Home / افيئر / مهان راڳيءَ کي ڀيٽا اسانجو جگجيت
above article banner

مهان راڳيءَ کي ڀيٽا اسانجو جگجيت

 

هردَم، هر شيءَ هَارائي جڳ جِيتي ويندڙ جگجيت، 10 آڪٽوبر تي سدائين لاءِ موڪلائي ويو. ڌيمي لهجي ۾ ٻُرندڙ سُرَ، َآواز ۽ غزل پاڻ سان کڻي. ڪلاڪار جي وئي پڄاڻان هُنَ جي شخصي زندگيءَ جا لاها چاڙها، خوشي ۽ غَم شايد ئي ايتري اهميت رکندا هجن ٿا جيتري اوليت سندس حياتيءَ جي حاصلات جي فن ۾ اوتار کي ڏسڻ ۾ آئي آهي. پيڙا، جيون جو سڀ کان اُتم ۽ آخري سچ آهي- کيس دانهيندي ٻُڌو ٿو وڃي. ذاتي درد، انسانيت جي گڏيل خساري جو جُز ڀانئي هُو اوهان جي، منهنجي، سڀن جي سيني ۾ مَتل ڪاٽ جي ڳالهه ٿو ڪري. گهاوَ جي بات ۽ اُن مان ٽِمندڙ رت ڦُڙن جي. اسان مان ڪيئي غافل، راڳيءَ واتان مَاڪَ ڦُڙن جي ذڪر مَهل وقتي موج هٿان وساري ٿا ويهون. سطحي سُرور منجهه، جُهومائي ڀُلجي ٿا وڃئون ته بَاکاٽي سَمئه جي سانت، سِرشٽيءَ جي سيني مان ٽمندڙ اهي رت ڦڙائي آهن جن کي مُسڪرائي، شبنم ڪوٺيندا رهيا آهيون. درد جي آفاقيت سامهون خوشيءَ جي بي ثباتي وقعت ئي ڪيتري ٿي رکي؟


اُتر هندستان. ڪاهي آيل لشڪر ۽ سندن سَالار. اُردو ٻوليءَ جو جنم. ڏکڻ جو غزل. ‎شاعريءَ جي اها صنف پنهنجي جاءِ وٺي ٿي. مِير کانپوءِ غالب جي تڙپندڙ آتما. وٽس غزل جي انتها ٿئي ٿي. اهو ورهاڱي کان هڪ سو سال اول جو زمانو آهي. ڀاشا،  معصوم هجي ٿي. کيس عام استحصال جي اوزار طور ڪتب آڻي سگهجي ٿو. دنيا ڏٺو ته پوءِ واري ڏيڍ صديءَ دوران اردو زبان مذهبي توڙي سياسي چالبازن هٿان اُپکنڊ ۾ پيدا ٿيل ڏڦيڙن منجهه سگهاري ٽُول طور استعمال ٿيندي رهي. ڪيترائي پنجابي، پٺاڻ ڪوي پڻ ماءُ جي لولي وساري اردو شاعريءَ جي ڇَانوَ ۾ پَناهه ڳولهيندا رهيا. جڳ جهان شاهد آهي ته اُهي پوءِ ڪرڀ ڏياريندڙ ٽڪساٽ جو ڀاڱو ٿيا. اهڙو پنجوڙ جنهن ۾ سندن پنهنجي ڌرتي ۽ سماج پڻ قيد رهيا. کيڏاڙ اڃا ختم نه ٿيو آهي. لوڪ، اُردو ٻوليءَ کي جيءَ ۾ جاءِ نه ڏني. ڏتڙيل قومن ۾ وچولي طبقي ڪَرُ کنيو ته فقط غالب جي غزلن ۾ پاڻ ڳولهڻ سکيائون. نيم ڪلاسيڪي انداز ۾ ڳائيندڙ جڏهن ان مجذوب شاعر کي آلاپيو ته پنهنجا لڳڻ لڳا.

راجستاني مٽيءَ مان ڳوهيل، ريتيلي ڌرتيءَ جي ڌيرج وچان آهستي آهستي آروهي امروهي ويندڙ جگجيت کان، حرفتي گلزار، غالب ڳارائي ٿو. 80ع جو ڏهاڪو آهي. بيگم اختر کي مُئي پندرهن ورهيه ٿيا هوندا. مهدي حسن غزل ۾ پنهنجي سڃاڻپ بنهه يگاني ۽ مٿاهين کڻي وڃي ٿو. تڏهن پڻ کيس غالب ڳائڻو پوندو. ويندي فارسيءَ ۾ به. بيگم اختر کان گهڻو مختلف. نئين رنگ ۾. صوفي تبسم ان عظيم شاعر جو پنجابي ترجمو غلام علي تي آزمائي ٿو. گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ غالب کي نڪور ڍنگ سان ادا ڪرڻ جون مارڪون بهرحال جگجيت ڏانهن. جوڻهنس چترا ساڻ نه هجيس ته لطف گهڻو نه وڌي ها. ٻيهر لکجي ٿو ته ريگستاني فضا جي فطري ٺهراءَ مان جوڙيل رڌم ۽ تنهن منجهه غالب جي شاعري شاندار تجربو هئو. شاباش، جگجيت!

باقي اُپکنڊ جي مقابلي ۾، سنڌ جي وچولي طبقي جي اَوسر دير سان ٿئي ٿي. ڇو؟ هتي اهو موضوع ڪونهي. اسان جو مڊل ڪلاس پَرَ سوئي رهيو آهي. انڊيا ۾، آرٽ فلمن جو زمانو. ٿڌي ۽ ڌيمي لئه تي ڳائيندڙ قمر سومرو، روح سان راڳ چوندڙ بيدل مسرور- نوجوانن جي پسند. ڪراچيءَ جو حبيب ولي محمد ۽ لاهور کان اُستاد امانت علي. بيگم اختر کي پاڻ گهڻو پوءِ ٻُڌنداسين. مهدي حسن جون ڪافي محفلون سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ٿين ٿيون. سَتر ۽ اسي وارا سال آهن. ڪٿان جگجيت جي ريڪارڊنگ اچي ٿي- هونٽون سي ڇو لو تُم يا تُم کو ديکا تو يه خيال آيا. هورڙيان هورڙيان اهي اسانجي ڦوهه جوانيءَ جا گيت بڻجي اُڀرن ٿا. تم هارڪي دل اپنا ميري جيت امر ڪردو.- ڇوڪرو، ڇوڪريءَ کي آخري وينتي ڪري ٿو. اهو ڄامشورو آهي. جگجيت کي ڪڏهن معلوم ئي نه ٿي سگهيو ته پاڻ ميهڙ، سڪرنڊ ۽ ماتليءَ وارن سان ڇا ڪيائين. ڪلا جي مهانتا ان ۾ آهي. اها فقط ڏيڻ ڄاڻي ٿي. جگجيت وري وري اسانجي حياتين ۾ داخل ٿيندو رهندو. کيس ورجائڻ بنا اسين پيار نٿا ڪري سگهون. درد جو اٿاهه سمنڊ جنهن کي جيون چئجي ٿو سو پار ڪري به نه ٿا سگهئون.

ڀونچال واري دور ۾ جگجيت ۽ غالب، استاد قمر سومرو ۽ اسحاق راهي. روح جي پالنا لاءِ لازمي سُتيون آهن. وٽن موٽڻ بنا پاڻ جنهن ازلي خساري ۾ آهيون تنهن جو صدمو سهندي، مرڪندي، اڳتي ڪيئن وڌي سگهنداسين؟

ارشاد ميمڻ

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو