Home / افيئر / پ پ حڪومت تي دانهن ڪارساز سانحو: 179 ماڻهن جو خون لڙهي ويو
above article banner

پ پ حڪومت تي دانهن ڪارساز سانحو: 179 ماڻهن جو خون لڙهي ويو

18 آڪٽوبر 2007ع تي رات جو ڪراچيءَ ۾ ڪارساز وٽ ٿيل سانحي کي چار سال گذري ويا آهن. ساڍن ٽن سالن کان پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفاق ۽ سنڌ ۾ حڪومت آهي. ڪارساز وٽ ٿيل ٻن ڌماڪن ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو سميت ٽرڪ تي موجود پارٽي جي سموري قيادت کي ختم ڪرڻ هو. مضبوط، بهتر حفاظتي انتظامن سبب ان حملي ۾ محترمه بينظير ڀٽو سميت سموري قيادت ته محفوظ رهي پر پنهنجي اڳواڻ جي استقبال لاءِ آيل 179 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن مان اڪثريت معذور ٿي وئي آهي، جو سندن جسم جا عضوا اڏامي ويا هئا.

هر سال صدر آصف علي زرداري، وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ڪارساز سانحي جي ورسي جي موقعي تي پيغام جاري ڪندا آهن. هر سال سنڌ اسيمبلي سانحي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙن کي خراج تحسين جي قرارداد پاس ڪندي آهي. هر 15 هين ڏينهن ڪيس جي ڊائري ڪڍي ويندي آهي. هر مهيني ايڊيشنل آءِ، جي ڪراچي ڪيس جي اڳڀرائي بابت گڏجاڻي ڪندو آهي. اڄ به سانحي جي ڪيس ۾ گرفتار مذهبي انتهاپسندن کان جاچ ڪئي ويندي آهي. پر نتيجو ڪجهه به نه آهي. انهن ساڍن ٽن سالن ۾ سنڌ جو گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ئي رهيو، جنهن 17 آڪٽوبر 2011ع تي ميڊيا کي اهو ٻڌائي پنهنجو بار لاهي ڇڏيو ته وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ صدر آصف علي زرداري کي غلط رپورٽون ٻڌائي، 18 آڪٽوبر سانحي جي جاچ کان الڳ ڪرائي ڇڏيو هو. الزام اهي به آهن ته، ڪارساز سانحي جي پهرئين سپروائيزنگ آفيسر نواز رانجها کي بندر روڊ تي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو هو ۽ ان قتل ۾ ملوث جوابدار به گرفتار ڪيا ويا هئا، جوابدارن جو تعلق ڪراچيءَ جي هڪ سياسي تنظيم سا هو، پر انهن جوابدارن کي به مداخلت ڪري آزاد ڪرايو ويو.

ڪارساز سانحي جي پهرين ايف، آءِ، آر سرڪار پاران داخل ڪئي وئي هئي ان وقت جي حڪومت پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي ايف، آءِ، آر داخل ڪرڻ نه ڏني جنهن سبب عدالت سان رجوع ڪيو ويو. ٻي ايف، آءِ، آر شهيد بينظير ڀٽو جي پهرين ورسي تي بهادر آباد ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي هئي. ايف، آءِ، آر نمبر 08/213، ۾ 302، 324، 427، 34 پي پي پي 4/3، 109 ۽ 102 جي قلم لاڳو ڪيا ويا هئا. حڪومت پاران ان وقت ڊي، آءِ جي (جاچ) غلام قادر ٿيٻو جي سربراهي ۾ پنجن ميمبرن تي ٻڌل جاچ ٽيم جوڙي وئي هئي. جيڪا انهن سڀني ماڻهن کي گرفتار ڪندي جن جا نالا شهيد بينظير ڀٽو، ان وقت جي صدر جنرل پرويز مشرف کي آيل خط ۾ ڄاڻايا هئا. ان خط جي ئي بنياد تي ٻي ايف، آءِ، آر، داخل ڪئي وئي هئي. ان جاچ ٽيم کي اهي اختيار به ڏنا ويا هئا ته اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف کي پڇا ڳاڇا لاءِ گهرائي سگهي پئي. ان ٽيم 423 ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪرايا هئا ۽ انهن شاهدن ۾ پيپلز پارٽي جي ليڊرشپ به شامل هئي پر انهن مان سواءِ ڪارساز سانحي جي پهرين ايف، آءِ، آر ۾ اهو ذڪر به ڪيل هئو ته ٽن کان چئن مشڪوڪ ماڻهن کي واقعي واري جاءِ تان فرار ٿيندي ڏٺو ويو. جن کي  موقعي تي موجود بچي ويل پوليس آفيسر سڃاڻي سگهن ٿا. جيڪڏهن اهي گرفتار ڪري انهن جي سامهون آندا وڃن. هن واقعي ۾ پوليس 14 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري انهن کان جاچ ڪئي وئي انهن کي چئن سالن دوران آزاد ڪيو ويو، ڇو ته، پوليس چواڻي، واقعي ۾ ملوث ثابت نه ٿيا. سي، آءِ، ڊي جي اينٽي ايڪسٽريمزم سيل پاران سعيد آباد ڪراچي مان تحريڪ طالبان پاڪستان جي عظمت الله محسود کي ڪارساز سانحي ۾ ملوث هجڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري وٽانئس هٿيار ۽ اهم دستاويز به هٿ ڪيا هئا. پر پوءِ عدالتن ان کي ناڪافي شاهدن جي بنياد تي آزاد ڪري ڇڏيو. عدالتن ان شخص کي آزاد ڪيو جنهن جو ڀاءُ عبدالوهاب محسود محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪندڙ اهم جوابدارن  ۾شامل هو. حڪومت عبدالوهاب محسود جي گرفتاري تي هڪ ڪروڙ روپين جي انعام جو اعلان ڪيو هو. اهوئي عبدالوهاب محسود 18 آڪٽوبر جي واقعي رات ڪراچي ٻه دفعا آيو به هو. اهوئي ڪارساز سانحي ۽ 27 ڊسمبر جي واقعن جو اهم ترين محرڪ ٻڌايو وڃي ٿو. پوليس آفيسرن جو چوڻ آهي ته هو ٻه دفعا ڪراچي آيو، پر بدقسمتي سان گرفتاريءَ لاءِ هنيل ڇاپن کان ٿورو اڳ وزيرستان کسڪي ويو.

عبدالوهاب رٽائرڊ پوليس هيڊڪانسٽيبل جو پٽ آهي، هو گارڊن پوليس ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندو هو. عبدالوهاب محسود جا ٻه ڀائر جيئن مٿي لکي آيا آهيون، عظمت الله محسود ۽ اسماعيل محسود گرفتار به ڪيا ويا هئا. اهي ڪورٽن پاران انڪري آزاد ڪيا ويا جو انهن تي معمولي ڏوهن جا ڪيس داخل ڪيا هئا. پر پوءِ پوليس آفيسرن مطابق عظمت الله محسود جاچ دوران ٻڌايو ته سندس ڀاءُ وهاب محسود ۽ سندس دوست جان محمد ۽ فيض محمد ڪارساز واقعي جا ماسٽر مائينڊ آهن. هن پوليس کي ٻڌايو هئو ته، ڪچهري دوران جان محمد کان وات مان نڪري ويو هو ته، ڪارساز واقعو وهاب ۽ هنن ملي ڪرايو هو.پر کيس قتل جي ڌمڪي ڏني وئي هئي ته ڪنهن کي اهو راز ٻڌايو ته ماريو ويندين. وهاب ڪراچيءَ ۾ طالبان جو ڪار وهنوار هلائيندو هو. ان جو خاندان، ٻارن سميت ڪراچيءَ جي ڪنواري ڪالوني ۾ رهي ٿو. پوليس آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڪارساز سانحي جا ملزم وزيرستان فرار ٿي ويا آهن. انهن کي في االحال پڪڙڻ سولو نه آهي.

اهو ٺيڪ آهي ته، مستقبل تي نظر رکجي ۽ معاملن کي اڳتي وڌائجي پر اهو به ضروري آهي ته رستي ۾ ويٺل نانگن کي به ماربو هلجي. پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر “افيئر” کي ٻڌايو ته 18 آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر جي واقعن کي الڳ نه ٿو ڪري سگهجي ڇو جو ٻنهي جون ڪڙيون ملن ٿيون. ٻئي سانحا هڪ ٻئي سان گڏيل آهن. تاج حيدر ٻڌايو ته، پوليس آفيسرن جو اهو چوڻ ٺيڪ نه آهي ته، شهيد بينظير ڀٽو جو جنرل پرويز مشرف کي لکيل اهو خط جنهن ۾ ٽن سالن جو ذڪر ڪيو هو، هو خط کين نه ٿو ملي جنهن سبب جاچ اڳتي وڌي نه سگهي آهي. هن ٻڌايو ته سانحا ايڏا معمولي نه آهن جن کي جلدي ۾ حل ڪري سگهجي.

تاج حيدر جون سڀ ڳالهيون ٺيڪ پر هيٺ کان وٺي مٿي تائين حڪومت پيپلز پارٽي جي آهي، ساڍا ٽي سال گذري ويا آهن. هن مهل تائين رڳو وهاب محسود جي سڃاڻ ٿي آهي، جيڪو به فرار آهي، 179 ماڻهن جو خون ته روڊن تان ڌوپجي ويو آهي پر تاريخ ۾ موجود آهي. ۽ پيپلز پارٽي حڪومت ڪنهن به بهاني سان پنهنجي جند آزاد نه ٿي ڪرائي سگهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو