Home / افيئر / مَريءَ جي مَڌ تي پابندي
above article banner

مَريءَ جي مَڌ تي پابندي

ڪراچي شهر جي هر تاريخي عمارت خاموش ۽ اوندهه ۾ ٻڏل آهي سواءِ هڪ ڪارنر جي جتي هڪ دڪان جو اڌ کليل شٽر ۽ اندر لوهي سيخن لڳل دڪان آهي جتي ڪجهه ماڻهو مصروف هئا. مُک دروازي وٽ هڪ بورڊ لڳل آهي جنهن تي لکيل آهي ته “فقط غير مسلمن لاءِ”.

مک دروازي کان اندر هڪ همراهه پاپ ڪارن ۽ پاڻي جون ٿڌيون بوتلون وڪرو ڪري رهيو هو. لوهي سيخن ٻاهران ماڻهن جي پيهه هئي ۽ اهي تڪڙ ۾ هئا، ڪجهه ماڻهو بوتلون ور ۾ هڻي لڪائي رهيا هيا ۽ ڪجهه وري مڌ جي بوتلن ۾ پاڻي ملائي رهيا هئا.

لوهي سيخن کان ٻاهران بيٺل ماڻهو دڪان ۾ اندر موجود همراهه سان بحث ڪري رهيو هو “مون توهان کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اسان وٽ مَري جو مَڌ موجود ناهي، توهان زرداريءَ وارو وٺي سگهو ٿا” دڪاندار وضاحت پئي ڪئي، پر ٻاهر موجود همراهه کيس مَري جو مَڌ ڏيڻ لاءِ زور ڀريو.

مون اهي منظر “پايونيئر وائين شاپ” آءِ آءِ چندريگر روڊ تي بيٺي ڏٺا. واضح رهي ته پاڪستان جي ٽن قانوني طور مَڌ ٺاهيندڙ ڪمپنين مان هڪ مري بريوري پنجاب حڪومت طرفان ڪچي الڪوهل تي ڳرو ٽيڪس مڙهڻ سبب 80 سيڪڙو مقامي طور مَڌ جي پراڊڪشن گهٽائي ڇڏي آهي، رڳو ڪراچي جي انڊس ڊسٽلري اينڊ بريوري پرائيوٽ لمٽيڊ جو مَڌ وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

“انڊس ڊسٽلري ڪمپني اصل ۾ هندو ايم پي اي گيانچند جي آهي، پر اها عام راءِ آهي ته ان ۾ صدر آصف علي زرداري جو به حصو پتي آهي، ان ڪري گهڻا تڻا مَڌ جا دڪاندرا ان کي زرداري مَڌ چون ٿا” پايونيئر وائين شاپ جي مالڪ مهاراج اِندر “افيئر” کي ٻڌايو.

اڳ ۾ اهي افواهه هئا ته مذڪوره فيڪٽري ۾ زرداري جو معمولي حصو آهي، ليڪن هاڻي ان فيڪٽري جو مالڪ نالو استعمال ڪري ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. “مونکي اها خبر ناهي ته سڀ کان پهرين اهو نالو ڪنهن کنيو پر هاڻي عام طور انڊس جي مَڌ کي زرداريءَ جو شراب ئي چيو وڃي ٿو” اندر چيو.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ سرڪاري طور مَڌ ٺاهڻ لاءِ ٽي منظور ٿيل ڪمپنيون آهن جن سالن جي پراڻي مري راولپنڊي، انڊس ڊسٽلري اينڊ بريوري (پرائيوٽ) (اڳوڻي بيچ بريوري پرائيوٽ لميٽڊ) ۽ ڪوئيٽا ڊسٽلري لمٽيڊ يا عام طور تي QDL جي نالي سان سڃاپجندڙ، جيڪا ڪوئيٽا بلوچستان ۾ واقع آهي. مري ۽ QDL انگريزن طرفان ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ قائم ڪيون ويون هيون. بيئر، ووڊڪا ۽ رَم مري جا مشهور برانڊ آهن. مَريءَ جو مَڌ سڄي ملڪ جي 80 سيڪڙو ضرورتن جو پورائو ڪري ٿو. پر جڏهن کان پنجاب حڪو مت ڪچي الڪوهل تي ڳرو ٽئڪس مڙهيو آهي تڏهن کان مري ڊسٽلري پنهنجي پراڊڪشن جاري نٿي رکي سگهي، ڇو ته پنجاب حڪومت 75 روپيا في گيلن ڪچي الڪوهل تي ٽئڪس وڌائي ڇڏيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ساڳي قيمت ۾ مَڌ مهيا ڪرڻ ممڪن ئي ناهي رهيو، ان ڪري اسان پراڊڪشن گهٽائي ڇڏي آهي.” مَري بريوري جي هڪ عملدار “افيئر” کي ٻڌايو.

عام راءِ اها آهي ته زرداري واري مَڌ کي ٽيڪ وٺرائڻ لاءِ مريءَ جي سپلاءِ کي  زبردستي گهٽايو ويو آهي. اهو نه وسارڻ گهرجي ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي مذهبي اقليت يعني هندو ڪميونٽي سنڌ ۾ رهي ٿي، ۽ حڪومت اقليتن جي نالي تي ئي لائسنس جاري ڪندي آهي. رڳو ڪراچي ۾ اهڙا 61 دڪان آهن، ان کانسواءِ سڄي سنڌ ۾ به ڪيترائي دڪان موجود آهن.

جڏهن کان مري جي مَڌ جي سپلاءِ ۾ گهٽتائي آئي آهي تڏهن کان مَڌ پيئيندڙ اڪثر ماڻهو ڪُپي يا هٿرادو ٺهيل ڪچو شراب واپرائن ٿا جنهن ڪري ويجهڙ ۾ ئي ڪراچي جي چنيسر ڳوٺ ۾ 15 ماڻهو موت جو کاڄ ٿي ويا. اهڙا ئي واقعا ميرپور خاص ۽ لاڙڪاڻي ۾ پڻ پيش اچي چڪا آهن.

“ها اهو درست آهي ته مَري جي مَڌ جي سپلاءِ گهٽجڻ سبب ماڻهو مرڻ شروع ٿيا آهن، عام طور تي 80 ٽرڪون روزانو مري مان سنڌ اينديون هيون هاڻي 8 اچن ٿيون. ان جو ڪارڻ مَري ڪمپني ۽ پنجاب حڪومت وچ ۾ ٽئڪس جي مسئلي تي ڇڪتاڻ آهي، اسان سنڌ حڪومت طرفان پنجاب حڪومت کي ليٽر لکيو آهي ته اهو مسئلو جلد حل ڪيو وڃي ته جيئن فيڪٽري ٺيڪ طرح سان پنهنجو ڪم ڪري سگهي” سنڌ جي ايڪسائيز جي وزير مڪيش چاولا “افيئر” سان ڳالهائيندي چيو.

ياد رهي ته ماضيءَ ۾ سنڌ وفاقي حڪومت سان پاڻي ۽ ناڻي جي ورڇ جي مسئلن تي ٿيندڙ نا انصافين تي آواز اٿاريندي رهي آهي پر هي پهريون ڀيرو آهي جو سنڌ حڪومت پنجاب حڪومت کي مَڌ پورو مهيا ڪرڻ لاءِ لکيو آهي.

“آءُ سنجيدگيءَ سان سوچي رهيو آهيان ته پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيان ڇو ته جيڪڏهن مري بريوري جي سپلاءِ بند رهي ته اسان جو ڌنڌو ٺپ ٿي ويندو”. اندر چوي ٿو.

ليکڪ انگريزي اخبار “پاڪستان ٽوڊي” جو سينئر رپورٽر آهي، هي ليک “افيئر” لاءِ لکيائين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو