Home / ڪور افيئر / مرزا- پ پ اختلاف: نورا ڪشتي يا حقيقت
above article banner

مرزا- پ پ اختلاف: نورا ڪشتي يا حقيقت

چار سال اڳ 18 هين آڪٽوبر جو سج هن مُلڪ لاءِ ڏاڍي ڀيانڪ خبر سان اڀريو هُئو. جڏهن شهيد بينظير ڀٽو جي قافلي تي ٿيل بم حملن ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي “شهادت” واري واقعي سان اخبارون ڀريل هُيون. چار سال اڳ جيڪا رات گذري وئي سا سڄي رات اسان نه رڳو جاڳندي گُذاري پر رات 12 هين وڳي کانپوءِ لاشن ۽ زخمين جي وچ ۾ ويهي گذاري يا اسپتالن ۾ زخمين ۽ لاشن جو انگ ڳڻندي گذاري هُئي. مون پنهنجي صحافتي زندگي ۾ اهڙي ڀيانڪ واقعي جي رپورٽنگ اڳ ڪڏهن به نه ڪئي هوندي. منهنجي لاءِ هڪ تڪليف اڃا به واڌاري هُئي ته مون سان گڏ هلندڙ ڪئميرامين پڻ پنهنجي ڪئميرا سميت هن سانحي ۾ شهيد ٿي ويو هُئو. جنهن کي اڄ ڏينهن تائين اسين سڀ ساٿي آفيس ۾ ياد ڪندا آهيون. اڄوڪي ڏينهن تي شهيد بينظير اوچتو بلاول هائوس مان نڪري جناح اسپتال پهچي وئي هُئي ۽ ان کانپوءِ لياري پهچي شهيد ڪارڪنن جي وارٽن سان ڏک ونڊيائين. ڪيرآهي اهڙو ليڊر؟ هن سوال جو ڪڏهن  به هاڻي ڪوبه جواب نه ملي سگهندو ۽ نه اهڙو ڪو ليڊر ملي سگهندو، جنهن جي ڀيٽ “بينظير” سان ڪري سگهجي. ڇو ته بينظير صرف هڪ ئي پيدا ٿي هُئي. شهيد بينظير ڀٽو کي هڪ صحافي ناطي ڏسڻ هڪ الڳ داستان آهي. “مون سي ڏٺا ماءِ جن ڏٺو پرينءَ کي”. پر 18 هين آڪٽوبر کانپوءِ اسانجي آڏو هڪ بلڪل الڳ بينظير ڀٽو سامهون آئي هُئي. جيڪا “اسلام، اولهه، جمهوريت ۽ مفاهمت” جي نالي تي اسان لاءِ هڪ نئين سماجي نظام جو خواب کڻي آئي هُئي. بينظير ڀٽو جي ان خواب جا اُهي سڀ عنصر دشمن هُئا. جيڪي اسلام جا ٺيڪيدار هُئا، جيڪي اولهه جا پوڄاري هُئا، جيڪي جمهوريت جا دشمن هُئا. جن مفاهمت کي صرف سرڪار ٺاهڻ جو رستو سمجيو. اُهي سڀ جو سڀ بينظير ڀٽو کي سمجهي نه سگهيا هُئا. چار سال گذري ويا 18 هين آڪٽوبر جي سانحي جا قاتل گرفتار نه ٿيا نه خبر پئجي سگهي ته اُهي ڪير هُئا. ساڳي صورتحال 27 هين ڊسمبر جي سانحي جي آهي. شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل پڻ گرفتار نه ٿيا ۽ نه سُڃاڻپ ٿي سگهي. سوال ڪنهن کان ڪجي؟ شهيد جو ور ملڪ جو صدر آهي. شهيد جا سمورا ساٿي وفاقي وزير آهن، سرڪار ۾ آهن. شهيد جي نالي تي سندن سرڪار قائم ٿي. شهيد جي نالي تي سندن سياست هلي پئي ۽ هلندي رهندي پر شهيد بينظير ڀٽو جا 180 عقيدت مند 18 هين آڪٽوبر تي شهيد ٿيا هُئا. اُهي به قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪن ٿا. شهيد بينظير جي استقبال لاءِ آيل لکين ماڻهو به هن واقعي جي تهه تائين پهچڻ چاهين ٿا. بلڪه هن مُلڪ جا 99 سيڪڙو عوام  به شايد 18 هين آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر جي واقعن جا قاتل ڄاڻڻ چاهي ٿو پر چار سالن ۾ ڪير سامهون ڪونه آيو آهي. 18 هين آڪٽوبر جي استقبالي ريليءَ جي حفاظتي مامرن جو انچارج ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چوي ٿو ته وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ 18 هين آڪٽوبر جي سانحي جي جاچ کان کيس ڪنڊائتو ڪري ڇڏيو ۽ جاچ سرد خاني ۾ وجهي ڇڏي. سندس چواڻي سرڪار اچڻ کانپوءِ رحمان ملڪ چيو ته 18 هين آڪٽوبر جي واقعي جي تحقيقات ان لاءِ اهم ناهي جو 27 ڊسمبر سانحي جي تحقيقات ۾ رڪاوٽ ٿيندي. ذوالفقار مرزا رحمان ملڪ خلاف علم کڻي نڪتو آهي. ڪارساز سانحي واري هنڌ کان ٿيندو هو بدين پهتو. جتي هڪ جلسي کي خطاب ڪيو. پر 18 هين آڪٽوبر جي جلسي جو سيڪيورٽي انچارج ۽ سنڌ جو اڳوڻو گهرو وزير، بينظير ڀٽو جو جان نثار، صدر آصف علي زرداريءِ جو سڀ کان ويجهو دوست،پنهنجي پارٽيءَ کان مايوس آهي. سندس خالي ڪيل سنڌاسيمبلي جي سيٽ پي ايس 57 تي سندس پُٽ حسنين مرزا مضبوط اميدوار آهي. پيپلز پارٽيءَ سرڪاري طور تي ان سيٽ لاءِ اميدوار جو اعلان نه ڪيو آهي پر گهڻو امڪان اِهو آهي ته حسنين مرزا پيپلز پارٽيءَ جوئي اميدوار هوندو. مون ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان پڇيو ته “حسنين” بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويندو؟ سندس چوڻ هُئو ته جيڪڏهن ڪنهن کي شوق آهي ته مقابلو ڪري ۽ سندس خواهش آهي ته “حسنين” مقابلي کانپوءِ کٽي اچي.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تازو جڏهن ملائيشيا مان واپس گذريل هفتي واپس ملڪ پهتو ته ايئرپورٽ تي سندس شاندار استقبال نظر آيو. ايئرپورٽ کان لياري جي چاڪيواڙي تائين هُو جلوس جي صورت ۾ پهتو. جتي هُن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ايم ڪيو ايم سان گڏ پيپلز پارٽيءَ خلاف اڳي کان سخت ٻولي ڳالهائي رياست، اسٽيبلشمينٽ، ايم ڪيو ايم۽ آصف علي زرداري کي پيغام ڏنو ته هُو پنهنجي موقف تي اٽل آهي. ذوالفقار مرزا جي هن ڀيري واري سخت موقف کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ اندر ڏار پوڻ شروع ٿيا آهن. اختلاف کُلي سامهون اچي ويا آهن. جن کي في الحال خورشيد شاهه ٿڌو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. سو به ان شرط تي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ مڪاني ادارن بابت ڪمشنري نظام ختم ڪري مشرف وارو ناظمي نظام بحال ڪندڙ  سنڌ جي گورنر جو آرڊيننس پيش نه ٿيندو.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو خيال آهي ته جيڪڏهن 6 نومبر تائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ اهو بل پيش نه ٿيو ته پوءِ ڪمشنري نظام پاڻ مرادو بحال ٿي ويندو. پر ظاهر آهي ته سرڪار ايم ڪيو ايم سان اهو طئي ڪري آئي آهي ته ناظمي وارو نظام سنڌ اسيمبليءَ مان بحال ڪرايو ويندو ان ڪري ايم ڪيو ايم جي “اڙي” آهي ته سنڌ اسيمبليءَ مان هلندڙ مڪاني ادارن جو سيٽ اپ قانوني شڪل وٺندو. ان وچ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي گڏيل رضامنديءَ سان انساني حقن واري ڪميشن کي به سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اهڙو وچ وارو رستو اختيار ڪرڻ جي رٿ رٿي وئي ته جيئن ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي ٻئي راضي ٿي وڃن. ايڇ آر سي پي جي تجويز ۾ ڪراچي کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ ۽ حيدرآباد کي جيئن جو تيئن رکڻ جي صلاح ڏني وئي. ڪراچي ۾ لياري ۽ ملير جا ضلعا ڪري باقي سڄي ڪراچي کي هڪ ضلعي ۾ تبديل ڪري ان کي ”ڪراچي” جو نالو ڏنو ويو. ايڇ آر سي پي جو بل لڳ ڀڳ اهوئي بل آهي جيڪو سال ڏيڍ اڳ ايم ڪيو ايم تيار ڪيو هُئو، جڏهن اڃا نئون نئون سنڌ اسيمبليءَ ۾ مڪاني ادارن جا مامرو ڇڙيو هُئو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سميت پيپلز پارٽي جي اڪثر ايم پي ايز ۽ سنڌ جي سمورين سياسي ڌرين ايڇ آر سي پي جي تجويز ڪيل بل کي به رد ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سڌي اڻ سڌي ريت رابطن کانپوءِ سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي بحاليءَ لاءِ هڪ دفعو وري اتفاق راءِ جڙي رهي آهي. سنڌي قومپرستن جي سنڌ بچايو ڪميٽي پڻ هاڻوڪي مڪاني نظام خلاف گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم کانسواءِ سنڌ ۾ ڪابه سياسي ڌر ناهي جيڪا هلندڙ نظام جي حمايت ڪري. ويتر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا “لابنگ” ڪئي ان پيپلز پارٽيءَ کي سياسي ڌٻڻ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ان ڌٻڻ مان نه کيس سندس اتحادي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار آهن ۽ نه ذوالفقار مرزا. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي حمايت ڪندڙ لڳ ڀڳ 30 ايم پي ايز ۾ پنج چهه وزير به شامل آهن. اهڙي صورتحال کانپوءِ صدر آصف علي زرداريءَ پ پ جي وزيرن کي ذوالفقار مرزا خلاف بيان ڏيڻ کان روڪيو. ڇو ته آغا سراج دراني، پير مظهر الحق، منظور وساڻ ۽ ڪجهه وزيرن جڏهن ذوالفقار مرزا خلاف ڳالهايو ته مرزا سندن “پرڪار” ظاهر ڪرڻ شروع ڪيا. اصل ۾ جن وزيرن مرزا خلاف ڳالهايو انهن ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ ڳالهايو. جنهن سبب ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سندن خلاف سخت ٻولي استعمال ڪئي ۽ پهريون ڀيرو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي واتان اهي لفظ به نڪتا ته کيس استعمال ڪيو ويو. پر هُو چوي ٿو ته هُو نه ڪنهن جو نوڪر آهي نه ڪُتو آهي جو ڪير کيس سڏيندو ۽ هُو هليو ويندو.

پهريون ڀيرو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا نواز شريف لاءِ نرم لفظ استعمال ڪيا ۽ سندس استقبال ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. هُن اها ڳالهه به پهريون دفعو ڪئي پر ان کان وڌيڪ ڳالهه هن بدين ۾ 18 هين آڪٽوبر جي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ذوالفقار مرزا صدر آصف علي زرداري جي ويڳي ڀاءُ جو نالو وٺي چيو ته قبضا گيرن جو سرپرست “ٽپي” بلاول هائوس ۾ رهي ٿو. کيس چتاءُ ٿو ڏيان ته هُو هاڻي واپس دبئي هليو وڃي هُن گهڻو ئي مال ڪمايو آهي. ذوالفقار مرزا جي هن بيان کانپوءِ سرڪاري طور تي پهريون ڀيرو بلاول هائوس جي ترجمان سندس خلاف بيان جاري ڪيو ۽ کانئس وضاحت گهري وتي. سڄو وايو منڊل ٻڌائي پيو ته صورتحال تبديل ٿي رهي آهي. صدر زرداري جي سرڪار کي مارچ کان اڳ ختم ڪرڻ لاءِ آخري رائونڊ شروع ٿي ويو آهي. هي رائونڊ نواز شريف شروع ڪيو آهي. ان ۾ ڪير ڪيئن استعمال ٿيندو ڪابه خبر ناهي. اڪثر تجزئي نگارن جو خيال آهي ته ذوالفقار مرزا پيپلز پارٽيءَ کي هن آخري بحران مان ڪڍڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهي پر ايم ڪيو ايم ۽ رحمان ملڪ جي مسئلي تي ذوالفقار مرزا جا صدر آصف علي زرداريءَ سان اختلاف چوٽ چڙهيل آهن. يارن جي پارٽيءَ تا ن اعتبار کڄي ويو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چوي ٿو ته آصف علي زرداريءَ کي خبر آهي ته ايم ڪيو ايم سندس پُٽ حسنين مرزا کي مارائڻ چاهي ٿي ۽ رحمان ملڪ، آغا سراج دراني، عشرت العباد کيس مارائڻ چاهين ٿا. هُو چوي ٿو ته جيڪڏهن کيس اِها خبر پئجي وڃي ته ڪير آصف علي زرداري يا سندس اولاد کي مارائڻ چاهي ٿو ته هُو انهن کي قتل ڪري پوءِ آصف علي زرداري کي اطلاع ڪندو. ذوالفقار مرزا “ياريءَ” کي سرڪار، اقتدار ۽ سڀني مفاهمتن کان مٿاهون ٿو سمجهي هُو دوستيءَ ۾ حڪومتي مفاهمت جو قائل ناهي. پر صدر آصف زرداري ان جي ابتڙ “مفاهمت” کي هِن وقت هر تعلق کان مٿاهون ٿو سمجهي. کيس خبرآهي ته “مفاهمت” کيس سينٽ جي اليڪشن تائين پهچائي سگهي ٿي. يار دوست ڪاڏي ويندا. پر ذوالفقار مرزا “دوستيءَ” ۾ استعمال ٿيڻ ۽ مفاهمت خلاف آهي. هُو ايم ڪيو ايم کي هر حال ۾ سرڪار کان ٻاهر ڏسڻ ٿو چاهي. پيپلز پارٽيءَ ۾ هن وقت اندرين ڇڪتاڻ تيز آهي. آصف علي زرداريءَ جي دوستي سبب ذوالفقار مرزا پيپلزپارٽيءَ اندر بااثر اڳواڻ ۽ سگهارو وزير بڻيو ۽ ذوالفقار مرزا هاڻوڪي سرڪار ۾ صدرآصف علي زردايءَ لاءِ مخدوم امين فهيم، مخدوم شاهه محمود قريشي، اعتزاز حسن، ناهيد خان ۽ صفدر عباسي کان وڌيڪ ڏکيو بڻيو. ڇو ته ذوالفقار مرزا وزارتون، حڪومتون ۽ عهدا ڇڏي هي جنگ شروع ڪئي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هِن سنڌ جي عوام جي حق ۾ اها ڳالهه ڪئي، جنهن جو عوام پهرين ڏينهن کان مخالف هُئو ۽ خود پيپلز پارٽي به مخالف هُئي يعني ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ جو اتحاد. ان ڪري سنڌ جو عوام ساڻس گڏ آهي. ڪراچيءَ جا سنڌي، بلوچ، پشتون، پنجابي سرائيڪي ئي نه پر متحده مخالف اردو ڳالهائيندڙ به کيس سٺو ٿا سمجهن. اهڙي ماحول ۾ سوال اڀريو ته ڇا ذوالفقار مرزا جي سبب پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر ورهائجي رهي آهي. ان سوال تي ذوالفقار مرزا جا مخالف وزير راءِ جوڙي رهيا آهن. ذوالفقار مرزا کُليل لفظن ۾ چوي ٿو ته هُو ڪرپٽ وزيرن خلاف آواز اٿاريندو رهندو. صدر آصف زرداري مرزا جي ضد کي چڱي ريت ڄاڻي ٿو. ان ڪري هُو مرزا کي ضد بدران فهم ۽ ٿڌائپ سان سمجهائڻ چاهي ٿو ان ڪري اهو ٽاسڪ خورشيد شاهه حوالي ڪيو. اطلاع آهن ته صدر زرداري پاڻ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪراچي پهچي پيپلز پارٽي جي پارلياني پارٽيءَ جو اجلاس سڏرائيندو ۽ ايم پي ايز کان ذوالفقار مرزا بابت راءِ پڇندو. آصف زرداريءَ جو ڪمال اِهو هوندو ته مارچ تائين ذوالفقار مرزا کي بچائي. سرڪار کي بچائي سينيٽ جي اليڪشن ۾ حصو وٺي ۽ تيستائين ايم ڪيو ايم سميت اتحادين کي سرڪار ۾ به رکي ۽ مارچ تائين ڄاڻايل ٽنهي ڌرين کي هڪ هنڌ رکڻ في الحال آصف زرداري لاءِ سڀ کان وڏو چئلنيج آهي. ڇو ته ذوالفقار مرزا گڏ نه رهيو ته پيپلز پارٽي ورهائجي ويندي. ايم ڪيو ايم کي بچائيندي بچائيندي پيپلز پارٽي ورهائجي رهي آهي. پر ايم ڪيو ايم رهي ته ذوالفقار مرزا نه رهندو. اتحادي نواز ليگ سان ملي ويا ته سينيٽ جي اليڪشن تائين سرڪار نه رهي سگهندي. لڳي ن ٿو ته مارچ تائين ڌريون گڏوگڏ هلن.

ٽپي ڪير آهي؟

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا واپسي کانپوءِ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي وزيرن جا راز کولڻ سان گڏ “ٽپي” جو نالو ورتو ۽ کيس لينڊ مافيا جو ڪرتا ڌرتا سڏيندي بلاول هائوس خالي ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو. “ٽپي ڪير آهي؟” منظور ٽپي اصل ۾ ڪراچي ۾ آصف زرداري جو ڀاءُ سڏرائي اربين روپين جي زمينن جي ڪاروبار ۾ سرگرم آهي. حاڪم علي زرداريءَ جي پوئين گهر واري “ٽمي” جو اڳ ڄائو “ٽپي” آصف علي زرداري جي ويڳي ماءُ جو پُٽ آهي. موجوده سرڪار اچڻ کانپوءِ “ٽپي” ڪراچي ۾ اڳيان آيو. هُن روينيو کاتي جي آفيسرن جي ٽرانسفر پوسٽنگ ڪرائي کين ويجهو رکيو. ملير، گڏاپ ۽ بن قاسم ٽائون اندر روينيو کاتي جي آفيسرن سان سندس دوستين کانپوءِ وٽس سرڪاري زمينن جا نقشا ايندا رهيا. زمينن تي قبضي جو سلسو جاري ٿيو. بن قاسم ٽائون ۾ هزارين ايڪڙ زمين “ٽپي” سبب روينيو کاتي جي آفيسرن وڏن وڏن بلڊرز کي الاٽ ڪئي. ڪراچي ۾ جعلي ڳوٺ اڏائڻ ۾ “ٽپي” ۽ روينيو کاتي جا آفيسر اڳيان آهن. ڪراچي ۾ لينڊ مافيا ۽ ٽپي جا لاڳاپا هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. بلاول هائوس تائين “ٽپي” جي رسائي ڪيئن ٿي اها خود ڪهاڻي آهي. پيپيلز پارٽي جا اُهي اڳواڻ جيڪي زمينن جي قبضي ۾ ملوث آهن اُهي سڀ “ٽپي” جا مريد بڻجي ويا. بلاول هائوس جي ترجمان کان ذوالفقار مرزا خلاف بيان جاري ڪرايو ويو. مرزا بلاول هائوس خلاف نه پر “ٽپي” خلاف بيان جاري ڪيو. اطلاع آهن ته خود صدر آصف علي زرداريءَ ”ٽپي” کان بيزار آهي. ان ڪري ذوالفقار “ٽپي” کي ڌمڪي ڏني ته هاڻي هُو شرافت سان واپس دبئي هليو وڃي نه ته سندس خلاف نفرت وڌي رهي آهي. ساڳي وقت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا صدر آصف زرداري کي به اِهو پيغام ڏنو ته ”ٽپي” يا لينڊ مافيا خلاف ڪيس منظرعام تي آڻڻ وارو آهي. (عين جيم)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو