Home / افيئر / ٻوڏ جا راڱا سنڌ جي زرعي معشيت کي اربين روپين جو گهاٽو
above article banner

ٻوڏ جا راڱا سنڌ جي زرعي معشيت کي اربين روپين جو گهاٽو

احمد علي چانڊئي لاءِ سندس بيٺل وونئڻن جي فصل جي تباهي ڪا معنيٰ نٿي رکي ڇاڪاڻ جو ويجهڙ ۾ پيل سانوڻي جي برساتن جي ڪري سم نالن کي لڳل گهارن سبب سندس علائقي کي تمام گهڻو معاشي نقصان ٿيو آهي. پاڪستان جي ٻهراڙي جي معيشت جو هونئن به گهڻو دارومدار زراعت تي آهي ۽ هاڻوڪين برساتن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي زرعي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، جنهن ۾ زميندار توڙي هاري سخت متاثر ٿيا آهن.

25 ايڪڙ زمين رکندڙ احمد علي چانڊئي جي ٻنيءَ ۾ وونئڻ، ڪمند ۽ مرچ پوکيل هئا جيڪي اڃا تائين ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن. ليڪن هاڻ ته کيس پنهنجي مستقبل جي به ڳڻتي آهي. ڇو ته نئين فصل يعني ڪڻڪ جي پوکائي جي مند پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿي چڪي آهي ۽ پاڻي جي سطح اڃا گهٽجڻ جو نالوئي نٿي وٺي. اٺن ڀاتين جو ڪٽنب رکندڙ هن شخص جي آمدني جو ٻيو ڪو به ذريعو ناهي، جڏهن ته حڪومت ٻوڏ سبب سم نالن جو آيل پاڻي ڪڍڻ لاءِ اڃا تائين ڪي سنجيده قدم ناهن کنيا. ايل بي او ڊي جو سانگهڙ ۽ ميرپور خاص کان آيل پاڻي به اڃا تائين هن علائقي ۾ وهي رهيو آهي.


عمر ڪوٽ ضلعي ۾ ڪنري شهر ويجهو رهندڙ احمد علي چانڊيو هڪ ننڍو زميندار هو پر ٻوڏ جي تباهي کيس ٻين ماڻهن وانگر فقير بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻي هو پنهنجي ڳوٺ ويجهو روڊ تي پنهنجي باگڙي ۽ ڪولهي هارين سان گڏ ڪنهن فقير جيان ڪٽنب سميت هڪ خيمي ۾ ترسيل آهي. “منهنجو گهر اٺ فٽ پاڻي هيٺ اچي ويو، آءُ گهر جي استعمال جون شيون به نه ڪڍي سگهيس. مون ضروري روزمره جي استعمال جون شيون گهر مان ٽريڪٽر ٽراليءَ تي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر پاسي کان ايندڙ پاڻي ۽ مينهن سبب ٽريڪٽر به پاڻي مان ٻاهر نه ڪڍي سگهيس، توهان سامان سان ڀريل منهنجي ٽريڪٽر ٽرالي هينئر به پاڻي ۾ قاٿل ڏسي سگهو ٿا” چانڊئي ٻڌايو. “اسان عيدالفطر واري رات ٻيڙين تي رڳو سر بچائي نڪتاسين” هن چيو.

“منهنجي مائٽن ميرپور خاص ۾ اسان کي ڪچو سيڌو سامان ۽ ضروري شيون مهيا ڪيون. انهن اسان کي پاڻ سان گڏ رهڻ جي به آڇ ڪئي، پر تڏهن مينهن سبب اُتان جا گهر ۽ گهٽيون به پاڻي هيٺ هيون، ان ڪري اسان هتي رهڻ کي ترجيح ڏني”. احمد علي چانڊئي “افيئر” کي وڌيڪ ٻڌايو ته سندس هارين ٻن ايڪڙن تي ڳاڙها مرچ پوکيا هئا، جيڪي پڻ مڪمل طور ختم ٿي ويا آهن. واضح رهي ته ڪنري ڳاڙهن مرچن جي ڏکڻ ايشيا ۾ وڏي منڊي آهي، جيڪا معياري ڳاڙهن مرچن جي حوالي سان سٺي ساک رکي ٿي ۽ هتان معياري ڳاڙها مرچ مختلف ملڪن کي ايڪسپورٽ پڻ ڪيا ويندا آهن. ليڪن هن ڀيري مرچن جي فصل کي پهتل نقصان سبب واپاري سخت پريشان آهن.جڏهن ته ڪنري جي مرچ مارڪيٽ به ويران نظر آئي ۽ مرچ جي واپارين جو گاڏيون به ٿوري تعداد ۾ نظر آيون، حالانڪه سيپٽمبر کان مرچن جي سيزن عروج تي هوندي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 22 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل رڳو ٻوڏ سبب تباهه ٿيو آهي، بدين ان تباهيءَ ۾ پهرين نمبر تي آهي جتي 375000 زرعي زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن. جن ۾ ڪپهه ۽ ڪمند جا فصل شامل هئا. جڏهن ته سانگهڙ زرعي تباهي جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي اچي ٿو. نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اَٿارٽي طرفان ڪيل سروي مطابق سانگهڙ ۾ 356000 ايڪڙن تي بيٺل فصل مڪمل طور تباهه ٿي ويا. برساتي ٻوڏ سبب ٻين سخت متاثرن ضلعن ۾ بينظير آ باد (نوابشاهه) ميرپور خاص، ٺٽو ۽ خيرپور شامل آهن. نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي موجب هاڻوڪي ٻوڏ سبب 68 لک ايڪڙ آباد زرعي زمين تباهه ٿي وئي. گڏيل قومن جي ڪٿ موجب ٻوڏ سبب 73 سيڪڙو بيٺل فصل، 36 سيڪڙو مال متاع ۽ 17 سيڪڙو کاڌ خوراڪ جون شيون سنڌ جي 13 سخت متاثر ضلعن ۾ تباهه ٿي ويون آهن.

ياد رهي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ اڪثر علائقا وونئڻن جي پوکيءَ وارا علائقا آهن ۽ اتي وونئڻن جو فصل لڳ ڀڳ چونڊي لاءِ تيار هو، ڪجهه علائقن ۾ ته پهريون چونڊو به ٿي چڪو هو. اوچتي برسات هڻي ته وونئڻن جي فصل جا ڌاڃوڙا ڪڍي ڇڏيا. “اسان جي ڪٿ موجب زرعي شعبي کي 270 بلين روپين جو نقصان پهتو آهي، جنهن ۾ رڳو وونئڻن جي فصل جي مد ۾ 134 بلين روپيا گهاٽو پڻ شامل آهي.” سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻي “افيئر” کي ٻڌايو. هن جو اهو پڻ هو ته سنڌ ۾ ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪمند جو فصل ٿيو آهي.

واضح رهي ته برساتن ڦُٽيءَ جي معيار کي به ڌڪ رسايو آهي جنهن ڪري ٽيڪسٽائل انڊسٽري جا واپاري سخت پريشان آهن. سنڌ جا وونئڻ معياري، سٺا ۽ پنجاب کان اڳ تيار ٿيندا آهن. ليڪن هن وقت برساتن سبب مارڪيٽ ۾ ايندڙ ڦٽي جي ڪوالٽي ٺيڪ ناهي، اهو ان  ڪري جو ڦٽي چونڊيندڙ پورهيت بيٺل پاڻي ۾ چونڊو ڪري رهيا آهن. ڪراچي ڪاٽن بروڪرز فورم جي چيئرمين نسيم عثمان “افيئر” سان خصوصي گفتگو ڪندي چيو ته ڦٽي جي پئداوار ۾ گهٽتائي سبب خدشو آهي ته اسانکي ٽيڪسٽائل ملن لاءِ ڪپهه ٻاهران ايڪسپورٽ ڪرڻي پوي. عثمان چواڻي ان سڄي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان آبادگار ۽ هاريءَ جو ٿيو آهي. هن جو چوڻ هو ته هيلوڪي سال 22 لک ڪپهه جي ڳٺڙين جي کوٽ رهندي، جنهن ڪارڻ پاڪستان کي 15 لک ڳٺڙين جو 12-2011 تائين ٽارگيٽ مڪمل ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو. اڳ ۾ اها اميد ڪئي پئي وئي ته هيلوڪي سال ڪپهه جو بمپر فصل لهندو ۽ پرڏيهه مان پڻ آرڊر بُڪ ٿي رهيا هئا.

نسيم عثمان چواڻي عام طور تي ڦٽي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي ٻج هوندو آهي جيڪو پڻ برساتي ٻوڏ سبب تباهه ٿي چڪو آهي. ٻج کاڄري تيل لاءِ استعمال ٿيندو آهي ۽ ان مان نڪرندڙ ڦوڳ کي مال جي چاري لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سندس خيال ۾ رڳو ڪپهه جي ٻج جي تباهي سبب به 15 بلين روپين جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته وونئڻن جي ڪچي ڦٽي جي مد ۾ 55 بلين روپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. واضح رهي ته هن وقت صورتحال اها آهي ته ٻوڏ جي پاڻي سبب مشينري کي پهتل نقصان جي ڪري ميرپور خاص، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ تمام گهڻيون جننگ فيڪٽريون مڪمل طور بند پيون آهن. جڏهن ته ڪجهه بچي ويل جننگ فيڪٽريون ايندڙ مهيني کان ڪم شروع ڪنديون پر اهي ان ڪم لاءِ ناڪافي آهن.

ڪمند جو فصل جيڪو سنڌ ۾ ٻئي نمبر تي ڪئش ڪراپ آهي، ٻوڏ سبب ان جي به تمام وڏي تباهي آئي آهي. جيتوڻيڪ ڪمند جي فصل کي گهڻي پاڻي جي گهرج هوندي آهي، شروع ۾ زرعي ماهرن جو خيال هو ته ڪمند جي فصل کي نقصان نه ٿيندو ليڪن برساتي پاڻي جي نيڪال ۾ دير ٿيڻ سبب اهو پاڻي گدلو ۽ گندو ٿي چڪو آهي جنهن ڪري ڪمند تباهه ٿي ويو آهي. جڏهن ته ٻوڏ وارن علائقن ۾ شگر ملن اندر پاڻي اچي وڃڻ سبب مشينري کي سخت نقصان رسيوآهي، بوائلر به ان نقصان کان محفوظ ناهن ان ڪري ڪرشنگ سيزن ۾ بوائلر اسٽارٽ ٿيڻ ۾ کين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو. سنڌ آبادگار بورڊ جي انگن اکرن موجب ڪمند جي آبادگارن کي 25 بلين روپين جو نقصان ٿيو آهي. جڏهن ته ٻين فصلن ۽ ساين ڀاڄين کي پهتل نقصان ان کانسواءِ آهي. مجيد نظاماڻي موجب چانورن جي فصل جي مد ۾ 70 بلين روپين جو نقصان ٿيو آهي.

“افيئر” جي ڪيل تحقيق موجب سنڌ حڪومت اڃا تائين سنڌ کي پهتل معاشي گهاٽي جا مڪمل انگ اکر پڌرا نه ڪيا آهن. اهي اڃا تائين ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ ۽ ٻين ڊونرز جي رپورٽن جي انتظار ۾ آهن.

ٻئي طرف ويجهڙ ۾ ئي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هاڻوڪين برساتن سبب سنڌ جي 21 ضلعن ۾ 457 بلين روپين جو نقصان ٿيو آهي جيڪو گذريل سال جي ٻوڏ جي ڀيٽ ۾ 13 بلين روپيا وڌيڪ آهي.

ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وڏي انگ ۾ ڍور پڻ مري ويا آهن، جن ۾ عيدالاضحيٰ لاءِ بيهاريل جانور به شامل هئا. بدين جي مال پڙي ۾ اهو نظر آيو ته مال جا وڏا واپاري غريب ٻوڏ ستايل ماڻهن کان ڀڳڙن مٺ تي وڏي تعداد ۾ جانور خريد ڪري رهيا هئا، ڇو ته ماڻهن ۾ جتي هاڻي ٻچا پالڻ جي سگهه به ناهي رهي ته پوءِ اهي ڍور ڍڳن کي چارو ڪٿان کارائن. ان ڪارڻ اهي گهٽ وڌ ڪري مال متاع وڪڻي رهيا آهن ۽ واپارين جي چاندي ٿي وئي آهي. NDMA جي انگن اکرن مطابق 5 آڪٽوبر تائين 112،312 ٻڪريون مري چڪيون هيون. ياد رهي ته ٻوڏ ۾ ڍور ڍڳن جي وڏي انگ ۾ مرڻ سبب کير جي قيمتن ۾ پڻ واڌ آئي آهي. ٻوڏ کان اڳ کير 40 روپيا في لٽر دستياب هو، ٻوڏ دوران 60 رپيا لٽر وڪرو ٿي رهيو آهي. ماهرن خدشو ڏيکاريو آهي ته ٻوڏ ستايل ضلعن ۾ ڏڪر جهڙي صورتحال چوٽ چڙهيل آهي. ٻوڏ سبب ساين ڀاڄين جا اگهه پڻ چوٽ چڙهي ويا آهن.

اڪثر آبادگارن جو مطالبو آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن جي حڪومت سهائتا ڪري باقي رڳو انهن جون ڍلون معاف ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. نظاماڻي موجب وونئڻن جي هڪ ايڪڙ تي 7 کان 8 لک خرچ اچي ٿو. جنهن ۾ ٻج، ڀاڻ ۽ دوائون شامل آهن. “حڪومت کي کپي ته جن به آبادگارن جا هيل فصل تباهه ٿيا آهن، انهن لاءِ مڪمل پئڪيج جو اعلان ڪري” مجيد نظاماڻي چوي ٿو. هن اهو پڻ چيو ته پرائيوٽ بئنڪن کان ورتل پراڻن قرضن کي ري شيڊول ڪرڻ ۽ نوان قرض زيرو مارڪ اَپ تي ڏيڻ به شامل هجي ته جيئن آبادگار ۽ هاري ٻوڏ سبب پهتل وڏي نقصان مان نڪري سگهن. ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائن تي پڻ آبادگارن کي خصوصي رعايت ڏني وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو