Home / ڪور افيئر / مسلم ليگ (ن) جي آفيسن تي حملا سنڌ ۾ سياسي ڌريون عتاب جو شڪار
above article banner

مسلم ليگ (ن) جي آفيسن تي حملا سنڌ ۾ سياسي ڌريون عتاب جو شڪار

ويجهڙ ۾ ئي پاڪستان مسلم ليگ ن جي دفترن ۽ مقامي اڳواڻن ۽ انهن جي گهرن مٿان حملن ۽ فائرنگ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪوٽڙي ضلعي ڄامشوري ۾ قائم پي ايم ايل ن جي آفيس کي ساڙيو ويو ۽ مقامي اڳواڻن کي فون تي ڌمڪايو ويو.تنهن کان پوءِ اهو سلسلو جاري رکندي پ پ پنهنجي مفاهمتي پاليسي تحت حيدرآباد، خيرپور، نوابشاهه، سکر، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، وارهه ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي مسلم ليگ ن جي آفيسن سان گڏ ن ليگ سربراهه نواز شريف سميت ٻين اڳواڻن جون تصويرون ۽ پينافليڪس بورڊ پڻ ساڙيا ويا. ان جو سبب اهو پيو ٻڌايو وڃي ته اهو 28 آڪٽوبر تي لاهور اندر نڪتل مسلم ليگ جي ريلي ۾ ميان شهباز شريف طرفان ڪيل تقرير جو رد عمل آهي. ان لاءِ عرض آهي ته 28 سيپٽمبر تائين حڪومتي وزير ۽ صدر زرداري جا نورتن مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان نواز شريف ۽ ٻين اڳوڻن لاءِ ڪهڙي زبان استعمال ڪندا رهيا آهن؟ غير پارلياماني ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي، ڇا اهو سڀ ڪجهه حڪمرانن لاءِ جائز آهي؟ ان کان اڳ ۾ ئي پهريون رائونڊ ته اپريل مئي دوران شروع ڪرايو ويو هو جو مسلم ليگ هائوس ڪراچي ۽ مقامي اڳواڻ سردار رحيم جي ذاتي ڪاروبار تي، سنڌ اندر هڪ نالي ۾ نهال قومپرست ڌر هٿان حملو ڪرايو ويو هو ۽ هاڻي جيالا پاڻ ميدان ۾ ڪُڏي پيا آهن.!! سبب اهو ته هن وقت ملڪ اندر جيڪو حڪومتي ڪار وهنوار هلي رهيو آهي، جيڪا ڦرلٽ ۽ عوام سان چيٽنگ ٿئي پئي ان ڏانهن ڪير به آڱر کڻڻ جي جرئت نه ڪري ۽ نه ڪو ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي!! اگر ڪنهن اهڙي جرئت ڪئي ته ان کي انهي پرتشدد مفاهمتي پاليسيءَ طور خاموش ڪرايو ويندو.

حڪمران سياسي مخالفن کي تشدد ۽ ڌمڪائڻ ذريعي ڪيترو ڪامياب ويندا اهو ته وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو.ان سلسلي ۾ جيڪڏهن اسين اڄ کان چار ڏهاڪا پوئتي نظر وجهنداسين ته جڏهن پيپلز پارٽي کي اقتدار مليو هو ته هنن ان وقت به ان ٻه شاهڪار ڪارندا عوام آڏو متعارف ڪرايا هيا. تن مان هڪ هيو مسعود محمود جنهن کي فيڊرل سڪيورٽي فورس جو سربراهه بڻائي سياسي مخالفن کي چٿڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هو، پوءِ اهي سياسي اختلاف راءِ رکندڙ سندن پارٽي ۾ ئي ڇو نه هجن! ايس ايف ايس جو معمول هوندو هو ته روزانو صبح جو ڪنهن نه ڪنهن مخالف پارٽي جي دفتر يا ان جي اڳواڻ تي حملو ڪري ڏيندا هيا. ڪنهن جي مجال هئي جو هنن کي روڪي، ايف سي ايف جو ٻيو ڪارنامو هيو پارٽي اندر جمهوري طريقي سان اختلاف رکندڙ اڳواڻن کي اهڙو سبق سيکارڻ جو هو مرندا مري وڃن پر ان ذلت آميز روئي جو داغ پاڻ سان کڻيو وڃن. مثال طور پارٽي جي سينئر ترين اڳواڻن، مير علي بخش ٽالپر، (مير منور ٽالپر جو والد صاحب، فريال ٽالپر جو سهرو) مير علي احمد ٽالپر، جي- ايم رحيم، محصود قصوري (خورشيد قصوري جو والد) خورشيد مير، معراج محمد خان ۽ باباءِ سوشلزم شيخ رشيد ۽ ٻيا اڳواڻ بڻجندا رهيا، انهي کان سواءِ ايف ايس ايس جي نگراني ۾ قائم ڪيل بدنامِ زمانه اُلائي ڪيمپ جنهن ۾ صرف پارٽي اندر اصولي اختلاف رکندڙن کي ئي رکيو ويندو هو جنهن ۾ پ پ پنجاب جي اڳواڻ چوڌري افتخار تاري قيد هجڻ ڪري وڏي شهرت ماڻي، انهي ڪئمپ ۾ ڪجهه ڏينهن شير پنجاب سڏيو ويندڙ پ پ اڳواڻ ۽ سابق وزير اعليٰ ۽ گورنر پنجاب مصطفيٰ کر کي به گذارڻا پيا هيا پر پنجابي اشرافيه هجڻ جي ڪري کيس معاف ڪيو ويو، باقي چوڌري افتخار تاري ۽ ٻيا اڳواڻ ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ کان پوءِ ئي آزاد ٿيا هئا.

1973ع- 1974ع ۾ حڪمران پيپلز پارٽي جو ٻيو شاهڪار تحفو جيڪو سنڌ جي ماڻهن لاءِ هيو اهو هيو ايس پي پنڃل جوڻو جنهن جي شهرت اها هئي ته هو اڻپڙهيل ۽ رينڪر آفيسر هيو، ان ڳڻ جي ئي ڪري ان وقت جي حاڪمن مقامي سطح تي مخالفن کي چيڀاٽڻ ۽ عزت نفس مجروح ڪرڻ لاءِ پوليس ڪماني ڪري رکيو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڀرپاسي وارن ضلعن اندر به کيس اختيار مليل هيا ته جيئن ارباب اختيار سان اختلاف رکڻ واري کي سيکت ڏئي سگهجي، ايس پي جي ڏاڍاين جو شڪار سنڌ جو قوم پرست پارليامينٽيرين مرحوم عبدالحميد خان جتوئي به بڻيو هو، جنهن کي جون جي گرمي ۾ منجهند جو گرفتار ڪري وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ٻَٻُر جي ڇانو هيٺ ويهاري ڇڏيو هو، ان کان سواءِ جيئي سنڌ تحريڪ جا اڳواڻ امان الله شيخ، غوثو (اصل ۾ غوث بخش خاصخيلي) ۽ خاص طور تي جماعت اسلامي لاڙڪاڻي جو اڳواڻ مولانا جان محمد عباسي بڻيا هيا، انهي کان پوءِ وري 1993ع ۾ پ پ جي حاڪمن سياسي مخالفت جي ڪري شهيد فاضل راهو جي سوٽ شيخو راهو، ان جي پٽ ۽ چئن ٻين ماڻهو کي خون جي ڪوڙي کيس ۾ گرفتار ڪرايو جتي شيخو راهو تشدد ۽ اذيت جي ڪري بيمار ٿي پيو ۽ ڊاڪٽري رپورٽن مطابق کيس ڦڦڙ جو مرض وڪوڙي ويو.هو ايترو ته ڪمزور نٻل ٿي چڪو هو جو سڌو بيهي نه سگهندو هو تنهن جي باوجود کيس ڏنڊا ٻيڙيون لڳل هونديون هيون ۽ اسپيڊي ٽرائل ڪورٽ نمبر 2 حيدرآباد جو جج هن تي ايترو رحم ضرور کائيندو جو پيشي دوران ڪورٽ اندر کيس بئنچ تي ويهڻ جي اجازت ڏيندو هو پر اهو حڪم هن ڪڏهن به نه ڏنو ته هن پيرسن مريض کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بجاءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي!! ۽ پوءِ اهو ٿيو جنهن جي انوقت پرنٽ ميڊيا شاهد آهي ته حيدرآباد سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد مورياڻي هن کي داخل ڪرڻ کان اهو چئي جواب ڏنو هو ته مون کي مٿان کان جهليو ويو آهي ۽ هن جو علاج هتي ممڪن به ناهي تنهن ڪري هن کي ڪراچي کڻي وڃو. ان وچ ۾ جيل سپريڊنٽ ميجر کوسي جي معرفت شيخو راهو ان جي پٽ ۽ سندن ساٿين مٿان زرو وڌو ويو ته حڪمرانن سان ٺاهه ڪيو. پر شيخو راهو جيڪو بنهه غير سياسي ماڻهو هو پر هنن کي ٺاهه کان جواب ڏئي ڇڏيائين ۽ پوءِ جناح اسپتال ڪراچي جي ڪينسر وارڊ ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين، جڏهن سندس دم نڪري چڪو هو تنهن کانپوءِ به لاش کي 12 ڪلاڪ ڏنڊا ٻيڙيون لڳل هيون ۽ ايڌي سرد خاني سهراب ڳوٺ ۾ رکي ڇڏيائون. انهي کان سواءِ پ پ ڪراچي جو اڳواڻ ۽ ايم پي رهندڙ علي محمد هنڱورو جنهن کي به پ پ جي هنن حاڪمن ئي جيل اندر مارائي ڇڏيو، لاڙڪاڻي ضلعي جو چيئرمين رهندڙ غلام حسين انڙ جنهن ويچاري جي حياتي پوري ٿي وئي پر مٿس پوليس ريمانڊ ختم نه ٿيا، دادوءَ جو قاسم بوزدار پ پ حڪومت جو سمورو وقت سنڌ جي مختلف لاڪبن ۾ گذاريو پر آڻ نه مڃيائين ۽ انهي دور جي حڪمرانن جو آخري نشانو مير مرتضيٰ ڀٽو بڻيو جنهن کي سندس گهر ڀرسان ئي گوليون هڻي ماريو ويو! اها آهي مختصر تاريخ هنن حڪمرانن جي غير جمهوري طريقي سان سياسي مخالفن کي هيسائڻ  جي. هاڻي وري اهي ذميواريون اڄ جي دور ۾ بابر اعواڻ ۽ ڪجهه ٻين حوالي ڪيون ويون آهن. هي سٽون لکڻ تائين پيپلز پارٽي يوٿ وارن جو اهو موقف سامهون آيو آهي ته ”اڃا ته اسان بيگم نصرت ڀٽو جي سوڳ ۾ ويٺا آهيون، سوڳ گذري ته خبرون پوءِ پونديون.” ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳوڻ محمد اسماعيل راهو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته غير جمهوري ۽ اخلاق کان ڪريل حرڪتن ذريعي مسلم ليگ ن کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. حڪمرانن جي اُها ڀل آهي ته سنڌ اندر مسلم ليگ ن جي آفيسن کي تباهه ڪرڻ يا انهن تي حملا ڪرڻ، مسلم ليگ جي اڳواڻن تي ۽ انهن جي گهرن مٿان فائرنگ ڪري انهن کي ڊيڄاري پارٽي سان وفاداريون ختم ڪرايون وينديون، اهو ناممڪن آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان اڳ ۾ به اهڙن غير جمهوري حرڪتن جو سياسي طرح سان مقابلو آهي ۽ هاڻي به مسلم ليگ ن جو هر ورڪر حڪمرانن جي غير جمهوري ۽ عوام دشمن حرڪتن جو هر هنڌ ڄمي مقابلو ڪندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو