Home / ڪور افيئر / نواز ليگ سياسي ويڳاڻپ جو شڪار
above article banner

نواز ليگ سياسي ويڳاڻپ جو شڪار

صرف ان خيال کي تسليم ڪري ڇڏڻ ته ججن جي بحالي صرف مسلم ليگ (ن)  جي مستقبل لاءِ ضروري هئي ته شايد اهو تبصرو مڪمل حقيقت جي ترجماني نه ڪري سگهي. جن ”قوتن“ پرويز مشرف مان جان ڇڏائڻ لاءِ عدليه بحاليءَ جي تحريڪ تيار ڪئي هئي انهن به چاهيو پئي ته جج بحال ٿين ته جيئن پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت کان مطالبا مڃرائڻ لاءِ ڪو ظاهري فورم موجود هجي. ان خيال تحت مسلم ليگ (ن) ۽ ”پردي جي پويان رهندڙ قوت“ جڏهن هڪ نقطي تي متفق ٿيا ته ججن جي بحاليءَ لاءِ لاهور کان اُهو لانگ مارچ ٿيو جيڪو هڪ حساب سان سِوِل نافرمانيءَ جي تحريڪ جو ڏيک هو. پوليس، سول انتظاميا ۽ صوبائي کاتن جي عملدارن وفاقي حڪومت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪيو. عدليه بحالي تان شروع ٿيل اختلاف ئي دراصل ان ”محبت“ جي خاتمي جو سبب بڻيا جيڪا نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ جي وچ ۾ پيدا ٿي هئي. شايد اسٽيبلشمينٽ کي اُها محبت شروع ڏينهن کان پسند نه هئي. اقتدار لالچ آهي يا عوامي خدمت جو موقعو، اِهو بحث هميشه تڪراري ئي رهندو، پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آهي ته ان مٿان اهو الزام لڳڻ به عين مناسب آهي ته اقتدار جي لالچ کي برقرار رکڻ جي ڪري ”مفاهمت“ جي پاليسيءَ جو ڍونگ رچائي رهي آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي سهارو ڏئي رهي آهي. پر جيئن مسلم ليگ (ن) ججن کي بحالي ڪرائي پنهنجا سياسي فائدا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي تيئن پيپلزپارٽيءَ ”اسٽيبلشمينٽ“ جي دائري ۾ ايندڙ ملڪ جي هڪ ”اهم“ اداري کي گهرو کاتي جي ماتحت ڪرڻ واري ناڪام سرڪشي ڪرڻ کانپوءِ سڄي اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ڪري پنهنجي حڪومت جي حياتي وڌائڻ وارو لنگهه ڳولهي ورتو آهي.


ڀل ته حڪومت مفاهمت تحت ئي هلندڙ هجي پر اها مفاهمت برقرار رکڻ به مهارت جو ڪم آهي. هونئن به مولانا فضل الرحمان ۽ ايم ڪيو ايم جي آسري اسٽيبلشمينٽ سان جنگ جوٽڻ خساري وارو فيصلو ئي هوندو. چئي سگهجي ٿو ته پيپلزپارٽيءَ اقتدار ۽ پنهنجي مستقبل جي سياست بچائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ق) ۽ ٻين سان مفاهمت ڪئي آهي، پر مفاهمت کي محبت نه سمجهڻ گهرجي. مفاهمت سياسي حڪمت عملي آهي، حڪومت ڪرڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ جي مهارت آهي، رشتو ناهي. ڪيڏو نه دلچسپ مذاق آهي ته پرويز مشرف 11سال بطور آمر ملڪ تي راڄ ڪيو. ملڪ تي طويل راڄ ڪندڙ آمرن ۽ سندس ساٿين جي حڪومت مٿان ڪڏهن ڪرپشن جو الزام ناهي لڳو، پر موجوده جمهوري حڪومت اڃا ساڍا ٽي سال مس گذاريا آهن ته لوڊشيڊنگ، مهانگائي، بدامنيءَ ۽ ڪرپشن جو الزام هڻي مسلم ليگ (ن) هن حڪومت خلاف روڊن تي اچي چڪي آهي. مسلم ليگ (ن) پاران عوامي احتجاج واري تحريڪ هلائڻ جو مقصد اِهو نظر اچي ٿو ته پنجاب جي پارٽي چاهي ٿي ته پي پي ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ هلندڙ ”محبت“ کي ڪنهن پريشر وسيلي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو وَسُ هلائجي. هو بظاهر چون ٿا ته اسان جي تحريڪ هلندي پر ڪا ٽين قوت اقتدار تي قبضو ڪري اهو ٿيڻ نه ڏينداسين. شايد کين ”منصفن“ ۽ ميڊيا ۾ اميد آهي ته اهي پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت جو خاتمو آڻڻ توڙي اقتدار تي سندن قبضي جي جنگ ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندا! ۽ ٽين قوت کي به روڪيندا رهندا.

رياست جي مالڪيءَ جي دعويٰ ڪندڙ ڌرين ۾ واقعي اضافو ٿيو آهي يا ان تبديليءَ تي غور ڪرڻو پوندو ته سياسي حڪومتن جي قسمت جو فيصلو هاڻي ”ورديءَ وارا“ اڪيلي سِرِ نه ڪندا. پرويز مشرف خلاف عوامي ۽ ميڊيائي تحريڪ جا مثال ڏئي ”اسٽيبلشمينٽ زده“ دانشور ميڊيا ۽ عدليه کي حڪومتن جي قسمت جو فيصلو ڪندڙ ڌُر طور پيش ڪري رهيا آهن. اردو ميڊيا ۽ سندن دانشور حڪومتن ۽ سياسي پارٽين کي ديوار سان لڳائي من پسند تبديلي چاهن ٿا . ان ڪري ئي هنن اهو باوَر ڪرائڻ شروع ڪيو آهي ته عوام ميڊيا ۽ سندن ڀرکڻندڙ ”منصفن“ کي تبديليءَ جو اصل محرڪ سمجهي. اهي دانشور اهو چوڻ لڳا آهن ته ”نواز شريف، جنرل ڪياني ۽ عدليه هن حڪومت کي پنج سال پورا ڪرڻ جا ڀرپور موقعا ڏنا، پر حڪومت نواز شريف، جنرل ڪياني ۽ عدليه پاران ڏنل گائيڊ لائين تي عمل نه ڪيو، حڪومت ملڪ کي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، ان ڪري تبديلي اچڻ گهرجي“ اهڙن دانشورن اها سمجهاڻي ناهي ڏني ته پارليامينٽ بجاءِ حڪومت نوازشريف، آرمي چيف ۽ افتخار محمد چوڌري جي خواهشن تي ڪهڙي قانون تحت عمل ڪري!؟ اهڙن دانشورن جي ڪلهي چڙهي مسلم ليگ (ن) وارا سينيٽ چونڊ روڪرائڻ جا بيان ڏئي تحريڪ جي پِڙَ تي لٿا آهن. کين شايد اها به اميد آهي ته پيپلزپارٽيءَ جي رستي روڪ ۾ ”منصف“ به سندن ساٿ ڏيندا، اُهو تڏهن ٿيندو جڏهن پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ چاهيندا، يا استيعفائون ڏيندا ته حڪومت ضمني چونڊ ڪرائڻ جو اعلان ڪندي ته اهڙين ضمني ۽ سينيٽ چونڊن کي روڪڻ لاءِ اسٽي آرڊر جاري ٿيندا. آئين کي سمجهي سگهندڙ چون ٿا ته جيستائين آئين معطل نه هوندو تيستائين سينيٽ جي چونڊ روڪي نه ٿي سگهجي ۽ 18هين ترميم کانپوءِ ته آئين ڪنهن به ريت معطل نه ٿيندو. لڳي ايئن ٿو ته نواز ليگ وارن لاهور ۾ جلسو ڪري جنهن تحريڪ کي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي اهو ان صورت ۾ ڪيو ويو آهي ته کين استيعفائون ڏيڻ کان اڳ ٻيا آپشن استعمال ڪرڻ گهرجن. شايد اسٽيبلشمينٽ جي ڪجهه ڌڙن کين چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ثابت ڪري ته عوام سندن دعوت تي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار آهي يا نه! اهڙي شرط لاڳو ٿيڻ سبب نواز ليگ ماڻهو گڏ ڪري طاقت جا مظاهرا ڪرڻ شروع ڪيا آهن ته جيئن اسٽيبلشمينٽ سندن مطالبا مڃڻ شروع ڪري ۽ پ پ جي رستي روڪ ڪري، ن ليگ کي سياسي اڪيلائپ مان آجو ڪرائي.

پر في الحال ته صورتحال ايئن نظر پئي اچي ته ڪا به سياسي پارٽي سندن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ناهي ايتري حد تائين جو مسلم ليگ (هم خيال) وارا جيڪي ن ليگ ۾ ضم ٿيڻ لاءِ به تيار آهن اهي به اڃا سندن جلسن يا تحريڪ ۾ وڃڻ تي راضي نه ٿيا آهن. مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا ته پري جي ڳالهه آهن. جڏهن ته عمران خان به شريف ڀائرن خلاف محاذ تپائي رهيو آهي. عمران خان لاءِ سمجهيو ويندو آهي ته هُو به ”وڏن“ جو ماڻهو آهي. سو اگر سڀ ”وڏن“ جي حمايت اگر نوازليگ سان گڏ هجي ها ته عمران خان به لنڊن ۾ پنهنجي ٻارن سان وقت گذارڻ لاءِ هليو وڃي ها!! تازو ئي هڪ سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نواز شريف ۽ ٻيا سڀ زرداري مخالف پنجاب ۾ مشهور ٿيا آهن جڏهن ته زرداري ۽ چوڌري شجاعت جي مشهوري منفي انداز ۾ هلي وئي آهي. ميڊيا ۽ دانشور ان سروي جو ته احترام ڪن ٿا پر اليڪشن ۾ پيل ووٽن ۽ آئين جي تقاضائن جو احترام ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اها حقيقت لاهور جا ماڻهو به مڃين پيا ته مسلم ليگ (ن) ايم ڪيو ايم جيان هاڻي صرف پنجاب جي شهرن جي پارٽي طور باقي بچي آهي سڄو سرائيڪي علائقي توڙي ٻهراڙين ۾ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ق) کي اڪثريت مليل آهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف شهرن ۾ نوازليگ جي مقبوليت لاءِ خطرو بڻيل آهي. اهڙا سروي ڪيئن ڪرائجن ۽ انهن ۾ ملندڙ راءِ کي ڪيئن غيرتڪراري بڻائجي ان تي به پنجاب ۾ بحث هلندڙ آهي، پر تازو ٿيل ان سروي مان ئي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته مسلم ليگ (ن) ڪالهه لاهور ۾ جيڪو عوامي جلسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اها ڪوشش دراصل سندن ان پريشانيءَ کي ختم ڪرڻ جي به هڪ ڪوشش آهي جيڪا کين سُک سان ويهڻ نه ٿي ڏئي ته پيپلزپارٽي، مسلم ليگ(ق) ۽ تحريڪ انصاف سندن ووٽ بينڪ گهٽائي رهيون آهن. سو مسلم ليگ (ن) کي پريشاني پنهنجي سياسي جيئاپي ۽ مستقبل ۾ سياسي اقتدار تي قابض رهڻ واري نيت جي به آهي.

ڪرپشن جي پروپيگنڊا به هڪ طرفي رهي آهي، اردو ميڊيا جيِ هڪ اڌ ادارن کانسواءِ باقي سڀ ادارا وفاقي حڪومت ۽ سندن اتحادين جي هر غلطي ۽ غيرقانوني ڪمن کي وائکو ڪري رهيا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته موجوده حڪومت ۽ سندن اتحادي غلطيون ڪري رهيا آهن، پر پنجاب حڪومت جو ميڊيائي احتساب اڃا ٿيو ڪٿي آهي؟ سندن احتساب شايد تيستائين نه ٿيندو جيستائين پنجاب حڪومت ۽ ان جا وارث ”قومي ميڊيا“ جو ڏن ڀريندا رهندا. ميڊيا جي تنقيد هڪ طرفي ۽ سندن سچ اڌورو سچ آهي. ميڊيا صرف وفاقي، سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽيءَ خلاف سچ ڳالهائي پئي. باقي جهان جيئن ته سندن سورج مکي آهي ان ڪري کين هنن سان پيار آهي. سياست متعلق سروي ڪندڙ ادارا، اردو دانشور، صحافي ۽ سرمائيدار طبقو، جن جو هيڊڪوارٽر لاهور بڻجي چڪو آهي اهي يڪ آواز ٿي ماڻهن جي ذهنن ۾ اهي خيال پختو ڪري چڪا اهن ته ڪرپشن جو الزام عدالتن ۾ ثابت ناهي ڪرڻو پوندو، اهو الزام ئي اهڙو آهي جنهن جي لڳڻ کانپوءِ پيپلزپارٽيءَ کي ته حڪومت ڇڏڻ ئي ڇڏڻ گهرجي. اصول تقاضا ڪن ٿا ته سوال اهو ٿيڻ گهرجي ته هڪ صوبائي حڪومت پنهنجي ملڪ جي ئي وفاقي حڪومت خلاف تحريڪ ڪيئن هلائي سگهي ٿي؟ ان تحريڪ ۾ ڪيڏو به خيال رکيو وڃي پر صوبي جا سرڪاري وسيلا هر صورت ۾ استعمال ٿيندا، ڪرپشن خلاف تحريڪ ڪرپشن ڪري هلائبي ته اهو عمل ڪيئن جائز ۽ حلال هوندو؟ پيپلزپارٽيءَ وران ان ڏس ۾ (ن) ليگ جي لاهور واري جلسي ۾ استعمال ٿيل سرڪاري وسيلن جا انگ اکر به ڏيڻ شروع ڪيا آهن پر ڪو به ادارو انهن جو نوٽيس نه پيو وٺي. باقي ان ڳالهه ۾ ته ڪو راز ناهي رهيو ته پاڪستان ۾ حڪومتي سطح جي تبديلي هميشه پارليامينٽ کان ”ٻاهران“ ايندي آهي. ۽ نواز ليگ جي تحريڪ کي اڃا تائين ته ٻاهريان وارن جي ڪا ”واضح“ مدد حاصل ٿيل نظر نه پئي اچي. ان ڪري پاڪستان جي روايتي سياست ۽ تبديليءَ جي اهڃاڻن مطابق نواز ليگ جي لاهور ۾ ٿيل جلسي کانپوءِ به سندن تحريڪ في الحال ته لاوارث نظر پئي اچي ان ڪري پنجاب جي پارٽيءَ پنجابي اڪثريت وارن شهرن، گوجرانوالا، فيصل آباد، گجرات ۽ ٻين هنڌن تي به جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي انهن جلسن کانپوءِ اگر کين سگنل مليو ته هو اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪندا. مارچ مهيني جي اچڻ ۾ اڃا ڪافي وقت آهي ان دوران نواز ليگ جي ڪوشش هوندي ته اسٽيبلشمينٽ سندن مٿي تي هٿ رکي سندن تحريڪ ۽ مطالبي کي منظور ڪري، پر رياست جي طاقتور ادارن شايد ته اڃا چهرن جي تبديليءَ جو ارادو ناهي ڪيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو