Home / افيئر / ٻڏل علائقن مان پاڻي جو نيڪال ۽ نالي ۾ نهال آبپاشي ماهر
above article banner

ٻڏل علائقن مان پاڻي جو نيڪال ۽ نالي ۾ نهال آبپاشي ماهر

واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جي پيدا ڪيل ايل بي او ڊي وگهي سنڌ ۾ آيل آگسٽ 2011ع جي ٻوڏ کي ذري گهٽ ٽن مهينن جو عرصو اچي ٿيو آهي، اڃا تائين سنڌ بدستور ٻڏل آهي. ايڏي ڊگهي عرصي ۾ حڪومت ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ بري طرح سان ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي. ملڪ جي صدر آصف علي زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، آبپاشي وزير، سميت واسطيدار اعليٰ سرڪاري اهلڪارن فقط هڪ مهيني اندر سنڌ مان ٻوڏ واري پاڻي جي نيڪالي ڪرائڻ واريون جيڪي دعوائون ڪيون هيون اهي غلط ثابت ٿيون آهن. صدر آصف علي زرداري هڪ طرف واپڊا وارن کي چتاءُ ڏيندي چيو هو ته انهن جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ مان ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال نه ڪرايو ته هو واپڊا وارن کان ايل بي او ڊي تي آيل لاڳت (اٽڪل 60 ارب روپين) جو ناڻو ڀرائي وٺندو، ٻئي طرف صدر زرداري سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقي مان جلد پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۽ سنڌ مان ٻوڏن واري پاڻي جا قديم قدرتي وهڪرا هاڪڙو ۽ پراڻ وارن دريائي وهڪرن تي ڪيل قبضا خالي ڪرائي انهن جي بحالي ۽ ايل بي او ڊي جي متبادل ڇوڙ ۽ انجي تباهه ڪارين جي روڪٿام لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي هئي جنهن جي سربراهي آبپاشي ماهر ۽ اڳوڻي آبپاشي سيڪريٽري ادريس راجپوت جي حوالي ڪئي ويئي. ادريس راجپوت جيڪو اڃا تائين ايل بي او ڊي جي تباهڪارين کان انڪاري آهي. چيو وڃي ٿو ته آبپاشي ماهر ادريس راجپوت جو نالو ايل بي وا ڊي جي خالقن واري لسٽ ۾ شامل آهي. هو 80 واري ڏهاڪي ۾ انجنيئر هو ۽ تباهي مچائيندڙ غير فطري سم نالي ٽائيڊل لنڪ ڊرين رستي شاهه سمابو ڪريڪ وٽان پاڻي جو ڇوڙ سمنڊ ۾ ڪرائڻ واري منصوبي جو حمايتي هو. جنهن خلاف بدين جي سڄاڻ مقامي ماڻهن جي بروقت ڪيل سخت مخالفت جي باوجود انهن جي مرضي خلاف پاڻي جي فطري ڇوڙ  وارن رستن کي بند ڪري ايڏي ڀيانڪ تباهي هٿرادو طور تي آندي ويئي جنهن ۾ بدين ضلعو هر ڀيري ٻڏي، تيزي سان سمنڊ هيٺ اچي رهيو آهي ۽ هيلوڪي سال ايل بي او ڊي جي ان آفت سبب سڄي سنڌ ٻڏي ويئي آهي ۽ ڏاکڻي سنڌ اڃا تائين سمنڊ جو ڏيک ڏيئي رهي آهي.

سنڌ مان ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال ڪرڻ واري سرڪاري مقرر ڪيل ڪميٽي جو سربراهه ادريس راجپوت هر روز متضاد بيان ڏئي رهيو آهي. هو هڪ ڏينهن پنهنجي بيانن ۽ اخباري ڪالمن ۾ هڪڙي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ٻئي ڏينهن پاڻ ئي پنهنجي بيان جي ترديد ڪري وري نيون گوهر افشانيون ڪري وڌيڪ مونجهارا پيدا ڪري رهيو آهي. 19 آڪٽوبر جي پنهنجي هڪ اخباري ڪالم ۾ ادريس راجپوت ٻوڏ متاثرن ضلعن مان پاڻي جي نيڪال جو باقاعده هڪ ٽائيم ٽيبل ٺاهي پڌرو ڪيو جنهن جو عنوان هو ته “سنڌ جي ٻڏل علائقن مان پاڻي ڪڏهن نڪرندو ” پنهنجي ان مضمون ۾ هن لکيو ته، نواب شاهه ضلعي مان 4 ڏينهن ۾ 75 سيڪڙو پاڻي نڪري ويندو. بدين ضلعي مان فقط 10 ڏينهن ۾ 43 سيڪڙو، سانگهڙ ۽ ميرپرخاص جي ضلعن مان 15 ڏينهن ۾ 64 سيڪڙو پاڻي نڪري ويندو. پاڻي جي نيڪالي وارو اهڙو مٿيون، خوشفهمين وارو ٽائيم ٽيبل ڏيڻ بعد جڏهن زميني حقيقتون اهڙي هنيل هام جي ابتڙ هيون ۽ ميڊيا ۾ لاڳيتيون ايل بي او ڊي ۾ پيل نون گهارن وگهي ٻڏندڙ شهرن ۽ ڳوٺن جون خبرون رپورٽ ٿيڻ لڳيون تڏهن ادريس راجپوت 28 آڪٽوبر تي هڪ اخبار ۾ شايع ٿيل پنهنجي هڪ ڪالم ۾ نه فقط پنهنجي ڏنل ٽائيم ٽيبل تان دستبردار ٿي ويو. پر ٻوڏ واري پاڻي جو 28 آڪٽوبر تائين نيڪال نه ٿيڻ جو اعتراف ڪندي هن لکيو ته :اسانجو خيال هو ته نومبر جي آخر تائين سڀني علائقن مان پاڻي نڪري ويندو ۽ ماڻهو 90 سيڪڙو ايراضين ۾ ربيع جو فصل پوکي سگهندا پر جنهن نموني جي صورتحال ٻڌائي ويئي آهي، ان مان لڳي ٿو ته نومبر جي پڇاڙي تائين سڀني ايراضين مان پاڻي نڪري نه سگهندو. سنڌ مان ٻوڏ واري پاڻي جي نيڪال واري سرڪاري ڪميٽي جي سربراهه ادريس راجپوت جنهن پاڻي جي نيڪال جا جيڪي به ٽائم ٽيبل ڏنا اهي غلط نڪتا جنهنجو هن پاڻ ئي اعتراف ڪيو آهي ۽ هاڻ هو خود ئي چوي ٿو ته ٻوڏ واري علائقي مان نومبر جي آخر تائين به پاڻي نڪري نه سگهندو. جنهن مان هن نومبر تائين 90 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. پنهنجي ئي ڏنل ٽائم ٽيبل ۾ پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ جو ڪارڻ ٻڌائيندي هو صاحب لکي ٿو ته اسان پاڻي جو ڪاٿو سيٽلائيٽ تان ورتل تصويرن مان لڳايو هو. جيڪو غلط نڪتو ۽ زميني حقيقتون ان جي ابتڙ آهن. واپڊا ۽ آبپاشي ماهرن جي اهڙن عملن جي ڪري گذريل سال اڌ سنڌ ٻڏي ويئي ۽ هن سال سڄي سنڌ ٻڏي ويئي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته 19 آڪٽوبر تي جڏهن ادريس راجپوت پاڻي جي نيڪال جو ٽائيم ٽيبل ڏيئي رهيو هو، تڏهن جهڏي جي شهر ويجهو ايل بي او ڊي، جي سم نالي اسپائينل ڊرين ۾ پيل گهارو ڪيترائي وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙي تباهي مچائي رهيو هو. ان سم نالي جي آر ڊي 375 وٽان پيل گهارو جڏهن سيڊاوارن کان نه ٻڌجي سگهيو هو تڏهن 25 آڪٽوبر تي سيڊا جو ايم ڊي احسان لغاري ميڊيا تي سج کي کاري هيٺان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي چئي رهيو هو ته بدين ضلعي مان 85 سيڪڙو، نواب شاهه ۽ ميرپورخاص مان 80 سيڪڙو پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي جڏهن ته حقيقت اها آهي ته آڪٽوبر مهيني جي آخر تائين بدين ضلعي جي اٽڪل 70 سيڪڙو ايراضي اڃا تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهي. تعلقي ٽنڊو باگي جا ملڪاڻي خيرپور گنبو ڏيئي وغيره جا ڪيترائي شهر ۽ سوين ڳوٺ 6 کان 7 فوٽ پاڻي ۾ ٻڏل آهن، مٿين ضلعن جو پاڻي جهڏو، نئون ڪوٽ ۽ ٽنڊي باگي واري علائقي کي اڃا تائين ٻوڙي رهيو آهي.

اسپائينل ڊرين جا پيل گهارا سيڊا وارن کان بند نٿا ٿين. ڏهن ڏينهن جي سرٽوڙ ڪوششن کان پوءِ جهڏي لڳ آر ڊي 375 وٽان سوين فوٽ پيل گهارو بند ڪري جيئن ئي سيڊا وارا گهر روانا ٿيا ته ٻئي ڏينهن آر ڊي 373 وٽان هڪ وڌيڪ خطرناڪ گهارو پئجي ويو. جنهن گهاري سبب يوسي آهوري، يوسي روشن آباد جا اٽڪل 150 ڳوٺ ٻڏي ويا. تعلقي ٽنڊي باگي جي يوسي ڏيئي جرڪس، مٺي ٿري ۽ ٿرپاڪر ضلعي جي تعلقي ڏيپلي جون يوسي، ٻولهاڙي، ڀٽارو ۽ يوسي ڪلوئي واري علائقي ۾ اڃا تائين 6 کان 7 فوٽ پاڻي بيٺل آهي. پراڻ ڍورو انهن ڳوٺن کي وڌيڪ ٻوڙي رهيو آهي ديهه وڍڙي ۽ ديهه پنهور وغيره جا ڪيترائي ڳوٺ وڌيڪ مٿين ضلعن مان ايندڙ پاڻي سبب ٻڏي رهيا آهن. ضلعي ڪائونسل بدين جي اڳوڻي نائب ناظم عزيز ڏيري جو ڳوٺ اڃا تائين پاڻي هيٺ آهي. ڳوٺ نيوي چڪ، قبائلي چڪ، وغيره جا ڳوٺ اڃا تائين تار پاڻي ۾ ٻڏل آهن. سنڌ حڪومت طرفان ٻوڏ واري علائقي مان پاڻي نيڪال ڪرڻ واري ڪميٽي جو سربراهه ادريس راجپوت هاڻ مڃي چڪو آهي ته سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي وارن اٺن سخت متاثر ٿيل ضلعن جنهن ۾ نواب شاهه، سانگهڙ، ميرپورخاص، بدين، عمرڪوٽ، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان وغيره مان نومبر مهيني جي آخر تائين ٻوڏ وارو پاڻي مڪمل طور ڪنهن به طرح سان هرگز نيڪال ٿي نه سگهندو. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته مٿين ضلعي ۾ خريف جا جيڪي سو سيڪڙو زرعي فصل تباهه ٿي ويا هئا. انهن ضلعن جي پاڻي هيٺ آيل لکين ايڪڙ ايراضي ۾ هاڻ چيٽ جي مند جا ڪي بي فصل پوکجي نه سگهندا. ان کان وڌيڪ هاڻ سنڌ ۾ ٻي ڪهڙي تباهي ايندي. اڪيلي زرعي معيشت تي مدار رکندڙ، سنڌ جي اٽڪل هڪ ڪروڙ ٻوڏ متاثرن جن جا گهر گهاٽ مال متاع سمورا زرعي فصل تباهه ٿي ويا. هڪ مند جا ته سمورا اربين روپين جي ماليت جا فصل ناس ٿيا ۽ ٻئي چيٽ جي مند جا فصل به پوکجي نه سگهندا ۽ اهي هڪ ڪروڙ ماڻهو جن ۾ 90 سيڪڙو هاري، کيت مزدور ۽ ڏهاڙي ڪمائيندڙ پورهيت لڏي جا ماڻهو آهن، انهن سڀني لکين ماڻهن جو ڇا ٿيندو، کين ٻچا  وات ۾ اچي ويا آهن، اهي ايترا ماڻهو ڳڀي جي ڳولا لاءِ ڇا ڪندا ڪيڏانهن ويندا؟ انهن جو ته ڪو در ئي نه بچيو آهي. سرڪار سڳوري جيڪا هيل تائين لکين ٻوڏ متاثرن کي رليف ڏيارڻ ۾ بري طرح سان ناڪام ٿي ويئي آهي. هر طرف لکين ٻوڏ متاثر فاقا ڪڍي رهيا آهن. مٿان سياري جي سخت سرد مند پڻ شروع ٿي ويئي آهي. ٻوڏ متاثر علائقي جي لکين ماڻهن گذريل رمضان واري عيد به لکيل آسمان هيٺ وسندڙ مينهن ۾ بکايل گهاري، مٿان وري هي ٻي عيد به سنڌ جي لکين مسڪين ماڻهن ڏکن ۽ بکن ۾ ملهائي بي گهر ٿيا انهن لکين ماڻهن جي ماڳ مڪانن مان حڪومت اڃا تائين ٻوڏ وارو پاڻي به نيڪال نه ڪرائي سگهي آهي. لکين ماڻهو اڃا تائين ڪيمپبن ۽ ٿر جي ڀٽن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ٻن مندن جا زرعي فصل تباهه ٿيڻ ۽ نه پوکجڻ ڪري سنڌ ۾ اناج جي سخت کوٽ ۽ ڀيانڪ ڏڪار جا آثار چٽا ٿي ويا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو