Home / افيئر / ملهه پهلوان سرور جتوئي قتل سنڌ جو ثقافتي سفير قبيلائي وحشت جو کاڄ
above article banner

ملهه پهلوان سرور جتوئي قتل سنڌ جو ثقافتي سفير قبيلائي وحشت جو کاڄ

4 آڪٽوبر 2011ع تي خيرپور ضلعي جي ٿاڻي ٻٻرلوءِ جي حد ڳوٺ پلهه ۾ درگاهه داون شاهه جي ميلي تان پنهنجي گهر واپس ايندي مارجي ويل سنڌ جي نامياري ملهه پهلوان سرور جتوئي جو مڙهه ڳوٺ فريد خان جتوئي ۾ مٽي ماءُ حوالي ٿي چڪو آهي. ديهه نون ۾ ان ڳوٺ چوڌاري ساريال فصل سبب پاڻي جي ڪري اوستائين پهچ به ڪنهن آزمائش کان گهٽ ناهي. ان هوندي به ان ننڍڙي ڳوٺ تائين زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ بي شمار ماڻهن جو جنازي ۽ تدفين ۾ شريڪ ٿيڻ سندس مهانتا جي ساکي آهي. هن سان جڏهن هي حادثو پيش آيو ته ان وقت ون ٽو فاءِ موٽر سائيڪل تي سوار ٻن ڀائر هٿياربندن ڪراس ڪيو. سرور جتوئي سان گلبهار جتوئي گڏ هو. هو ٻئي پيادل هئا موٽر سائيڪل تي سوار همراهن اڳيان اڳ وٺي فائرنگ ڪئي. ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪندڙ امين جاگيراڻي سان گلبهار مزاحمت ڪئي اهو پٽ تي ڪريو ته ٻئي جوابدار سرور جتوئي کي نشانو بڻايو. ان گلبهار کي به ٽارگيٽ ڪيو پر گلبهار بدران گولي امين جاگيراڻي کي گهائي وئي. امين جو ڀاءُ انعام جاگيراڻي ڪجهه عرصو اڳ قتل ٿيو هو، جنهن جي جواب ۾ سرور جتوئي ناحق خون ٿي ويو. علي مردان جاگيراڻي جي پٽن هي ڪهڙو پلاند پاڙيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جو ساهه پساهه پيڙا ۾ وٺجي ويو آهي. سرور جتوئي سنڌ جو اهو سفير هو جيڪو ثقافت جي ورثي جي حفاظت پنهنجو پهريون فرض تصور ڪندو هو. امن جو علمبردار هو. رتوڇاڻ کان پري رهندڙ انسان جو اڄ خود پنهنجو رت جنهن کاتي ۾ وهيو آهي اها علامت ۽ اهو حوالو سالن کان سنڌ جو ساهه سڪائيندو آيو آهي. قبيلائي دهشت گردي جو سنڌ جي ساڃاهه تي جيڪو هاڻوڪو وار ٿيو آهي تنهن سڄاڻ ڌرين جي ساهه تي ڄڻ ته لت ڏئي ڇڏي آهي. اها مسڪيني سان ملهه آهي ۽ محڪومن، مظلومن جي مات آهي. قاتلن کي اهو احساس هو ته سرور جتوئي جا پٽ ۽ پونئر جنگجو ويڙهاڪ ناهن. هن سندس شرافت کي آڏو رکي سرور جتوئي کي نشانو ان ڪري به بڻايو ته هڪ ته جتوئي برادري ڏانهن هو اهو ميسيج موڪلڻ چاهن پيا ته هنن سنڌ جي چوٽيءَ جي ملهه پهلوان کي ماري ڪهڙي ۽ ڪيتري مڙسي ڏيکاري آهي. ٻيو ته شايد هو سمجهن پيا ته ان قتل جو ترت اهڙو پلاند به نه ٿيندو جهڙو تاءُ سنڌ اهڙن واقعن ۾ اڪثر ڏسندي آئي آهي. پر قاتل ڌر کي اها خبر ناهي ته هي هڪ خون انهن جو جيڪو ۽ جيترو پيڇو ڪندو سو سندن تصور کان به مٿاهون آهي. قاتلن جي ڪڍ هاڻ هڪ قبيلو ناهي پوري سنڌ جي ساڃاهه انهن خلاف هڪ آواز ٿي آهي.

سرور جتوئي جي مڃتا جي حوالي سان سچل، شهباز، لطيف ۽ صدارتي ايوارڊ کان وڌيڪ سندس شخصي شرافت، اخلاق ۽ وڏي سڃاڻپ آهي. هو پاڪستان ملهه ايسوسئيشن جو باني هو. هو پنهنجي ڳوٺ ۽ ويڙهي جو چڱو مڙس به هو. هڪ ڪامياب ۽ بهادر انسان به هو. سنڌ سطح تي سرڪاري حوالي سان ٿيندڙ ميلن ملاکڙن جي ڏس ۾ جڙيل گورننگ باڊي جو ميمبر به هو. هن سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ پنهنجي مهارت ۽ صلاحيتن سان جيڪي مقابلا ڪيا انهن جي آڌار تي کيس سنڌ جو ناز به ڪوٺيو ويندو هو. سندس حوالي سان اخبارن رپورٽ ڪيو آهي ته هو ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃي پاڪستان جو نانءُ اوچو ڪري آيو. پر حقيقت اها آهي ته هن کي ٻاهر وڃڻ جو سرڪاري سطح ٿي ڪو موقعو نه مليو نه ميسر ٿيو . پي ٽي وي کان ويندي پرائيويٽ چئنلن تائين ۽ پرنٽ ميڊيا به هن کي پنهنجي زندگي ۾ اها پذيرائي نه ڏني جنهن جو هو حقدار هو.

سندس پيءُ قلب علي خان پنهنجي دور جو مشهور ملهه پهلوان هو. ان جي خواهش هئي ته سرور لکي پڙهي ڪو ڪامورو بڻجي. پر قدرت پنهنجي ڪتاب ۾ هن لاءِ ڪنهن ٻي ڪرت جو ئي تعين ڪيو هو. هن جا هند ۽ سنڌ جي اديبن سان ويجهڙائپ وارا واسطا هئا. پاڻ راڳ جو وڏو شوقين ۽ ڄاڻو هو. پرائمري پنهنجي ڳوٺ، مئٽرڪ خانپور ۽ گريجوئيشن اي اينڊ ايس ڪاليج مان ڪئي. شڪارپور جي اسٽور گنج ٿاڻي جي حد مان ٻي ذات جي هڪ پڙهئي لکي خاندان مان شادي ڪيائين ۽ مهر جتوئي تڪرار توڙي شرافت سبب ٻين پيدا ٿيندڙ مسئلن جي ڪري خاندان سميت ڪراچي ۾ رهڻ لڳو.

ڪيڏي نه اتفاق ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته اڄ جيڪو امين جيل ۾ آهي ان نانءَ سان هن کي گهڻي محبت هئي. هو محمد امين کوسو کان متاثر هو ۽ اتساهه رکندڙ نانءَ ئي هن جي زندگي جي تند ٽوڙي ويو.

هن کي خبر نه هئي ته ميلي جي آخري ڏينهن جي موٽ هن لاءِ موت جو پيغام ثابت ٿيندي. هن جي خوبي يا خامي اها هئي ته هو بنگلن جون حاضريون نه ڀريندو هو. هو پنهنجي واٽ وارو ماڻهو هو. هن زندگي ۾ رڳو ڪردار ئي ٺاهيو. اڄ به هن جي فيملي ڪراچي ۾ هڪ ڪرائي جي فليٽ ۾ رهي ٿي. پر هن جي واٽ انهن جي واٽ نه هئي جيڪي سندس وجود جا ويري بڻيا. گذريل ڪجهه عرصي کان ڪو به هن کي ملهه جي ميدان ۾ مات نه ڏئي سگهيو هو. سندس زندگي جي المين ۾ وڏي پٽ سجاد جي ننڍي هوندي بخار سبب ٻڌي سگهڻ جي سگهه جو خاتمو اچي وڃي ٿو. هو پنهنجي دور ۾ شڪارپور سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ شاگرد يونين جو صدر رهيو.

سندس يادگار ملهه جي پهرين مقابلي جا پيرا ٻڌائين ٿا ته عيدالفطر جي موقعي تي صحافي محرم علي پاران ٿيندڙ ملهه جي تقريب ۾ هن پنهنجا جوهر ڏيکاريا ۽ جهان تي ڇائنجي ويو. هن ملهه جي فن جي سکيا پنهنجي بابا سائين کان ورتي ۽ ڪجهه گُرَ بکر شيدي کان به سکيا.

سندس زندگي جي پنجونجاهه سالن جا سپنا ٻڌائين ٿا ته 1982ع ۾ حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ منعقد ملاکڙي جي موقعي تي هن ملهه ايسوسئيشن جو بنياد وڌو. هن جي صلاحيتن هن کي رستم شڪارپور مان چئمپين سنڌ بڻايو. سنڌ جي هن پهرين پڙهئي لکئي ملهه پهلوان کي سنڌ جي ثقافت، ادب ۽ تاريخ سان تمام گهڻي دلچسپي هئي. هو سنڌ جي ماڳن مڪانن سان به محبت ڪندو هو.

سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته سرور جتوئي ملهه پهلوان جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي ۽ سڄي حياتي ملهه جي فروغ لاءِ پاڻ پتوڙيو.

پر سوال اهو آهي ته سرور جتوئي جي پورهئي جي اڄ ڪنهن کي ڪيتري پرواهه آهي؟ ان جي پيڙا ڪنهن کي ڪيترا پور ٿي بخشي؟ ان جو خون اڄ ڪنهن کان ڪهڙي تقاضا ڪري رهيو آهي؟ هو جنهن کي ڪوبه ملهه لوڏي نه سگهيو. اڄ ان جو وجود جن ختم ڪيو آهي تن کي ڪير ڪيترو لوڏي ۽ ڌوڏي سگهيو آهي؟ هو ننڍپڻ کان اڄ ڏينهن تائين سلامتي جي ڳالهه ڪندو آيو. ڇا هن جو جرم اهو هو ته هو روايتي جتوئي نه هو؟ هن ڪڏهن به پنهنجي زندگي جي ڏکن سورن جي ڪنهن آڏو نمائش نه ڪئي، پر هن جي اولاد جا نيڻ اسان کي جيئن نهوڙي رهيا آهن تن جو پاڻ وٽ ڪهڙو تسلي جوڳو جواب ۽ ڪا دلجاءِ آهي؟ هن ڪنهن سان نه اُچايو نه ڦٽايو نه ڪنهن کي رنجايو پر هن جي رت سنڌ جي روح کي جيڪي رنج ڏنا آهن تن جو ڪنهن وٽ ڪهڙو سدباب آهي؟

naseembukhari@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو