Home / افيئر / نادرا سنڌ جا لکين ووٽ خارج ڪري ڇڏيا
above article banner

نادرا سنڌ جا لکين ووٽ خارج ڪري ڇڏيا

گذريل ٻن مهينن کان پوري ملڪ ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽرلسٽن جي تصديق واري ڪم جو مرحلو جاري آهي پر سنڌ ۾ پيل شديد برساتن سبب 16 لک خاندان تقريبن هڪ ڪروڙ ماڻهو پنهنجي گهرن کان دربدر ٿيل آهن جنهن سبب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي گذريل 30 سيپٽمبر مهيني واري اجلاس ۾ سنڌ صوبي ۾ پئدا ٿيل انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال کي نظر ۾ رکندي مدي ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪئي، جنهن کان پوءِ به وڌايل هڪ مهيني ۾ تقريبن 40 سيڪڙو کان وڌيڪ صوبي جي آبادي جو ووٽ تصديق واري مرحلي کان رهجي ويو آهي. ان ۾ گهڻو تعداد برسات سبب متاثر ٿيل علائقن جو آهي ۽ انهن ۾ اليڪشن ڪميشن جو مقرر ٿيل عملو پهچڻ کان به لاچار آهي جنهن سبب 31 آڪٽومبر تي مڪمل ٿيندڙ ووٽ جي تصديق واري مرحلي جو مدو مڪمل ٿي رهيو آهي پر سنڌ جي تقريبن اڌ آبادي تصديق واري مرحلي کان رهجي وئي آهي. ان اندازي موجب ته ٻهراڙي وارن علائقن جا ته اڌ تي اڌ ماڻهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ ئي ڪونهن جن ۾ گهڻو تعداد عورتن جو آهي. واضح رهي ته نادرا طرفان هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 3 ڪروڙ،71لک،91هزار،53 ووٽن کي جعلي قرار ڏيندي ووٽر لسٽن مان خارج ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي رسايو ويو آهي. ان رپورٽ موجب سنڌ ۾ ووٽرن جو تعداد هڪ ڪروڙ 97 لک 52 هزار 843 آهي جنهن مان هڪ ڪروڙ 5لک89هزار،387 ووٽن کي جعلي قرار ڏئي صوبي ۾ ڪل  نئين ڪمپيوٽرائيزڊ لسٽن موجب 86 لک 18 هزار 587 آهي.هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته نادرا (نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي)کي ڪنهن اختيار ڏنو آهي ته اها ڪنهن اعلي اختياري کان منظوري بغير 18 ڪروڙ عوام جي آئيني طور مليل اختيار ووٽ کي ختم ڪري سگهي اها ته آئين جي آرٽيڪل 220 تحت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ماتحت آهي ته پوءِ ان ڪهڙي بنياد تي اها رپورٽ جاري ڪئي ان خلاف قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي جاچ ڪرائي ذميوار ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ ترسيل 35 لکن کان وڌيڪ غيرقانوني پرڏيهين کي به جعلي شناختي ڪارڊن جي بنياد تي ووٽر لسٽن ۾ شمار ڪيو پيو وڃي جن ۾ افغاني،برمي،بنگالي،ڀارتي،نيپالي ۽ ٻيا پرڏيهي شامل آهن جن جو انگ ٻه ٽي ڏهاڪا پراڻو آهي تازي انگ موجب صرف بنگالي ئي 35 لک آهن جيڪي شناختي ڪارڊ وٺڻ لاءِ  احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي ايم ڪيو ايم به ڀرپور نموني سان مدد ڪري رهي آهي،هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته قومپرست ڪٿي آهن؟ انهن  هڪ به مظاهرو ۽ احتجاج نه ڪيو آهي،انهن کي ته نادرا جي آيل رپورٽ کي ته ٻي ڏينهن ئي رد ڪرڻ گهرجي ها پر انهن اهو ڪم نه ڪيو، پر اڃا به وقت ڪونه ويو آهي اهي ٻاهر نڪرن ووٽ داخل ڪرائين ۽ اليڪشن ڪميشن جي ٽيمن کي برسات متاثرين جي ڪئمپن ۾ وٺي ووٽ داخل ڪرائين ۽ ڪراچي صرف اڪيلي جماعت اسلامي ئي رڙيون ڪري رهي آهي ته ووٽن جي تصديق ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر آفيسن ۾ ٿي رهي آهي پر انهن جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي ان تي سمورين پارٽين کي ٻاهر نڪرڻ گهرجي.ٻي وڏي ڳالهه ته اها جو سنڌ جي قومپرست پارٽين مان ڪابه اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ رجسٽر ٿيل نه آهي جنهن جي تصديق صوبي جي چيف اليڪشن ڪمشنر سوني خان بلوچ ڪئي آهي.

سنڌ جي چيف اليڪشن ڪمشنرسونو خان بلوچ اعتراف ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽر لسٽن جي تصديق وارو ڪم 31 آڪٽومبر تائين ٻوڏ وارن علائقن ۾ مڪمل ٿيڻ ممڪن ناهي  يعني ،ٽنڊومحمد خان،ٽنڊوالهيار،عمرڪوٽ،سانگهڙ،لاڙڪاڻو،بينظيرآباد،ٺٽي،بدين،ميرپورخاص سميت ٻين پاڻي واري علائقن ۾ وڏو حصو تصديق واري مرحلي کان رهجي ويو آهي جنهن جي لاءِ مرڪزي اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ ان رهجي ويل مخصوص شهرن لاءِ ٻيهر سروي لاءِ تاريخ وڌائڻ جي درخواست ڪبي. هن “افيئر” سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجو ڪم تيزي سان ڪري رهيا آهيون ۽ حڪم ڏنا آهن ته علائقن ۾ تفصيلي تصديق وارو ڪم جاري رکيو وڃي ۽ انهن کان 30 آڪٽومبر جي رات جو لسٽون گهرايون وينديون جن جي تصديق بعد مرڪزي اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي ۽ ان ۾ ئي اها ڳالهه به رکي ويندي ته صوبي ۾ برسات سبب وڏي تباهي آيل آهي ۽ لکين ماڻهو دربدر آهن جنهن جي لاءِ اسان کي وڌيڪ وقت ڏيوته ان ۾ تصديق وارو ڪم ڪري سگهجي،باقي پڪي وارن علائقن ۾ ته 31 آڪٽومبر تائين ڪم مڪمل ٿي ويندو.هن چيو ته چئني صوبن جي ووٽن کي خارج ڪري جيڪو ڪم نادرا ڪيو آهي ان کي مان بيوقوفي چئي سگهان ٿو ڇو ته ان وٽ اهو اختيار ئي نه آهي ته هو اهو ڪم ڪري سگهي ۽ اهوادارو اليڪشن ڪميشن جي ماتحت آهي جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 220 تحت نادرا اسان کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ پابند آهي، هن چيو ته 31 آڪٽومبر تي مرڪزي اليڪشن ڪميشن جو اجلاس آهي جتي تفصيل غور ويچار ڪيو ويندو پوءِ اهي اسان کي جيترو وقت ڏين ٿا انهن جي مرضي آهي.هن چيو ته ان مرحلي جي مڪمل ٿيڻ بعد صوبي جي هر سرڪاري اسڪول  ۾ ووٽر لسٽون رکيون ويندو جتي اتان جا رهواسي تصديق ڪرڻ بعد ئي ڪو اعتراض ڪري سگهن ٿا ته انهن جو مسئلو حل ڪيو ويندو جنهن جي لاءِ اتي فارم نمبر چار ڀريو ويندو.هن چيو ته اسان ووٽرن جي لسٽ ۾ تصوير هڻڻ تي به غور ڪريون پيا.هن چيو ته نادرا ووٽ خارج ڪرڻ جو اهو سبب ڄاڻايو آهي ته انهن وٽ ووٽرلسٽن ۾ انهن جو قومي شناختي ڪارڊ نمبر نه هو تنهنڪري اهي ووٽ خارج ڪيا پر انهن اسان اهو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اسان وٽ ٽي لسٽون آهن انهن ۾ پهرين اها جنهن ۾ ڪو به سڃاڻپ ڪارڊ نمبر لڳل نه آهي ٻي ۾ پراڻو شناختي ڪارڊ نمبر۽ ٽي لسٽ ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪارڊ نمبرسميت اهي سڀ تفصيل آهن پر هاڻي 18 ترميم بعد اهو سڀ تبديل ڪري ٻيهر تصيق ڪريون پيا.هن چيو ته عوام کي ووٽرلسٽن جي تصديق واري مرحلي ۾ تصديق لاءِ باقاعده مطئمن ڪيو ويندو ۽ نئون ڪارڊ ٺهرائي ايندڙ جو ووٽ آئين جي آرٽيڪل 18 تحت مڪمل ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن طرفان صوبي ۾ 1500 کان وڌيڪ بلاڪن کي حساس قرار ڏيندي انهن ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽرلسٽن جي تصديق لاءِ رينجرس ۽ پوليس کان مدد وٺڻ لاءِ گهروکاتي کي خط لکي ڇڏيو آهي.ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي اليڪشن ڪمشنرسوني خان بلوچ گهرو کاتي جي هوم سيڪريٽري کي خط لکيو آهي ته صوبي جي 8 ضلعن ۾ 1500 کان وڌيڪ بلاڪ حساس آهن انهن ۾ اليڪشن ڪميشن جو عملو ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽرلسٽن جي تصديق لاءِ نٿو وڃي سگهي تنهڪري ان جي لاءِ رينجرس ۽ پوليس جي مدد ڏني وڃي،ذريعن موجب اليڪشن ڪمشنر پنهنجي خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته ڪراچي جي علائقن لياقت آباد،ڪورنگي،اورنگي،بنارس ۽ لياري جي 200 بلاڪن،250 کان وڌيڪ سکر،150 لاڙڪاڻي،120 شڪارپور،315 ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور،115 گهوٽڪي،خيرپور ۾ 290 ۽ جيڪب آباد ۾ 60 بلاڪ تمام حساس قرار ڏنا ويا آهن جن  عملي جو وڃڻ خطري کان خالي نه آهي تنهڪري اسان جي عملي سان گڏ پوليس ۽ رينجرس جا اهلڪار به ڏنا وڃن.ذريعن موجب اليڪشن ڪمشنر طرفان وڌيڪ پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته ڪراچي جي 200 بلاڪن ۾ 66 لکن کان وڌيڪ ووٽ تصديق کان رهجي ويا آهن.

سنڌ حڪومت طرفان 30 سيپٽمبر تي مرڪزي اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته صوبي ۾ 88 لکن کان وڌيڪ ماڻهو گهرن کان دربدر آهن تنهڪري  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي گذارش آهي ته ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽرلسٽن جي تصديق واري مرحلي ۾ 15 ڏينهن کان هڪ مهينو واڌ ڪئي وڃي.اهڙو موقف سنڌ جي چيف سيڪريٽري راجا محمد عباس طرفان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي لکيل خط ۾ ڪيو ويو آهي جيڪو بعد ۾ چئني صوبن جي راءِ منظور ڪيو ويو آهي.چيف سيڪريٽري طرفان پنهنجي خط ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽرلسٽن جي تصديق واري مرحلي کي جزوي قرار ڏيندي چيو آهي ته صوبي جي 22 ضلعن ۾ برساتي ٻوڏ آهي جنهن سبب 35 سيڪڙو کان وڌيڪ تصديق واري مرحلي جو ڪم ٿيو ئي نه آهي،13 ضلعا اهڙا آهن جنهن ۾ اتفاقن ڪا هڪ يا  اڌ يوسي ٻڏڻ کان رهجي وئي آهي باقي گهڻا ضلعا مڪمل طور ٻڏل آهن ته پوءِ صوائي اليڪشن ڪميشن ڪهڙي تصديق ڪئي هوندي ان لاءِ اسان جي گذارش آهي ته صوبي ۾ ووٽن جي تصديق واري ڪم جي 30 سيپٽمبر واري تاريخ ۾ 15 کان هڪ مهينو واڌ ڪئي وڃي جئين ان تصديق واري مرحلي تي بعد ۾ ڪو اعتراض نه ٿئي.

سنڌ جي وحدت تي هڪ ٻيو وار اليڪشن ڪميشن طرفان ڪراچي ۾ مستقل ترسيل لکن کان وڌيڪ  ٻين صوبن جي رهواسين جا نالا ووٽرلسٽن ۾  داخل ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي انهن ۾ گلگتي،هزارا،پنجابي،ڪشميري،پشتون ۽ چترالي شامل آهن.ان داخلا کانپوءِ انهن مڙني ڌارين کي ڪراچي ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق ملي ويندو جڏهن ته 12 لک 32 هزارسنڌي ماڻهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ سبب انهن جا ووٽ داخل نه ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ برسات سبب صوبي جي 9 ضلعن جي 30 سيڪڙو ماڻهن جا ووٽ تصديق واري مرحلي کان رهجي ويا.ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ نادرا وچ۾ اهو معاهدو ٿيو آهي ته انهن ووٽ جي تصديق ڪئي ويندي جن وٽ شناختي ڪارڊ هوندا انهن جو ووٽ تصديق ڪيو ويندو،ذريعن موجب نادرا طرفان سنڌ جي اليڪشن ڪميشن کي ڪل هڪ ڪروڙ 76 لک ووٽرلسٽون تصيق لاءِ ڏنيون آهن  جن تي ڪم جاري آهي،ان لاءِ 33 هزارن کان وڌيڪ عملو به مقرر ڪيو ويو آهي جن ۾ تعليم کاتي جا ملازم،مڪاني حڪومتن جا ملازم پنهنجو ڪم جاري ڪري رهيا آهن انهن ۾ ساڍا 10 هزار سپروائيزر،600 اي آراو،27 رجسٽريشن آفيسر۽ ٻيو عملو شامل آهي.ذريعن موجب نادرا رڪارڊ موجب سنڌ ۾ 93 سيڪڙو ماڻهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ موجود آهن ۽ 7 سيڪڙو ماڻهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ موجود نه آهن.ذريعن ٻڌايو ته برسات سبب سنڌ جي 9 ضلعن گهوٽڪي،ميرپورخاص،دادو،بدين،ٺٽو،حيدرآباد،ٽنڊوالهيار،ٽنڊومحمد خان۽ شهيد بينظيرآباد ضلعن جا 30 سيڪڙوعلائقا يعني 52 لک 80 هزار ووٽ ڳڻپ کان رهجي ويا آهن.ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي  سنڌ جي چيف اليڪشن ڪمشنرسونو خان بلوچ تصديق ڪندي ٻڌايو ته اسان نادرا تي واضح ڪندي چيو ته اسان کي مليل هڪ ڪروڙ 76 لک ووٽر لسٽن موجب ئي ووٽن جي تصديق ڪنداسين پوءِ اهو ڌاريو ۽ پرڏيهي هجي جنهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ هوندو ان جو ووٽ تصديق ڪيو ويندو،سنڌ ۾ برسات سبب 9 ضلعن ۾ ووٽن جي تصديق جو ڪم متاثر ٿيو آهي جتي بلڪل نموني ڪم کي روڪي ڇڏيو آهي،ڇا اوهان انهن ووٽن جي تصديق واري مرحلي ۾ واڌ ڪرڻ جي سفارش ڪندا جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته اڃا ان سلسلي ۾ ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي.هن چيو ته اسان ووٽرلسٽن جي تصديق لاءِ 33 هزارن کان وڌيڪ عملومقرر ڪيو آهي.

ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته برسات سٽيل علائقن کي خصوصن وڌيڪ هڪ مهيني جو مدو ڏئي ووٽر لسٽن جي تصديق واري مرحلي ۾ واڌ ڪئي وڃي،سنڌ جو وڏو وزير گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ نادرا جي رپورٽ کي رد ڪرائڻ لاءِ ٻين صوبن جي وڏن وزيرن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙي ان کي رد ڪرائي ۽ سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهرائڻ لاءِ نادرا جو خصوصي ٽيمون برسات سٽيل غلائقن ۽ ڪئمپن ۽ ٻهراڙين ۾ موڪليون وڃن.سنڌ جي قومپرستن کي اپيل ٿو ڪريان ته اهي پهريان پاڻ کي اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽرڊ ڪرائي پوءِ ووٽن جي ٿيندڙ بوگس انٽري خلاف مهم هلائين.

waheedrajpar@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو