالهه تائين به 14 لک بيرل تيل روزانو نڪرندو هو ۽ گئس ان کانسواءِ آهي، ان آمدني مان قذافي يقيني طور تي عوام جي فلاح تي به خرچ ڪيو پر هو ان آمدنيءَ کي ذاتي اثاثن ٺاهڻ لاءِ به استعمال ڪندو رهيو. ڇا اها گهٽ حيرت جي ڳالهه آهي ته قذافي جي نرس زال جا اثاثا هن وقت به 30 بلين  ڊالرز آهن، هوءَ هاڻي الجزائر ۾ رهي ٿي. سندس باقي ڪٽنب جي ڀاتين جا اثاثا ڪيترا هوندا، اهو سمجهڻ ايترو ڏکيو ناهي.

قذافيءَ جي حڪومت کان وٺي سندس سر کڻائڻ تائين آمريڪا، يورپي يونين، عرب ليگ ۽ آفريقن يونين گڏ بيٺل نظر اچن ٿيون. حالانڪه ان سلسلي ۾ عرب ليگ ۽ آفريقن يونين ڪافي حد تائين مثبت ڪرادار ادا ڪري پئي سگهيون پر انهن خاموشي اختيار ڪئي. رڳو ڏکڻ آفريقا ان وقت ڪوشش ڪئي جڏهن گڏيل قومن مان 1973ع واري قرارداد پاس ٿي چڪي ۽ نيٽو ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون، تيستائين شايد گهڻي دير ٿي چڪي هئي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته آفريقا جا ملڪ قذافيءَ مان خوش نه هجن عرب ليگ ۽ او آءِ سي نيٽو سان وڃي گڏ بيٺا، ۽ قطر ته پنهنجون فوجون به موڪليون، جيڪي ان ڳالهه تي فخر پڻ ڪن ٿا ته انهن قذافي کان اقتدار کسڻ سان گڏ کيس به قتل ڪري ڇڏيو. چين ۽ روس جو رويو به قذافي طرفان 2003 ۾ اولهه دوست پاليسي اختيار ڪرڻ کانپوءِ بدلجي ويو. ايئن هو دنيا ۾ اڪيلو ۽ ويڳاڻپ جو شڪار ٿي چڪو آهي.

جيتوڻيڪ معمر قذافي جي مرڻ سان وقتي طور عبوري حڪومت کي رليف مليو آهي ۽ اولهه وارن کي به اطمينان ٿيو آهي، ڇو ته اهي هاڻي احسان جتائي عبوري حڪومت کان تيل ۽ گئس جي مَد ۾ ۾ وڏيون رعايتون حاصل ڪندا. لبيا ڪجهه عرصي کانپوءِ اسلامي جمهوريه ته ٿي ويندو پر اهو سوال پنهنجي جاءِ تي موجود هوندو ته جيڪڏهن عبوري ڪائونسل عقل کان ڪم نه ورتو ۽ اقتداري حوس جي ڪڍ لڳا ته انهن اختلافن جو فائدو قذافي حامين کي پوندو. اهو نه وسارڻ کپي ته قذافي ته مارجي ويو آهي پر سندس پٽ سيف الاسلام ساٿين سميت هڪ ڀرواري ملڪ ۾ موجود آهي. ان ڪري اهي ٻيهر منظم ٿي گوريلا ويڙهه وڙهي سگهن ٿا. اهو خدشو ان ڪري موجود آهي جو لبيا اڃا تائين قبائلي نظام مان نڪري نه سگهيو آهي. جيڪڏهن هاڻوڪا انقلابي لبيا کي قبائلي نظام مان نجات ڏياري عوام کي لبيائي بڻائي ويا ته اها سندن وڏي ڪاميابي هوندي، باقي جيڪڏهن انهن به قذافي وارو ساڳيو ڪم ڪيو ته پوءِ وري هڪ ٻيو حقيقي انقلاب ايندو، جيڪو سڀ ڪجهه ٻهاري ويندو. ڇو ته هاڻي لبيا ساڳيو نه رهندو، اڳتي وڌنڌو ۽ لبيائي انقلاب جا پير خادمين حرمين الشريفين ڏانهن آهن ۽ اڳي پوءِ عرب بهار جي پڄائي اتي ٿيڻي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو