Home / افيئر / ٿر جو ڪوئلو: سنڌي ماڻهن لاءِ روزگار جا در بند
above article banner

ٿر جو ڪوئلو: سنڌي ماڻهن لاءِ روزگار جا در بند

هي خبر هلي پئي آهي ته ٿر۾ ڪوئلي مان بجلي پئدا ڪرڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. جتي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ کان کتو جواب مليو آهي. ٿر سنڌ جو حصو آهي. ماروي جي هن ديس جي ماڻهن جو پيار، پنهنجائپ ڌرتي ۽ وطن سان حُب ڪنهن کان به لڪل ناهي ماروي جو عُمر بادشاهه وٽ قيد ٿيڻ، هر لالچ کي ٺڪرائي ڇڏڻ، پکن جي پريت تاريخ جو هڪ لازوال ڪردار آهي. جڏهن سُک ۽ بُک ٻئي گڏگڏ هجن اُوچين ڀتين کي ڇڏڻ انهن جي تصور ۾ به ناهي رهيو. ماروي جي دور ۾ ته ڪنهن کي ڪَل به نه هئي ته ڪو سندن واريءَ جي دڙن هيٺان اربين ٽن ڪارو سون موجود آهي. دنيا ۾ ڪوئلي جي ذخيرن ۾ سنڌ جا هي تمام وڏا ذخيرا آهن. هن ڪوئلي مان بجلي پئدا ڪري سگهجي ٿي. جيڪا، سنڌ پاڪستان جي ايندڙ  50 سالن تائين بجلي جو بحران مڪمل طرح ختم ڪندي. پر پرڏيهه هندستان کي وڪرو به ڪري سگهي ٿي. هزارين بي روزگار ٿري نوجوانن جي بُک به ختم ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ جو دنيا ۾ جتي به قدرتي وسيلن جي موجودگي هجي ٿي ته اُتان جا مقامي رهواسي خوشحالي ڏانهن وک وڌائين ٿا. سندن مشڪلاتون دور ٿين ٿيون.

دُبئي ۽ ان جي ٻين رياستن جا ماڻهو تيل نڪرڻ کان اڳ ڀٽن ۾ دربدر رڍون ۽ اُٺ چاري، سمنڊ جي مڇي ماري ۽ سامونڊي علائقي ۾ ڦرلٽ ذريعي پنهنجو وقت پاس ڪندا هئا. پر جڏهن سندن ڌرتي مان تيل ۽ گئس جا ذخيرا نڪتا ته هو بدوئن مان ڦري شيخ بڻجي ويا ۽ سڄي دنيا جو مرڪز ٿي ويا. هن خطي جو خوشحال ترين وطن سمجهيو وڃي ٿو. اُتان جا سمورا وسيلا، ترقي ۽ خوشحالي سندن ماڻهن کي بدحالي مان ٻاهر ڪڍي خوشحال عرب قوم جي طور تي نمايان ڪيو آهي بلڪه ايشيا ۽ آفريڪا جا لکين غريب ۽ امير روزگار ۽ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ اُتي موجود آهن. ٿر ۾ 185 ارب ٽن اعليٰ ڪوالٽي جو ڪوئلو مليو آهي. جيڪا يقينن سنڌ جي ملڪيت آهي.

ڊاڪٽر ثمر مُبارڪ جيڪو ايٽامڪ انرجي جو سربراهه رهيو آهي، اُن کان اڳ هو ميساڪ جو چيئرمين هو جتان رٽائر ڪري وفاقي سرڪار جي مشوري سان ته هو سنڌ جي ڪوئلي مان گئس پئدا ڪري ۽ اُن مان بجلي جي پئداوار ڏئي سگهي ٿو. سرڪار جي فيصلي موجب ڊاڪٽر ثمر مُبارڪ پلاننگ ڪميشن جو ميمبر ٿيو ۽ هن سنڌ سرڪار کي خاطري ڪرائي ته هو اپريل 2011 ۾ گئس پئدا ڪري بجلي جي عمل کي شروع ڪري ڇڏيندو، ان ڪم لاءِ کيس 10 ارب رپيا درڪار آهن. 10 ارب رپين جي بجيٽ منظور ڪئي وئي. ياد رهي ته هي بجيٽ سنڌ حڪومت فراهم ڪئي آهي.

ڊاڪٽر ثمر مبارڪ جي هي ٽيم ڪوئلي جي بلاڪ پنج تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جي پکيڙ 64 ڪلوميٽر آهي. جيڪا اسلام ڪوٽ کان 44 ڪلوميٽر پري ڳوٺ ٻانڀڙيو ڀيل وٽ موجود آهي. هن اداري کي ابتدا ۾ 36 انچ جا ٽي هول ڪڍڻا هئا جتان گئس ملي ها. پر ڄاڻو ذريعن موجب انهن مان نڪتل پريشر واري پاڻي کي هي روڪي ناهن سگهيا ۽ بُري طرح سان ناڪام ٿيا آهن. پر سرڪاري کي سچ ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهن. هنن کي اپريل 2011 اُن کان پوءِ جولاءِ پوءِ آگسٽ ۾ مثبت رزلٽ ڏيڻي هئي. پر ناڪامي ڪري هاڻ وري آڪٽوبر 2011 جي تاريخ ڏني پئي وڃي. ذريعن موجب 2012 تائين به هي ٽيم ڪا خاطر خواهه رزلٽ ڏيڻ ۾ ڪامياب نه ويندي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي جو فني مهارت رکندڙ عملي بجاءِ من پسند ماڻهن کي نوڪرين تي رکيو ويو. ايٽامڪ انرجي ۽ ميساڪ جي رٽائرڊ ڪامورن کي مٽي مائٽي، ياري دوستي ۽ پنجاب پرستي جي ڪري کين سڻڀيون نوڪريون ڏنيون ويون آهن.

سنڌ جو ماهر مهراڻ يونيورسٽي جو ايڪسپرٽ محمد علي شاهه کي اهم عهدي تي رکڻ بجاءِ گهٽ گريڊ ۽ رٽائرڊ آفيسر وٽ ڊائريڪٽر ڪري رکڻ جو مشورو ڏنو ويو. اهڙي ريت کيس ڀڄايو ويو. اُن جي جاءِ تي ايم ڊي طور تي ڊاڪٽر شبير کي رکيو ويو. 10 ارب روپين ۾ 100 ميگا واٽ بجلي پئدا ڪرڻ لاءِ ابتدا ۾ 120 ملازم رکيا ويا آهن. جنهن جي آفيسر ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف ۾ اڪثريت پنجاب مان رکي وئي آهي انهن ۾ سنڌي صرف 3 آفيسر آهن. جڏهن ته هيٺئين اسٽاف ۾ سنڌي ماڻهن کي پٽيوالو، چوڪيدار ۽ بورچي طور مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هي پراجيڪٽ سنڌ ۾ آهي. بجيٽ به سنڌ حڪومت ڏني آهي پر پراجيڪٽ جي هيڊ آفيس اسلام آباد ۾ موجود آهي. هن آفيس ۾ 30 ملازم رکيا ويا آهن جنهن مان سنڌين جو انگ صرف 3 آهي. وسيلا سنڌ جا، سيڙپ سنڌ جي پر ڌرتي ڌڻين لاءِ روزگار جا دروازا بند آهن.

بي نظير ڀٽو شهيد جي شروعاتي دور ۾ هي ذخيرا دريافت ٿيا، اُن ڏينهن کان انهن ذخيرن تي ڪم ڪرڻ ۽ لاڀ حاصل ڪرڻ جي رٿائن تي غور ٿي رهيو آهي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ بجلي جي پئدا وار ڪوئلي جي ذخيرن مان ٿئي ٿي. هي ذخيرا سنڌ ۾ هئڻ ڪري وفاق جي دلچسپي گهٽ رهي آهي. 1886۾ ڏکڻ آفريڪا جي شهر جوهانسبرگ ۾ سون جون کاڻيون دريافت ٿيون جنهن پٺيان هي شهر ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور ٿيو. سون جي کاڻين کي کاردار تارن سان قيد ڪيو ويو. قابض نسل پرست گوري سرڪار دوست سردارن جي مدد سان ليبر آڻي کانئن سخت ڪم سستي اگهه سان ورتو. آفريڪا جي هڪ آزادي جي سپاهي روزگار بهاني انهن کاڻين تي به ڪم ڪيو. نيلسن منڊيلا کي هڪ ٽوپلو مٿي تي رکڻ  لاءِ هڪ هٿ ۾ لالٽين ٻئي هٿ ۾ ڏنڊو ۽ هڪ سيٽي ڏني وئي ۽ اُن گيٽ تي بيهارويو ويوجتي هڪ بورڊ لڳل هو.

“خبردار! مقامي ماڻهن جي داخلا تي بندش آهي.” اهو سيڪيورٽي ڪندڙ سپاهي انهن ذلتن خلاف وڙهي سموريون بندشون ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ڪارن ڌرتي ڌڻين کي وطن جي سمورن وسيلن جو مالڪ بڻائي ڇڏيو.

ٿر ۾ ڪوئلي جي پراجيڪٽ تي 120 ملازمن مان 10 سيڪڙو مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۽ نين ڀرتين ۾ سنڌين جي لاءِ دروازا بند ڪرڻ  ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ جو مرڪز اسلام آباد ڪرڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟

سنڌ مان گئس، ڪوئلو ۽ ٻيا قدرتي وسيلا پئدا ٿيڻ سنڌي ماڻهن جي نصيب جو حصو آهي. هتي به سنڌ جي مُک سردارن ۽ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جي ذريعي جوهي،  ڀت جبل، جاگير گهوٽڪي، ڏهرڪي،بدين مطلب ته جتان به ذخيرا مليا آهن اُتي چند ماڻهن کي سهولتون ڏئي ڌرتي ڌڻين کي روزگار کان روڪيو ويو آهي. ٿيڻ ته هيئن گُهربو هو ته جتي به تيل ۽ گئس نڪري ٿو اُتان جي مقامي ماڻهن جي اڪثريت مزدور طور کنئي وڃي جڏهن ٽيڪنيڪل اسٽاف سنڌ ۾ موجود آهي پر ڪجهه سيڪڙو ميرٽ ۽ پاڪستان جي نام نهاد جمهوري آئين مطابق ٻين صوبن مان به کڻي سگهو ٿا پر اهو آئيني ۽ قانوني فارمولا سنڌ لاءِ بنهه ناهي. مثال طور ريڪوڊڪ بلوچستان ۾ نڪتل ذخيرن ۾ هڪ به سنڌي ماڻهو ملازم طور ناهي. سوئي ۾ لڌل گئس ڊيرا بگٽي بلوچستان ۾ ڪوبه سنڌي ملازم ناهي.اهڙي ريت پنجاب ۽ پختونخواه مان نڪتل تيل ۽ گئس جي ذخيرن ۾ سنڌ کي ڪيتري ڪوٽا ملي آهي؟ جواب آهي ڪجهه به نه.

ٿر جا مسڪين ماروئڙا، مال چاري، پورهيو ڪري، ڏڪارن کي منهن ڏيندا آيا آهن. جڏهن سُڪار جو زمانو اچي ته کين ڏڪا ڏئي پنهنجي زمين جي مٽي مان لڌل ڪاري سون جا مالڪ ته ٺهيو رڳو پورهيو ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ جا حق ڏيڻ بدران هڪ وڏو بورڊ لڳايو ويو آهي ته خبردار ڌرتي ڌڻي هن پار نٿا اچي سگهن مٿن بندش آهي. ٿري ويچارا پير اگهاڙا لڱن تي چتيون لڳل ڪپڙا، هيڻائي ۾ همت ئي نٿا ساري سگهن جو هو ان بورڊ کي پٽي اُڇلي ڇڏين ۽ ڊاڪٽر ثمر مُبارڪ کي سمورن ساٿين سميت سندن ڏيهه جو رستو ڏيکارين.

پاڪستان گهڻ قومي مُلڪ طور متعارف ٿيو آهي. قائد اعظم جي 1940ع واري قرارداد کي بنياد بڻائي ڪجهه قومپرست حق حاصل ڪرڻ جو ذڪر ڪن ٿا. پر کين خبر هجي ته 1940 جي قرارداد جو خالق پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ۽ پاڪستان هڪ مذهب ۽ هڪ قوم جو ملڪ آهي نه ڪو سنڌي نه پنجابي آهي چئي پنهنجي پُراڻي موقف تان پهرين ڏهاڪي ۾ ئي هٿ کڻي ويو. سنڌ ڪيئن غلام آهي ٿر جي ڪوئلي جي ڪهاڻي ثابت ڪري ٿي ته ڪيئن ڌرتي ڌڻين کي ديوار سان لڳايو ويو. 1843 ۾ سنڌ غلام ٿي. سنڌ سان ٿيل نا انصافين ۽ وسيلن جي مالڪي تي حاڪميت نه هئڻ ڪري سنڌي عوام پنهنجي لکيل ويزن سان پنهنجون ڪيس وڙهي.

اسان 1843ع واري سنڌ جي گُهر ڇو نه ڪريون جنهن ۾ آزادي ۽ خودمختياري سان پنهنجي هر شيءِ جا وارث هئاسين. وچ ايشيا کان ويندي سنڌ تائين قدرتي وسيلن ۽ ٻين پئداواري ذريعن جو مالڪ ڌرتي ڌڻي هجڻ گهرجي. اڌ صديءَ جي لڳاتار جدوجهد ۽ قربانين ڪارن ماڻهن کي پنهنجي سون جي کاڻين جو مالڪ بڻائي ڇڏيو. اڄ جڏهن قدرتي آفتن منهن ڪڍيو آهي ڌرتي ڌڻي پنهنجي خوشحال وطن هئڻ باوجود پنڻ تي مجبور آهن. اها غلامي جي شڪل هجي ٿي. سنڌ ۾ ڏوهن جي وڌڻ، پُر تشدد روين، غير اخلاقي معيارن، سماج ۾ غير يقيني واري ڪيفيت ڌارين جي سنڌ جي وسيلن تي قبضاگيريءَ سبب ٿي آهي.

سنڌ جي قومي تحريڪ وٽ قدرتي ۽ پئداواري وسيلن جي دُرست ڄاڻ نه هجڻ، پنهنجي ماڻهن لاءِ مستقل مزاجيءَ سان تحرڪ نه وٺڻ، سمورن معاملن کي سادو وٺڻ، مسئلن تي تحرڪ نه وٺڻ به نقصان جو ڪارڻ آهن. سنڌ جي ساڃاه وندن، قومي تحريڪ، ترقي پسند ڪارڪنن کي ٿر جي هن معاملي تي سنجيدگي جو مُظاهرو ڪرڻ گهرجي.

قومي اڳواڻ پنهنجن ساٿين کي ساڻ ڪري ڪاري سون، ڪوئلي جي مالڪي جتائن، ۽ روزگار لاءِ ڌرتي ڌڻين سان گڏ بيهي انا هزاري وانگر ڪا ڊگهي جنگ جوٽي حڪمرانن کي بي وس بڻايو وڃي ۽ ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي ڌرتي ۽ وسيلن جو مالڪ هجڻ جو احساس ڏياريو وڃي. هڪ ڀيرو جيڪڏهن ان اسٽيٽسڪو مان جان آجي ٿي ته پوءِ سنڌ نوان گس نوان پيچرا ڳولي وٺندي.

alihassanchandio@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو