Home / افيئر / ٻوڏ متاثرن جو سامان ڦٻائڻ لاءِ ڪفن چور ميدان تي
above article banner

ٻوڏ متاثرن جو سامان ڦٻائڻ لاءِ ڪفن چور ميدان تي

پاڪستان ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ قطار ۾ بيٺل بدين جي هڪ ٻڍڙي شخص عمر ملاح جي 27 سيپٽمبر تي ٿيل موت بعد، تنهن ڏينهن وري گولاڙچي شهر ۾ هڪ پيرسن مسڪين حاجي لال بخش کوسو، ڪارڊ لاءِ پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو. ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان جي ڪهڙي طرح سان لٽ مار جاري آهي. ان جو هڪ بدترين مثال 10 آڪٽوبر تي بدين ۾ ٿيل اهو واقعو آهي جنهن ۾ بدين پوليس ڇاپو هڻي ٽن مبينا جوابدارن کي 2 ٽرڪن جي سامان سميت گرفتار ڪري ورتو. بدين شهر جي جيمخاني واري گودام ۾ پيل ٻوڏ متاثرن جي راشن واري سامان جون ٻه ٽرڪون ۽ هڪ رڪشا ڀري جوابدار سامان دڪانن تي وڪري لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا ته بدين پوليس ڇاپو هنيو، پوليس ٽن جوابدارن عبدالڪريم نهڙيو، يعقوب ۽ حسن انصاري کي گرفتار ڪري سامان سان ڀريل گاڏيون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون ۽ ماڊل ٿاڻي تي جوابدارن خلاف چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو. رپورٽ موجب ان واقعي کان ٻه راتيون اڳ امدادي سامان جي ان ساڳي گودام مان راشن واري سامان جون 15 ٽرڪون ڪمبل ۽ خيمن جون ٻه ٽرڪون ڪي ماڻهو اهلڪارن سان  ملي ڀڳت ڪري ڪنهن نامعلوم هنڌ ڏانهن کڻي ويا هئا. جنهن ۾ مختيار ڪار بدين پڻ  سامان سان ڀريل ٻه ٽرڪون ڪنهن اڻ ڄاتل هنڌ ڏانهن رات جي اونداهي ۾ کڻائي ويو. گودام تي مقرر هڪ روينيو اهلڪار جو چوڻ آهي ته رليف ڪميٽي جي ميمبرن کي سياسي ماڻهن جون سامان ڏيڻ لاءِ دستخط ٿيل ڪوڊ واريون پرچيون اچن ٿيون جن تي اسان گودام مان سامان ڪڍي ڏيون ٿا ۽ اسانکي اها خبر ناهي ته اهو ٻوڏ متاثرن جو ڪروڙين روپين جي ماليت جو سامان ڪيڏانهن ٿو وڃي. هوڏانهن ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان جي وڏي پئماني تي چوري ٿيڻ واري سڳ سوڌو پڪڙيل سامان جي واقعي بعد، بدين جي ضلعي انتظاميا جيمخاني واري امدادي سامان جي گودام تي مقرر روينيو عملي کي اتان هٽائي واٽر مئنجمينٽ جي عملي کي اتي مقرر ڪيو آهي. واضح رهي ته بدين جي ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل اربين روپين جي ماليت جو سامان جنهن ۾ کاڌ خوراڪ جي شين کان سواءِ ڪمبل ۽ خيما، پاڻي فلٽر جون مشنيون وغيره پيل آهن. جن کي بي درديءَ سان چورائي وڪرو ڪيو پيو وڃي. بدين جي هڪ صحافي جي ايم سومرو “افيئر” کي ٻڌايو ته مذڪوره گدام ۾ پرڏيهي مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن طرفان موڪليل اربين روپين جي ماليت جو کاڌ خوراڪ جي راشن کانسواءِ ٻيو ايترو ته گهڻو سامان پيل آهي اهو جيڪڏهن بدين جي حقيقي ٻوڏ متاثرن ضلعي جي 18 لک ماڻهن تائين پهچي ته اهي مهينن تائين بک وگهي مرڻ کان بچي ويندا. پر هن خدشو ظاهر ڪيو ته اهو سمورو سامان لٽجي ڦرجي دڪانن تي وڪرو ٿي ويندو. هڪ طرف ضلعي انتظاميا بدين جي تحويل ۾ ڏنل پرڏيهي ملڪن ۽ عالمي ادارن ۽ اين ڊي ايم اي طرفان بدين جي ٻوڏ متاثرن لاءِ موڪليل امدادي سامان جي اهڙي ريت لٽ مار ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف گڏيل قومن جي عالمي اداري ورلڊ فوڊ پروگرام ۽ ٻين عالمي ادارن طرفان بدين جي لکين ٻوڏ متاٽرن لاءِ کاڌي خوراڪ جو سامان ڪن اين جي اوز جي مدد سان ورهايو پيو وڃي. جنهن ۾ پڻ وڏي پئماني تي ڪرپشن ۽ غير منصفاڻي ورڇ جون شڪايتون عام آهن ۽ هاڻ ته انهن اين جي اوز خلاف متاثرين رستن تي نڪري سخت احتجاج ڪري رهيا آهن.


تباهي هيٺ آيل بدين جي ڏاکڻي سامونڊي پٽي جي يوسي ڀڳڙا ميمڻ، يوسي سيراڻي جي سوين ٻوڏ متاثرن حاجي اسماعيل ملاح، ستار ورڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بدين جي هڪ مقامي اين جي او ۽ انجي اڳواڻ خلاف ڊي سي او هائوس جي اڳيان ڌرڻو هڻي بدين ڪراچي روڊ کي بند ڪري ڇڏيو. ڌرڻي لڳڻ ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ جام ٿيڻ ڪري سوين گاڏيون بيهي ويون. احتجاجي اڳواڻن هڪ مقامي اين جي او  ۽ ان جي شاعر اڳواڻ تي ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪروڙين روپين جي ماليت جو امدادي سامان هڙپ ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته اها اين جي او پنهنجون هٿ ٺوڪيون ڪاغذي سي اوز ٺاهي، انهن جي نالي تي راشن وارو سمورو سامان چورائي، وڪرو ڪري رهي آهي. باقي ٿورو گهڻو سامان من پسند ماڻهن کي ڏنو وڃي ٿو. اهو پڻ غير معياري ۽ گهٽ وزن وارو هجي ٿو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جنهن ڏينهن مذڪوره اين جي او خلاف ٻوڏ متاثر ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪري رهيا هئا. عين ان وقت عالمي اداري ورلڊ فوڊ پروگرام جا اعليٰ اهلڪار بدين جي دوري تي آيل هئا. پر انهن اعليٰ اهلڪارن ٻوڏ متاثرن جي احتجاج جو ڪوبه نوٽيس نه ورتو ۽ اڃا تائين اها ئي ساڳي اين جي او ساڳي علائقي ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام جي راشن واري سامان جي ورڇ ڪري رهي آهي. ياد رهي ته ساڳي اين جي او تي گذريل سال جي مها ٻوڏ جو ساڳي ورلڊ فوڊ پروگرام جو راشن وارو سامان رات جو ‎ٺٽي ضلعي جي مڪلي واري گودام مان ٽرڪون ڀرائي بدين جي شهر جي ڪن واپارين کي وڪرو ڪندي بدين جي پوليس هٿان سڳ سان پڪڙجي پيو هو. بعد ۾ ڏنو پٽ ڇٽي جو جي حساب سان اهو معاملو لئه مئي ٿي ويو هو. مسڪين ٻوڏ متاثرن لاءِ عالمي ادارن کان آيل امدادي سامان هڙپ ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل مذڪوره اين جي او کي بليڪ لسٽ ڪري ان خلاف قدم کڻڻ جي بجاءِ ساڳي اين جي او کي ٻوڏ متاثرن جو ڪروڙين روپين جو سامان ورهائڻ لاءِ ڏنو پيو وڃي ۽ ان سان گڏ ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل اها ساڳي اين جي او ورلڊ بنئڪ طرفان پي پي اي ايف جا بدين جي سامونڊي پٽي جي ايل بي او ڊي، جي متاثرن جي بحالڪاري ۽ ترقياتي اسڪيمن لاءِ ڏنل ڪروڙين روپين جا پراجيڪٽ هلائڻ کانسواءِ ايڪشن ايڊ آف پاڪستان جا پڻ ڪروڙين روپين جا پراجيڪٽ بدين ۾ ڪيترن ئي سالن کان لاڳيتو هلائي رهي آهي.

ڪفن چور سرڪاري  ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ موجود آهن. اهي ڪفن چور فقط بدين ۾ سرگرم ناهن پر اهي ٿر جي ڀٽن تي به لامارا ڏيئي رهيا آهن.

ٿرپارڪر مان پهتل رپورٽن موجب اين ڊي ايم اي ۽ سنڌ حڪومت طرفان ٿر جي متاثرن لاءِ پهتل کاڌي خوراڪ وارو سامان گودامن ۾ ڪنو ٿي ناڪاره ٿي ويو پر متاثرن تائين نه پهچي سگهيو. نئون ڪوٽ واري قلعي واري ڪئمپ ۾ بي گهر ٿي ويل هزارين ٻوڏ متاثرن کي ڪنو بدبودار اٽو ۽ ڪارا چانور ڏنا ويا جيڪي کائڻ سان سوين ماڻهن سخت بيمار ٿي پيا. جن سوين ماڻهن سرڪاري اهلڪارن خلاف سخت احتجاج ڪيو آهي. جڏهن ته ٿر جي ٻوڏ متاثرن لاءِ پهتل سامان جون 11 ٽرڪون متاثرن ۾ ورهائڻ بجاءِ ٿرپاڪر جي ضلعي انتظاميا واپس ميرپور خاص ڏانهن موٽائي ڇڏيون. بظاهر ٿر جي ضلعي انتظاميا اهو چئي سامان واپس موڪليو آهي ته اهو غير معياري آهي. پر ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته اصل ۾ ٿر جا سياسي ڀوتار، مسڪينن لاءِ آيل سامان جي حصي پتي تان پاڻ ۾ اٽڪي پيا آهن. ارباب گروپ ۽ پيپلز پارٽي جي ڀوتارن توڻي پ پ جي مختلف ڌڙن ۾ سامان جي ورڇ تان هلندڙ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ لکين ٿري ماروئڙا امدادي سامان کان محروم ٿي ويا آهن. هوڏانهن 10 هزارن واري پاڪستان ڪارڊ جنهن کي ماڻهو موت ڪارڊ سڏي رهيا آهن بدين ۾ اذيتناڪ طريقي سان اهو ڪارڊ جن به ماڻهن کي ملي ٿو اهي وري ڪيش به نٿا ٿين. نادرا سينٽرن جي درن تان ڌڪا کائڻ بعد اهي هزارين مسڪين ماڻهو بئنڪن جي درن تي پهچن تا ته اي ٽي ايم جون مشنيون خراب هجڻ جو بهانو ڪري ماڻهن کان رشوت وٺي انهن کي ڏنڀ ڏنا وڃن ٿا ۽ انهن ڪارڊن مان اڌ کان وڌيڪ ڪارڊن ۾ 20 ڏينهن تائين رقم ئي منتقل نه ٿي سگهي آهي ۽ اهي خالي ڪارڊ کڻي ماڻهو حيدر آباد شهر تائين وڃي پهچن ٿا پر ATM ۾ انهن جا پيسا ئي نه هوندا آهن ۽ گذريل 20 ڏينهن دوران بدين جي اٽڪل هڪ لک ٻوڏ متاثرن کي جيڪي پاڪستان ڪارڊ نادرا جي اٽڪل 15 سينٽرن تان جاري ڪيا ويا آهن انهن مان اٽڪل 40 سيڪڙو ڪارڊن ۾ پيسا منتقل نه ڪيا ويا آهن ۽ هزارين مسڪين ماڻهو اهي خالي ڪارڊ کڻي بئنڪن جي درن تي ڌڪا کائي رهيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو