Home / افيئر / وزيرن ۽ صلاحڪارن جي فوج ظفر موج سنڌ ڪابينا تي 70 ڪروڙ روپيا ساليانو خرچ
above article banner

وزيرن ۽ صلاحڪارن جي فوج ظفر موج سنڌ ڪابينا تي 70 ڪروڙ روپيا ساليانو خرچ

سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پنهنجي ڪابينا ۾ 76 وزيرن واري فوج ڀرتي ڪري صوبي جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ڪابينا رکندڙ چيف ايگزيڪٽو بڻجي ويو آهي. هونئن به سنڌ حڪومت کي تقريبن چار سال ٿيڻ وارا آهن پر  عوام کي اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته صوبي جا انتظامي معاملا ڪير هلائي رهيو آهي؟ڪڏهن صدر آصف زرداري، رحمان ملڪ،بابر اعواڻ،خورشيد شاهه ۽ ٻيا وفاق جا نمائندا اچي صوبي ۾ فيصلا ڪن ٿا پر وڏي وزير کي ڪابه اجازت نه آهي ته اهو فيصلي ۾ ڪا ترميم ڪرائي سگهي،پوءِ ايتري وڏي ڪابينا رکڻ جو آخر ڪهڙو جواز آهي جيڪا سرڪار پنهنجي صوبي جي قسمت جا فيصلا نه ڪري سگهي ۽ ان جي ڪابينا مرڪزي حڪومت کان به وڏي هجي انهن وزيرن تي عوام جي ٽيڪسن سان گڏ ٿيندڙ پئسي کي ضايع ڪرڻ جو ڪنهن حق ڏنو آهي؟

سنڌ صوبي ۾ سرڪاري رپورٽ موجب 90 لک ماڻهو ۽ سوا 15 لک خاندان متاثر ٿيل آهن ماڻهن کي کائڻ لاءِ ماني نه آهي ان صوبي جي ڪابينا مرڪز،ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب سميت بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه کان به وڏي آهي جنهن تي هر سال ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا ته اسان اتان جي متاثرين جي مدد ڇو ڪريون اتان جي حڪمرانن کي ئي ڪا پرواهه نه آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجا خرچ گهٽائين،انهن صوبي جي وزيرن جي فوج ڀرتي ڪئي  آهي پوءِ اسان پنهنجي کيسي تي بار ڇو وجهون؟اهو سوال عالمي ادارا به ڪري رهيا آهن. ايڏي وزيرن جي فوج ته آمريتي دوءر ۾ به نه رهي ارباب رحيم به پنهنجي ڪابينا 35 ميمبرن تي مشتمل رکي هئي پر موجوده حڪومت ته اتحادين کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪمال ڪري ڇڏيو آهي.


پ پ جي صوبائي حڪومت پنهنجي مرڪزي حڪومت بچائڻ لاءِ ڪابينا جو تعداد76 ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد به اها پنهنجي اتحادين کي پرچائڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ اهي چون پيا ته اسان کي اڃا به ٻيون پسند جون وزارتون ڏيو،سنڌ جي حڪمرانن ته سنڌ جي ٻوڏ متاثرن کي بلڪل ئي وساري ڇڏيو آهي،انهن کان وسري ويو آهي ته متاثرين هڪ ويلي يا ٻن ويلن جي ماني به کاڌي هوندي يا نه؟ پر انهن کي اهو ضرور ياد آهي ته ايم ڪيو ايم،ف ليگ،ق ليگ ۽ اي اين پي کي ڪئين راضي ڪريون اهي تمام گهڻا ناراض آهن پر انهن کي سنڌي ماڻهن جي ناراضگي نظر ئي نٿي اچي.

سنڌ ۾ گذريل ارباب دور ۾ سنڌ ڪابينا جو تعداد 54 هو جنهن ۾ 20 وزير،25 صلاحڪار ۽9 معاون خصوصي شامل هئا پر موجوده حڪومت جي وزيرن واري فوج ته ماضي جي حڪومتن جا ته رڪارڊ ئي ٽوڙي ڇڏيا آهن جنهن جي ڪابينا جو تعداد 76 آهي جنهن ۾ 51 وزير،7صلاحڪار،19 معاون خصوصي ۽ هڪ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيا ويا آهن. هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ايڏي وڏي ٻوڏ ۽ برسات سبب گذريل ۽ هلندڙ  تباهين ۾ هڪ ڪروڙ 60 لک ماڻهو متاثر ۽ ساڍا 25 لک گهر تباهه ٿيا هجن ان صوبي حڪمرانن کي وزيرن جي فوج گهٽائڻ يا وڌائڻ گهرجي؟

اچو ته وزيرن جي خرچن جا حساب ڪتاب ڪريون

سنڌ ڪابينا جي 76 وزيرن جي فوج جي خرچن جي ڪل بجيٽ 70 ڪروڙ سالياني بيهي ٿي ناڻي ۽ سروسز کاتي جي ذريعن طرفان “افيئر” کي ڏنل  ڄاڻ موجب ايم ڪيو ايم جي 12وزيرن کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ بعد گاڏيون نه هجڻ سبب انهن لاءِ  نيون گاڏيون خريد ڪيون ويون آهن جن جي ڪل لاڳت هڪ ڪروڙ 80 لک رپيا آهي ۽ انهن  جي وزيرن کي گذريل چئن مهينن ۾ تقريبن 44 لک 80هزار رپيا پگهارن جي مد ۾ جاري ڪيا ويا آهن ۽ ايم ڪيو ايم جي في وزير کي 3 کان چار لک رپين جو فرنيچر وٺي ڏنو ويو آهي جنهن جي ڪل لاڳت 3 ڪروڙ رپيا آهي، ڪابينا جي في وزير کي 300 ليٽر في مهينو ۽ 100 ليٽر ايڪسٽرا يعني ڪل 400 ليٽر تيل جي ڪوٽا بيهي ٿي جنهن کي 76 وزيرن ۾ جوڙ ڪريو ته اهو 3 لک 55 هزار 200 ليٽر بيهي ٿو جنهن جي في مهينو 40کان 50 لک رپيا بل ٺهندو آهي ۽  سالياني ڪل بجيٽ 19 ڪروڙ 49 لک 45هزار600 رپيا بيهي ٿي،في وزير پنهنجي آفيس ۾ ٽي اي سيون هلائي ٿو جنهن جو مهيني بجلي جو بل ٻڌجي ته به 37 لک رپيا آهي ۽ ان جي سالياني بجيٽ 4 ڪروڙ 44 لک رپيا بيهي ٿي،وزير جي اسٽيشنري،چانهه،پاڻي ۽ ٻي آفيس جي ضرورتن جي في وزير ڏيڍ لک کان ٻه لک رپيا بجيٽ آهي جيڪا مهيني جي ڪابينا خرچ هڪ ڪروڙ 48 لک رپيا آهي 7 سالياني 17 ڪروڙ 76 لک رپيا بيهي ٿو،ان ۾ گئس ۽ يوٽلٽي بل الڳ آهي ۽ ميڊيڪل ٽريٽمينٽ بلن جو ڪليم جي ڪا حد نه آهي جڏهن ته ڪو وزير ڪنهن شهر جر وزٽ ڪرڻ وڃي ٿو ته ان کي في ڪلوميٽر جي حساب سان الائونس ملندو آهي ۽ باءِ روڊ،ٽرين ۽ جهاز جا ڌار ڌار الائونس مقرر ٿيل آهن.

سنڌ ڪابينا جو گورنر ۽ وڏي وزير سميت تعداد 76 بيهي ٿو جنهن  ۾ 30 پ پ،13 ايم ڪيو ايم،3 قاف ۽4 ف ليگ،هڪ –هڪ اي اين پي،اين پ پ،7 صلاحڪار آهن جنهن ۾ ٻه ف ليگ،هڪ-هڪ  ايم ڪيو ايم۽ قاف ليگ ۽ 3 پ پ جا صلاحڪار شامل آهن جڏهن ته 19 معاون خصوصي به شامل آهن.سنڌ ڪابينا جو سينئر وزير پير مظهر الحق،منظور وساڻ،شازيه مري،شرجيل ميمڻ،آغا سراج دراني،ڄام مهتاب ڏهر،ڄام سيف الله ڌاريجو،سسئي پليجو،نرگس اين ڊي خان،توقير فاطمه ڀٽو،نادر مگسي،مراد علي شاهه،عبدالحق ڀرٽ،عبدالسلا م ٿهيم،مخدوم جميل الزمان،اياز سومرو،اختر جدون،آغا تيمور  پٺاڻ،موهن لعل،ساجد جوکيو،ديارام ايسراڻي،زاهد ڀرڳڙي،مڪيش ڪمار چاولا،رفيق انجنيئر،حاجي مظفر شجراع،شرميلا فاروقي،فضل الرحمان،نديم ڀٽو،صادق ميمڻ،علي نواز شاهه،امير نواب،ناديه گبول، ڄام مدد،رفيق ٻانڀڻ،امتياز شيخ،علي نواز شاهه رضوي،حليم عادل شيخ،شهريار مهر،اعجاز شاهه شيرازي،سيد سردار احمد،رئوف صديقي،صغير احمد،نثار احمد پنهور،زبير احمد،رضا هارون،فيصل سبزواري،خالد بن ولايت،عادل صديقي،ڊاڪٽر محمد علي شاهه،شعيب بخاري،عبدالحسيب،زاهد ڀرڳڙي،عابد جتوئي،راشد رباني،خواجه اظهار الحسن،امام الدين شوقين،اسپيشل اسٽنٽ ۾ امتياز ملاح،انور لعل دين،وقار مهدي،پهلاج راءِ،سلمان عبدالله مراد ۽ ٻين سميت ڪابينا جو ڪل تعداد 76 بيهي ٿو.هاڻي سوال اهو پيو پئدا ٿئي ته سنڌ جي تاريخ سڀ کان وڏي ڪابينا آخر  ڇا جي لاءِ رکي وئي آهي؟ايتري فوج ڀرتي ڪرڻ جا ڪهڙا مقصد آهن؟اهي ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهن؟ وڏي وزير کي سندس ڪابينا ڪهڙيون صلاحون ڏئي رهي آهي جو بحرانن واري صورتحال هوندي به ان ۾ گهٽتائي بجاءِ واڌ ٿي رهي،سرڪار جي اها حالت آهي ته ان وت ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ پئسا ڪون آهن جيڪا حڪومت پنهنجي عوام کي عالمي مالياتي ادارن آڏو گروي رکي پنهنجا خرچ هلائيندا هجن  اها حڪومت هر سال ڪروڙين رپيا پنهنجي ڪابينا تي خرچ ڪندي هجي ته ان مان ڇا مراد آهي؟ اهڙا سوال سنڌ جو هر عام ماڻهو ڪري رهيو آهي ته اسان جي ٽيڪسن سان هلندڙ حڪومت کي ڪنهن اهو اختيار ڏنو آهي ان جو  فضول خرچ ڪيو وڃي.سنڌ حڪومت گذريل مالي سال 11-2010ع ۾ 25ارب 15 ڪروڙ 34 لک 40هزار خساري واري ڪل بجيٽ 4کرب 22 ارب25 ڪروڙ 11 لک 39 هزار  رپين پيش ڪئي جنهن ۾ ترقياتي پروگرام لاءِ 141 ارب کان وڌيڪ رکيا ويا ۽ 10 ارب ضلعي حڪومتن لاءِ رکيا ويا۽ هلندڙ سال جي مالي سال 12-2011ع جي 88 ڪروڙ 21 لک سرپلس واري 5 کرب 57 ارب 54ڪروڙ 68 لک رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي۽ ان ضلعي،صوبائي ۽ وفاقي ساليانو ترقياتي پروگرام161 ارب 9 ڪروڙ 1لک رپين جو آهي۽ ان ۾ ملازمن جي سال جون پگهارون  جو حصو ڪڍو ته تقريبن 25 سيڪڙو بجيٽ جو هليو وڃي ٿو  پوءِ به کربين رپيا سنڌ حڪومت جي اڪائونٽ ۾ رهن ٿا جيڪي سچي نيت سان خرچ ڪيا وڃن ته ڪيڏو بهتر ٿيندو پر سمورن کاتن ۾ نان ڪيڊر جا آفيسر ويٺل جن فنڊ ڪرپشن جي ورچاڙهي ڇڏيو آهي انهن کي پنهنجن کاتن ۾ واپسي تائين صوبي جي انتظامي معاملن ۾ گڊگورننس قائم ٿيڻ ناممڪن آهي.

سنڌ حڪومت جو تاريخي ڪارنامو ۽ اهليت جو ثبوت ڏيندڙ هڪ ننڍڙو واقعو

ذريعن کان “افيئر” کي مليل دستاويزي رپورٽ موجب 12 نومبر 2010ع   ۾ پنج آرڊر ڪڍي  پورهئي ۽ افرادي قوت واري کاتي جي وزير سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن ۾ افغانستان جي رهواسين  محمد شاهد اقبال ولد محمد سعود،شريف عبدالله ولد ميان عثمان،محمد حنيف ولد محمد سلطان ۽ شمس الاانام ولد شمس الاابرار کي 17 گريڊ ۾ آر ايم او(ريزيڊنٽ ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي،ذريعن کان اسان کي چار آفر آرڊرن جون ڪاپيون مليون آهن پر هڪ ڪاپي نه ملي سگهي آهي،ذريعن ٻڌايو ته اهي آفيسر گذريل 8 مهينن کان 17 گريڊ جي آفيسر جي پگهار کڻي رهيا آهن جن جي سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارين کي ڪابه ڄاڻ نه ملي سگهي آهي ته صوبائي ڪوٽا سان ڪهڙو ظلم ڪيو پيو وڃي،مليل دستاويز ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن جي سليڪشن بورڊ کي انهن جي مقرري لاءِ ويهاريو ويو جن انهن کي فٽ قرار ڏنو ويو ۽ لاڳاپيل سليڪشن بورڊ انهن جي فٽنيس تي ڪو به اعتراض نه هنيو آهي ۽ وزارت کي انهن ماڻهن جي مقرري لاءِ سفارش به ڪئي هئي جڏهن ته ميڊيڪل ايڊوائيزر به ڪو اعتراض نه هنيو آهي ان به انهن ماڻهن کي 15 ڏينهن اندر جوائننگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته  سنڌ صوبي جي ڪنهن به ضلعي ۾ ايس اي ايس ايس آءِ جي آفيس ۾ مقرري لاءِ وڃو.دستاويز موجب اهي آفر آرڊر جون ڪاپيون ڪمشنر ايس اي سي سي آءِ سنڌ ڏانهن پڻ موڪليون ويون آهن جنهن به ڪو نوٽيس نه ورتو آهي ۽ انهن آفر آرڊرن تي ثمينه سعيد ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن(ميڊيڪل)فار ڪمشنر صحيحون ڪيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن  آفيسرن کي آرڊر ڪڍڻ لاءِ صوبائي وزير پورهيو ۽  افرادي قوت  زباني حڪم ڏيندي چيو هو.ٻي طرف ان خبر تي موقف وٺڻ لاءِ سيڪريٽري پورهيو ۽ افرادي قوت مختيار احمد سومري سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان فون اٽينڊ نه ڪيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو