Home / ڪرنٽ افيئر / ووٽر لسٽن ۾ لکين جعلي ووٽ داخل
above article banner

ووٽر لسٽن ۾ لکين جعلي ووٽ داخل

گورک ڌنڌو آهي يا انڊين فلم جي گاني وانگر ته ”ڌنڌا يه گندا هي يه“ سياست سا به ووٽ جي سياست ٺڳيءَ جو ٺاهه آهي. ان جي تصديق ”نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽيءَ“ نادرا پاران پراڻين ووٽر لسٽن ۾ ڪروڙين جعلي ووٽ داخل هجڻ واري نشاندهي ڪرڻ بعد ڪري ڇڏي آهي. ڌانڌلي پاڪستاني سياست جو اهو مقبول لفظ آهي جيڪو هر اليڪشن کان اڳ، هر اليڪشن بعد ۽ اليڪشن جو ڪڏهن به ذڪر ٿيڻ وقت ٻڌڻ لاءِ ملندو رهي ٿو. پولنگ اسٽيشن تي لٺ هلائي دٻا ڀرائڻ وارن جوانن جون خدمتون حاصل ڪرڻ کان اڳ اليڪشن کٽڻ جو گُر ڄاڻندڙ لاءِ ضروري هوندو ته پراڻين شناختي ڪارڊ آفيسن جي عملدارن سان دوستي رکي جعلي ڪارڊ ٺهرائي ۽ اليڪشن ڪميشن وارن جي مهربانيءَ سان ووٽ داخل ڪرائي. بيلٽ باڪس ته اوطاقن تي به ڀربا آهن يا ڪراچيءَ جا ڀائي لوگ اصل ووٽرن کي پولنگ اسٽيشن تي اچڻ ئي ناهن ڏيندا، ته پوءِ بيلٽ باڪس جي حرمت جو قسم کڻندڙ يا ته ماڻهن سان هڪ ڪوڙ مسلسل ڳالهائيندا رهن ٿا يا وري هلندڙ ڊرامي جو ڊراپ سين نه ٿا چاهن. اهو به اڄ ڪلهه جو مشهور جملو آهي ته اسان جو احتساب ايندڙ اليڪشن ۾ ٿيندو اگر خراب حڪمراني هوندي ته عوام ووٽ نه ڏيندو. اگر سٺي حڪومت ڪئي هوندي سين ته ووٽ ملندا. ۽ پيرپاڳارو جيئن چوندو آهي ته مونکي فرشتا ووٽ ڏيندا آهن، انهن فرشتن کي ڇو وساريون. پر ووٽ ڏيندڙ فرشتن جي ناليوار نشاندهي نادرا ته ناهي ڪئي پر نادرا ڊيٽا بيس گهٽ ۾ گهٽ اهو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ڪيترا جعلي ووٽ پراڻين اليڪشنن ۾ پوندا رهيا آهن.  اهو نادرا ئي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن پاران سال 2007 ۾ جيڪا ووٽر لسٽ تيار ڪري 2008 واريون عام چونڊون ڪرايون ويون ان ووٽر لسٽ ۾ ڪل ووٽرن جو حتمي انگ 8 ڪروڙ، 12 لک، 13 هزار 620 هو. نادرا انهن مان تقريبن اڌو اڌ ووٽرن جي جعلي هجڻ جي تصديق ڪئي. درست ووٽرن جو انگ 4 ڪروڙ، 40 لک، 22 هزار، 567 هو جڏهن ته 3 ڪروڙ، 71 لک، 86 هزار، 53 ووٽر”شايد هن روءِ زمين تي رهندا ئي نه هئا. انهن جو ڪم ووٽر لسٽ ۾ زنده رهڻ ۽ صرف ووٽ ڏيڻ هو. نادرا مهرباني اها به ڪئي آهي ته جن ماڻهن پاڻ ووٽ داخل نه پئي ڪرايا انهن پاران ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ سبب سندن نالا نئين لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن اهڙن نون ووٽرن جو انگ 3 ڪروڙ، 66 لک، 96 هزار، 442 آهي. جنهن بعد ملڪ جي ڪل ووٽرن جو تعداد 8 ڪروڙ، 7 لک، 24 هزار، 9 بيٺو آهي. پر هڪ ڳالهه اها سمجهه ۾ نه آئي ته پراڻي ووٽر لسٽ ۾ پنجاب جا ووٽر گهٽ ۽ نئين لسٽ ۾ اهي وڌي ويا آهن. پراڻي ووٽر لسٽ ۾ پنجاب صوبي جي ووٽرن جو انگ 4 ڪروڙ، 51 لک، 47 هزار، 994 هو. جن مان 2 ڪروڙ، 37 لک، 94 هزار، 918 ووٽرن جي درست هجڻ جي تصديق ٿي ۽ 1 ڪروڙ، 83 لک، 53 هزار 76 ووٽرن کي بوگس قرار ڏنو ويو. جڏهن ته نئين لسٽ ۾ 2 ڪروڙ، 2 لک، 59 هزار، 231 نون ووٽرن جا نالا شامل ڪيا ويا. اهڙيءَ ريت نئين ووٽر لسٽ مطابق پنجاب جي ڪل ووٽرن جو انگ 4 ڪروڙ 70 لک، 54 هزار 149 ڪيو ويو آهي. ساڳيءَ ريت خيبر پختونخوا صوبي ۽ فاٽا جي ووٽرن جو انگ وڌيو آهي پر سنڌ ۽ بلوچستان جي ووٽرن جي انگ ۾ گهٽتائي آئي آهي. پراڻي لسٽ ۾ خيبرپختونخوا صوبي جي ووٽرن جو انگ هڪ ڪروڙ، 8 لک، 4 هزار، 696 هو. جن مان 61 لک، 28 هزار، 905 ووٽرن جي درست هجڻ جي تصديق ٿي ۽ 46 لک، 75 هزار 791 ووٽر جعلي نڪتا. نادرا نئون شناختي ڪارڊ ٺهرائيندڙن جي رڪارڊ مطابق لسٽ ۾ 55 لک، 13 هزار، 217 ماڻهن کي نئين ووٽر طور شامل ڪيو. اهڙيءَ ريت خيبرپختونخوا جي ووٽرن جو نئون انگ هڪ ڪروڙ 16 لک، 42 هزار، 122 درج ڪيو ويو آهي. ساڳيءَ ريت فاٽا جي ووٽرن جو انگ 12 لک، 79 هزار، 111 هو. جن مان 4 لک، 90 هزار، 456 جي درست هجڻ جي تصديق ٿي ۽ 7 لک، 88 هزار، 655 جعلي ثابت ٿيا. نادرا نئين لسٽ ۾ 7 لک، 59 هزار، 715 نوان ووٽر شامل ڪيا. اهڙيءَ ريت نئين لسٽ ۾ فاٽا جي ووٽرن جو ڪل تعداد 12 لک، 50 هزار، 231 آهي.

پراڻي لسٽ ۾ سنڌ جي ووٽرن جو انگ هڪ ڪروڙ 97 لک، 52 هزار، 843 هو، انهن مان صرف 91 لک، 54 هزار، 464 ووٽرن جي درست هجڻ جي تصديق ٿي ۽ هڪ ڪروڙ، 5 لک، 89 هزار، 387 ووٽرن کي جعلي قرار ڏنو ويو. سنڌ جي جن ووٽرن کي نئين لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي انهن جو انگ 86 لک، 18 هزار، 587 آهي. جنهن بعد سنڌ جي ووٽرن جو انگ نئين لسٽ مطابق گهٽجي هڪ ڪروڙ 77، لک، 73 هزار 43 آهي. اهڙيءَ ريت 2007 جي پراڻي لسٽ ۾ 2007 جي لسٽ مطابق بلوچستان جي ووٽرن جو انگ 42 لک، 28 هزار، 976 هو. جن مان 14 لک، 58 هزار، 832 ووٽرن جي صحيح جي تصديق ٿي. 27 لک، 70 هزار، 144 جعلي قرار ڏنا ويا. جڏهن ته نادرا 15 لک، 45 هزار، 632 نوان ووٽ داخل ڪيا ان حساب سان بلوچستان جي ووٽرن جو انگ 30 لک، 4 هزار، 464 آهي.  نادرا کي گهرجي ها ته ان ڳالهه جي وضاحت ڪري ها ته ڪهڙن سببن جي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جا ووٽ گهٽ ٿيا. ڇا سنڌ ۾ ماڻهو ڪمپيوٽرائزڊ سڃاڻپ ڪارڊ نه ٿا ٺهرائين يا نادرا وارا ٺاهي ڏيڻ ۾ سُستي ڪن ٿا؟ يا ڪو ٻيو سبب آهي. پر اهو سوال به ته ڪري سگهجي ٿو ته ڇا سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ووٽ ۾ جعلي ووٽ ٺهرائڻ جو رجحان ۽ موقعا وڌيڪ آهن. پر اهڙي ڪنهن سوال جو نادرا ڪو به جواب ناهي ڏنو.

جڏهن ته 2007 واري ووٽر لسٽ کي رد ڪندي نادرا اهو پڻ واضح ڪيو آهي ته پراڻي لسٽ ۾ هڪ ڪروڙ، 50 لک، 28 هزار، 808 ووٽر اهڙا هئا جن جا ووٽ بغير ڪنهن شناخت جي رجسٽر ڪيا ويا. جڏهن ته 21 لک، 40 هزار، 15 ووٽر اهڙا هئا جن وٽ جيڪي شناختي ڪارڊ هئا انهن جو مدو پورو ٿي چڪو هو ۽ انهن جي ڪا به قانوني حيثيت نه هئي. 24 لک 91 هزار 90 اهڙا ووٽر هئا جن وٽ نوان شناختي ڪارڊ هئا پر سندن ووٽ هڪ کان وڌيڪ هنڌن تي داخل ٿيل هئا. 64 لک، 69 هزار، 310 ووٽرن پراڻا شناختي ته هئا پر ووٽ به هڪ کان وڌيڪ هنڌن تي داخل هئا. هڪ ڪروڙ، 10 لک، 56 هزار، 775 ووٽر اهڙا هئا جن جو نادرا ڊيٽا بيس ۾ ڪو رڪارڊ ئي موجود نه هو. جڏهن ته 89 لک، 60 هزار، 400 ووٽر اهڙا هئا جن جا ساڳئي تڪ ۽ يونين ۾ ٻه ٻه ووٽ داخل ٿيل هئا.

هي اهي پينڊورا باڪس آهن جيڪي نادرا پاران انتهائي سائينٽيفڪ انداز سان کوليا ويا آهن. پر انهن تي ايڏو شور يا غوعاءُ نه مَتو آهي جيترو ڊينگي مڇر جي معاملي يا ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جي معاملي تي، حالانڪ هي معاملو حڪومت توڙي مخالف ڌر جي سياست ڪندڙ ۽ سياست جي نرسريءَ ۾ اي بي سي سکندڙ عمران خان لاءِ به اهم آهي. پر ڪنهن به نه ته ڪا ڪميشن قائم ڪري جعلي ووٽن تي ٿيندڙ جعلي اليڪشن ۽ حڪومتن جي قائم هجڻ آڏو پيدا ٿيل سوال تي بحث ڪيو آهي نه ئي ڪا تحريڪ هلي آهي.

ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته مينڊيٽ جي ڌانڌليءَ ۾ سڀ سياسي پارٽيون برابر جون شريڪ آهن. مونکي ڊيرا غازي خان جي ان ايم پي اي جي ڳالهه ٻڌي حيرت ٿي هئي ته هو ڪوهه سليمان ۾ واقع پنهنجي قبيلي جي ماڻهن جي مدد سان صرف ٽن پولنگ اسٽيشنن تي ڌانڌلي ڪري اليڪشن کٽي وٺندو آهي پوءِ ڀلي ٽڪيٽ ڪنهن به پارٽيءَ جي هجي!! اهڙا علائقا سنڌ ۾ به ڪافي ٻڌايا وڃن ٿا، خيرپور جو علائقو نارو، شڪارپور جو ڪچي وارو علائقو، گهوٽڪي، شهدادڪوٽ هجي يا ٿرپارڪر جعلي ووٽن ۽ جعلي پولنگ اسٽيشنن جي ذريعي ٿيندڙ اليڪشن ۽ قانونسازيءَ کي ڪير جعلي چئي سگهڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي. سڀ ووٽ وٺندڙ گڏجي سگهن ٿا.! سندن مفاد ساڳيو آهي.

نادرا پاران تيار ڪيل لسٽ جو مسودو اليڪشن ڪميشن پاران صوبائي حڪومتن جي مدد سان تصديق لاءِ ضلعي انتطاميائن حوالي ڪيو ويو آهي. ان تصديقي عمل کي پهريان 30 سيپٽمبر تي مڪمل ٿيڻو هو پر بعد ۾ ان جي تاريخ 31 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي. اڪثر ضلعن جي انتظاميائن پاران ان تاريخ تائين تصديقي عمل مڪمل نه ٿي سگهڻ جي وضاحت هاڻي ئي اليڪشن ڪميشن کي اماڻي وئي آهي. پر پتو ناهي ته تاريخ ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي ويندي يا نه. سنڌ جا تقريبن 10 ضلعا برساتن جي ٻوڏ جي وَرِ چڙهيل آهن، اتان جو عوام دربدر آهي تنهن ڪري سندن ووٽ جي تصديق وٽن وڃي ته نه ٿي سگهندي. اڳ ته ووٽ وڏيري جي اوطاق تي ويٺي ويٺي داخل ٿيندا هئا. هاڻي به اطلاع اهي آهن ته حڪومتي پارٽيءَ جي جيالن جي اوطاقن تي ووٽن جي تصديق ٿئي پئي. پر ان هوندي به تصديقي عمل مقرره تاريخ تائين مڪمل ٿيڻ جو آسرو گهٽ آهي.

اهي به اطلاع ملن پيا ته جعلي ووٽن جي داخلا وارو ڪم به سائينٽيفڪ انداز سان جاري آهي. جنهن جي نشاندهي ٿي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته نادرا پاران تيار ڪيل شناختي ڪارڊن جي ايڪسپائر ٿيڻ جي تاريخ هوندي آهي. ايڪسپائر ٿيل ڪارڊن جي زور تي جعلي ووٽ داخل ٿين پيا. ايڊريسون تبديل ٿين پيون ۽ ڪجهه مٽا سٽا سان نئون ڪارڊ به ٺهي وڃي ٿو ته نئون جعلي ووٽ به. هونئن به ڌانڌليءَ تي هريل ۽ ڌانڌليءَ تي کٽيندڙ حقيقت ۾ ميدان مارڻ کان ڊڄندا ئي رهندا. اگر درست ووٽر لسٽون ٺهي پون ته ڪيترا ئي ڪاغذي پهلوان جيڪي اسيمبلين ۾ ننڊ ڪندا آهن اهي يونين ڪائونسل جي سيٽ به هارائي ويهن. نادرا جيڪي راز کوليا آهن ڪاش ڪير انهن رازن جي تفصيلي جاچ لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ته سياست جو نئون چهرو سامهون اچي پوي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو