Home / افيئر / وال اسٽريٽ تحريڪ: سرمائيداري نظام خلاف للڪار
above article banner

وال اسٽريٽ تحريڪ: سرمائيداري نظام خلاف للڪار

عالمي بئنڪ آءِ ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن جي غلط، غير حقيقي ۽ اجاري داراڻين پاليسين جي نتيجي ۾ سيپٽمبر 2011 کان نيويارڪ پوليس جي روئي خلاف شروع ٿيندڙ عالمي تحريڪ کانپوءِ هڪ نئون سياسي انقلاب عالمي سطح تي اُڀريو آهي. وال اسٽريٽ تي قبضو ڪريو تحريڪ هڪ اجتمائي سوچ جو نالو آهي، جنهن جو محور پهرين ايشيا هو. ايشيا ۽ آفريقا جي عوام جا نمائندا اولهه جي اقتصادي ڦرلٽ خلاف آواز اٿاريندا هئا.

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هن وقت دنيا ۾ ڪميونسٽ سلطنت جي زوال کانپوءِ اولهه جي معاشي بالادستي کي چئلينج ڪرڻ لاءِ متبادل قوت موجود ناهي، ان ڪري اولهه جي معيشت جي داخلي تضادن ۽ ڪمزورين هڪ سنگين بحران پئدا ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي ڪک مان هڪ نئين ۽ موثر تحريڪ نيويارڪ مان جنم ورتو آهي. جيڪو اولهه جي سرمائيداري جو مرڪز ۽ محور آهي. هن کان اڳ ۾ وچ اوڀر ۾ انقلاب جي لهر پئدا ٿي ۽ هاڻي ان جو دائرو نيويارڪ کان سڄي دنيا ۾ ڦهلجي ويو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو اولهه جي اقتصادي نظام جي اجاره داري ۽ سياسي آمريت خلاف احتجاج ڏينهون ڏينهن زور وٺي رهيو آهي. ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته اولهه جي معيشت مان رڳو اسرندڙ ۽ غريب ملڪن کي شڪايت ناهي بلڪه هاڻي اولهه ۾ به ان معيشت جي خرابين خلاف عوام اٿي کڙو ٿيو آهي. انهي تحريڪ کي جديد ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي وڌيڪ سگهه بخشي آهي. انٽرنيٽ، فيس بوڪ ۽ ٽيوٽر وسيلي ان تحريڪ جو پيغام سڄي دنيا ۾ ڦلهجي رهيو آهي. اهو پيغام بلڪل واضح آهي ته 99 سيڪڙو عوام سرمائيدارن جي بالادستي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اهوئي سبب آهي جو اولهه جي عوام پنهنجين حڪومتن خلاف مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو آهي. ڇو ته عالمي بئنڪ، آءِ ايم ايف ۽ اولهه جي بئنڪاري ۽ معاشي نظام سبب غربت ۽ بيروزگاري ۾ تيزيءَ سان واڌ آئي آهي.

هڪ رپورٽ موجب 2011 ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي 44 سيڪڙو آبادي غريبن تي ٻڌل آهي. صحارا آفريقا ۽ اوڀر ايشيا جي الڳ الڳ 24 سيڪڙو جڏهن ته لاطيني آمريڪا ۽ ڪيرين جي 6.5 سيڪڙو ٻهراڙيءَ جي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. عالمي غربت انڊيڪس مطابق دنيا جو هر ٻيو ٻهراڙيءَ جو غريب ڏکڻ ايشيائي آهي دنيا ۾ غربت سبب ساليانو 22 هزار ٻار مري رهيا آهن. دنيا جي هر ستين شخص کي بيٽ ڀرڻ لاءِ ماني ڳڀو ميسر ڪونهي. بک کان متاثرن ۾ 60 سيڪڙو عورتون آهن. گهربل کاڌ خوراڪ کان محروم دنيا جي 65 سيڪڙوآبادي ستن ملڪن ڀارت، چين، ڪانگو، بنگلاديش، انڊونيشيا، ايٿوپيا ۽ پاڪستان سان تعلق رکي رکي.


آمريڪا کانسواءِ برطانيا، جرمني، يونان، پرتگال، آئرلينڊ، اٽلي، جاپان، ڏکڻ ڪوريا، اسپين، هانگ ڪانگ، ملائيشيا، تائيوان، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ سميت 82 ملڪن جي 951 شهرن ۾ سرمائيداري نظام خلاف احتجاج هڪ عالمگير تحريڪ بڻجي چڪو آهي. هانگ ڪانگ جيڪو عالمي سرمائيداري جو مرڪز آهي، اتي به احتجاج ٿي رهيو آهي. سيول جي مالياتي مرڪز ۾ به وال اسٽريٽ وانگر Occupy yeoido تحريڪ زور وٺي رهي آهي. انهي تحريڪ بابت آمريڪا جي معاشي ماهر Nourid Roubani جو چوڻ آهي ته غير منصفاڻي معاشي نظام جي ڪري عدم استحڪام پئدا ٿيندو آهي. هن وقت آمريڪا چين سميت ڪيترن ئي ملڪن جو مقروض آهي. 2011 ۾ چين آمريڪا کي ڇڏي آٽو موبائل جي دنيا ۾ سڀ کان وڏي مارڪيٽ آهي. ماهرن جو اندازو آهي ته 2025 ۾ آمريڪا، جاپان، چين، برطانيا ۽ ڀارت صارفين لاءِ وڏين مارڪيٽن جو ڪردار ادا ڪندا. We want global change جو نعرو هڻندڙ سيموئل هنگسٽن جي تهذيبي ڇڪتاڻ جي نظرئي ۽ فرانسس فوڪو ياما جي تاريخ جي خاتمي جي اصولن ۽ عالمي سطح جي جنگين تي ٻڌل تضادن کان مٿاهان ٿي اڳتي وڌي رهيا آهن.

وال اسٽريٽ تحريڪ هاڻي آمريڪي ارب پتي شخصيتن جي گهرن جو گهيراءُ شروع ڪيو آهي. مين هٽن جي پوش علائقن ۾ رهندڙ عالمي ميڊيا گروپ جي سربراهه روپرڊ مرڊوڪ، ڊيوڊ ڪوچ ۽ جمي ڊائمني سميت سمورن ارب پتين جي ڪنن ۾ عام آمريڪين جا آواز گونجي رهيا آهن جيڪي اولهه جي استعماري نظام کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ روڊن رستن تي نڪتل آهن.

آمريڪا جي سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 51 ورهين جي ڀيٽ ۾ غربت جي هاڻوڪي شرح تمام گهڻي مٿي آهي. آمريڪا ۾ 2009 ۾ غربت جي شرح 3.14 هئي. آمريڪي ليبر بيورو جي 2010 ۾ جاري ڪيل انگن اکرن موجب هر ڇهن مان هڪ مزدور بيروزگار آهي، يعني 2 ڪروڙ 68 لک ماڻهن کي آمريڪا ۾ روزگار نه پيو ملي. ڪارن سان نا انصافيون عروج تي آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب 5 ڪروڙ زرعي کاتي جي اڪنامڪ ريسرچ سروس موجب 4 ڪروڙ 90 لک ماڻهن کي فوڊ اسٽپمپ وسيلي کاڌو ملي ٿو. آمريڪي سي آءِ اي جي “The world food book” ۾ به تسليم ڪيو ويو آهي ته اولهه جي سمورين صنعتي قومن ۾ آمريڪا ۾ امير ۽ غريب ماڻهن وچ ۾ اڻ برابري تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. جهڙي ريت مصر ۾ حسني مبارڪ خلاف التحرير اسڪوائر عالمي سرگرمين جو مرڪز بڻيو هو اهڙي طرح هاڻي نيويارڪ جي Zuecotti کي لبرٽي چوڪ جو نالو ڏنو ويو آهي، جتان احتجاج سڄي دنيا ۾ ڦهلجي رهيو آهي. وال اسٽريٽ تحريڪ طرفان ويب سائيٽ کانپوءِ هڪ اخبار به جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ عوامي احتجاج کي ڀرپور ڪوريج ڏني پئي وڃي. احتجاج ڪندڙن جو نعرو آهي ته ڪئپٽلزم ۽ ڪميونزم کانپوءِ کيل ختم ٿي چڪو آهي. هاڻي سرمائيداري به ماضي جو قصو بڻجي چڪي آهي.

ياد رهي ته 163 ورهيه اڳ مارڪس اولهه جي سرمائيدار دنيا جي زوال جي اڳڪٿي ڪئي هئي، هاڻي ان زوال جي شروعات ٿي چڪي آهي. ايئن ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ قائم ٿيندڙ سياسي ۽ معاشي نظام پنهنجا فطري بنياد وڃائي چڪو آهي ۽ دنيا هاڻي نئين سياسي ۽ معاشي تشخص لاءِ سرگردان آهي. آمريڪا وانگر برطانيا ۾ به بيروزگاري جي شرح ۾ واڌ اچي رهي آهي. بيروزگار ماڻهن جو انگ 25 لک 70 هزار ٿي ويو آهي.

وال اسٽريٽ تحريڪ هلائيندڙن جو چوڻ آهي ته نيويارڪ جي پنجن ميونسپالٽين جي حدن ۾ ٿيندڙ گهرن جي خريدو فروخت ۾ بئنڪارن ۽ سرمائيدارن جو اهم ڪردار هوندو آهي. اهي گهر گهٽ قيمت تي وٺي مهانگا ڪري وڪرو ڪندا آهن. ايئن اهي غريبن  ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جو استحصال جاري رکيو اچن.

ظاهري طرح ان تحريڪ جو مقصد امير طبقي ۽ سرمائيدارڻين معاشي پاليسين کي چئلينج ڪرڻ آهي پر ميڊرڊ ۾ ٽي لک ماڻهن جو احتجاج ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته اولهه ۾ به ان نظام خلاف نفرت گهڻي وڌي چڪي آهي، جنهن خلاف ايشيا جا ماڻهو گهڻي عرصي کان احتجاج ڪندا پئي آيا. انهن مظاهرن ۾ گهڻو انگ شاگردن، استادن، آمريڪي سوسائٽي جي بيروزگار ماڻهن، انجنيئرن، ڊاڪٽرن، صحافين ۽ فنڪارن جو آهي.

وال اسٽريٽ تحريڪ جا اثر 2012ع ۾ ٿيندڙ آمريڪي چونڊن تي به پوندا. جيڪڏهن ان تحريڪ جو دائرو اڃا به وڌيو ته پوءِ آمريڪا جون ٻه سياسي پارٽيون ان تحريڪ جون همدرديون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون. اهو به عين ممڪن آهي ته وال اسٽريٽ تحريڪ اولهه جي غير منصفاڻي معاشي نظام جي خاتمي جو سبب بڻجي وڃي ۽ اولهه جي ملڪن جو روايتي سياسي ڍانچو اچي پٽ پوي، جنهن جي نتيجي ۾ عالمي سياست  ۾ اهڙيون تبديليون اچن جن جي ڪڏهن ڪنهن توقع به نه ڪئي هوندي. نفرت، دهشت، جهالت، تشدد، آمريت ۽ نا انصافي وارين حالتن کي تبديل ڪرڻ جي اڄ گهڻي ضرورت آهي، ماضي ۾ ان جي شايد ايتري ضروت نه هئي. اهوئي وال اسٽريٽ تحريڪ جو پيغام آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو