Home / ويندي ويندي / ماستر مافيا
above article banner

ماستر مافيا

اسان کي الائي ڇو رڳو لينڊ مافيا ۽ ڀتا مافيا ياد آهن نه ته سنڌ ۾ جيڪو رڻ ماستر مافيا ٻاريو آهي ان آڏو ته اهي سڀ مافيائون هٿ جوڙي بيهن.

چون ٿا ته استاد جهڙي مقدس پيشي کي استادي جو دڳ سڀ کان اول ڀٽي صاحب ڏيکاريو جنهن ميرٽ بجاءِ سفارش تي استاد ڀرتي ڪرڻ جو رواج وڌو. جوڻيجو صاحب جي دور ۾ نئين روشني جي استادن هٿان اڳيون نور به چٽ ڪرايو ويو. رهي سهي ڪسر اچي ڄام صادق علي پوري ڪئي. سنڌ جون اهي سرڪاري درسگاهون جتان اڄوڪي سنڌ جا اڪثر ڪامورا ۽ ٽيڪنوڪريٽ پڙهي نڪتا، اهي اڄ ان لائق به ناهن ته اتي ڪنهن دشمن جي ٻار کي به داخل ٿيڻ جي صلاح ڏجي. جيڪي استاد اهليت بجاءِ سياسي واسطن جي بنياد تي ڀرتي ٿيا سي ڪهڙي منهن سان ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ڪلاسن ۾ وڃن؟ اسڪولن ۾ ڪلاسن بجاءِ ڪامن رومس آباد ٿي ويا. ماسترن ۾ “ڪامريٽ ماستر” پيدا ٿيا جن کي خيال آيو ته استادن جي به يونين هجڻ کپي. گسٽا، پ ٽ الف، سوٽا ۽ سلوٽا جهڙيون ڏائڻون ٻارن جو هانوَ کائڻ لاءِ پيدا ٿي ويون. اهي ڏينهن هي ڏينهن، سنڌ جي تعليم ڪنهن ٻڌي نه ڏٺي. هڪ مافيا آهي جيڪا وزير تعليم کان وٺي پٽيوالي تائين ٻارن جي تعليم لاءِ ملندڙ فنڊز کي رهنڊي رهنڊي کائي پئي.


سون تي سهاڳو ته ٻاهريان ڊونر به ڏوڪڙ کڻي سنڌ جي تعليم سڌارڻ لاءِ هتي اچي پهتا. اڳي جيڪا ڪرپشن اي ڊي او، ايس ڊي او ماسترن جي بدلين، ترقين، ڊفرنس بلن يا گوسڙو ماسترن جي ويزائن ۾ تيزي هئي، ان ۾ ڊالر جو نکار اچي ويو. ڪراچي جي بندر روڊ تي اين جي وي اسڪول ۾ قائم سنڌ جي تعليمي سڌاري جي ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان هلندڙ پروگرام تي گذريل پنج ست سالن ۾ ڪيترا ڏوڪڙ خرچ ٿيا آهن، ۽ ڪيتري اوڌر سنڌ تي چڙهي آهي ان جو ذڪر ٻڌي اوهان ڏندڻجي ويندو.

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي نالي سان سنڌ جي تعليم سان هلندڙ ڪاسائڪي ڪار جو ذڪر ڪنهن ٻئي ڀيري. ۽ سنڌ ۾ قائم کوڙ سارين تعليم ڏيندڙ اين جي اوز جو به ذڪر ڪنهن ٻئي ڀيري. اسان کي هن ڀيري سنڌ جي تعليم کاتي ۾ واقع ماستر مافيا جو ذڪر ان ڪري ڪيو جو ٻڌو آهي ته ان مافيا جو “ڊان” ان چار جي ٽولي ۾ شامل آهي جيڪي پ پ جي هڪ باغي اڳواڻ جي بقول ارب پتي ٿي ويا آهن. ٻڌو آهي ته ان “ڊان” وٽ هڪ اهڙو ڪئلينڊر آهي جنهن ۾ سال کي ٽن ٽن مهينن جي مني ڪئلينڊر ۾ ورهايو ويو آهي. ان مني ڪئلينڊر مطابق ڪنهن به آفيسر کي ساڳي پوسٽ تي ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصي لاءِ ناهي رهڻو. نوي ڏينهن پورا، آفيسر بدلي. هاڻ وڃي نئين سر پوسٽنگ لاءِ نذرانو آڻي. چون ٿا ته اها اٽڪل ميڪاولي جو استاد چانڪيه به جيئرو ٿي اچي ته به نه ٿو ايجاد ڪري سگهي جيڪا هن صاحب ڪئي آهي. سنڌ جي تعليم جي ٻيڙي ته ڄام صادق علي جي دور ۾ ئي ٻڏي چڪي هئي. هاڻ ان ٻيڙي جا تختا پيا نڪرن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو