Home / ڪور افيئر / ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چوي ٿو وڏو وزير قائم علي شاهه هڪ قيدي آهي، متحده جا مطالبا مڃيندو رهندو
above article banner

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چوي ٿو وڏو وزير قائم علي شاهه هڪ قيدي آهي، متحده جا مطالبا مڃيندو رهندو

سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان هاڻوڪي سياسي صورتحال بابت “آواز” ٽي وي جي نيوز ڊائريڪٽر الطاف ميمڻ خصوصي طور انٽرويو ڪيو، جيڪو “افيئر” جي پڙهندڙن لاءِ هتي جيئن جو تيئن ڏجي ٿو.

افيئر: ڊاڪٽر صاحب، خورشيد شاهه ميدان تي لٿل آهي، تازي ڊيولپمينٽ اها آهي ته گورنر پاران جاري ڪيل مڪاني ادارو آرڊيننس ليپس ٿي ويندو، اها خاطري صدر پاران آئي آهي، توهان سمجهو ٿا ايئن ٿيندو؟

ذوالفقار مرزا: آئون سمجهان ٿو ته خورشيد شاهه سچو سياستدان آهي، مون کي ڀروسو آهي ته هو ماڻهن جا مسئلا سمجهي ٿو. صدر سان ٿيل ميٽنگ ۾ مون ئي خورشيد شاهه جو نالو کنيو هو ته کسي ذميواري ڏني وڃي ايم ڪيو ايم کي ڊيل ڪرڻ جي، ڇاڪاڻ ته اسان جيڪي ڪابينا ۾ ويٺا آهيون، جنهن ۾ پير مظهر سينيئر وزير آهي، آغا سراج وٽ تمام وڏو کاتو آهي، ايئن جيڪي به سينيئر ماڻهو هئا ته مون صدر صاحب کي چيو ته اسان سڀ پنهنجا پنهنجا مفاد رکون ٿا، حالانڪه آئون ڪڏهن به وڏ وزارت جو اميدوار نه هئس پر پوءِ به مون چيو ته اسان اميدوار آهيون  ته اسان ته چاهيون ٿا ته وڏو وزير فيل ٿئي ته جيئن اسين کي اهو عهدو ملي، تنهن ڪري اسان مان ڪنهن کي سليڪٽ نه ڪيو ٻاهران ڪو ماڻهو موڪليو جيڪو ايم ڪيو ايم کي ڊيل ڪري. پوءِ صدر مون کي چيو ته نالو کڻ ته پوءِ مون خورشيد لاءِ چيو ته هو ئي واحد ماڻهو آهي جيڪو ايم ڪيو ايم کي ڊيل ڪري سگهي ٿو. پوءِ خورشيد شاهه سان ان وقت ئي رابطو ڪيو ويو ۽ هن ٻه گڏجاڻيون به ڪيون گورنر سان.پر پوءِ الائي ڇا ٿيو جو پردي پويان بابر اعواڻ اچي ويو ۽ خورشيد شاهه ويٺو رهيو. بابر اعواڻ پاڻ کي صدر ۽ وزيراعظم جيترو سمجهي ٿو ان اچي ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي سپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ مون کي هفتو اڳي اهو ٻڌايو هئائين ته هن رحمان ملڪ جا ڪم لاهي ڇڏيا آهن ٿوري تنهنجي سپورٽ جي ضرورت آهي آئون وفاقي گهرو وزير ٿي ويندس.ان نيت سان هن ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جيئن ڊڪٽيٽ ڪيو ۽ توهان ڏٺو رات جو اڍائي وڳي سنڌ کي وڪڻي بابر اعواڻ واپس پنجاب هليو ويو. ايوان صدر ۾ ميٽنگ ٿي مون ان ميٽنگ ۾ اڌ ڪلاڪ تائين دليل ڏنا ته هي وقت آهي ڪمشنري نظام بحال ٿيڻ گهرجي، ڪراچي کي 5 ضلعن ۾ ورهايو وڃي ۽ حيدرآباد جي پراڻي حيثيت بحال ڪئي وڃي ۽ پوليس آرڊر ختم ٿيڻ کپي، جيڪي ڳالهيون صدر ۽ وزيراعظم مڃيون ان کانپوءِ توهان کي ياد هوندو ته ڪمشنري نظام نافذ ٿيو ۽ اسيمبلي مان به پاس ٿي ويو، ان کان پوءِ ڪهڙا پريشرز آيا، رحمان ملڪ ڪهڙي بانسري وڄائي ۽ بابر اعواڻ ڪهڙيون ليگل انجيڪشنز ڏنيون، ان کانپوءِ توهان ڏٺو اسان لاءِ پاڻ حيران ڪن هو.


افيئر: توهان چئو ٿا آرڊيننس ليپس ٿي ويندو، پر پوءِ متحده دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪندي، سرڪار اهو دٻاءُ برداشت ڪري وٺندي؟

ذوالفقار مرزا: هي ملڪ، هي سنڌ ڌرتي اسان جي آهي، متحده جي ڪانهي، متحده وارن اسان وٽ اچي پناهه ورتي، اسان جا متحده ۽ انهن جي خاندانن جي ٿورا آهن، هنن جا اسان تي ناهن، تنهن جي ڪري مرضي اڪثريت جي هلندي، اسان اڪثريت ۾ آهيون، اسان کي نقصان آهي، اسان کي ڦريو ٿو وڃي، پر هاڻ اسان هاڻ ڦرجڻ لاءِ تيار ناهيون.

افيئر: توهان سان هن وقت جيڪي ايم پي ايز گڏ آهن، ڪمشنري نظام واري معاملي تي، ان وقت ڇو خاموش هئا، جڏهن حيدرآباد ۽ ڪراچي کي انتظامي طور ورهايو پئي ويو؟

ذوالفقار مرزا: ان وقت ته توهان چئي سگهو ٿا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به خاموش هو،، رات جو اڍائي وڳي جاڳيل ته ڪو نه هئا، رات جو اڍائي وڳي ٽي وي تي ڏٺائون ته ڪمشنري نظام واپس ٿي ويو ان کي ڪير ٿي روڪي سگهيو. اهو ته سنئون سڌو ڌاڙو هو. اڃا به اهو نه سمجهيو وڃي ته 18 ايم پي ايز ۽ 6 منسٽرز ۽ آئون ايئن محسوس ڪيون ٿا، پر اسيمبلي ۾ ويٺل اڪثر ميمبرن جي به ساڳي سوچ آهي.سنڌ جو سودو ڪرڻ لاءِ هينئر ڪو به سنڌي تيار ناهي.

افيئر: توهان اها ڳالهه ڪئي هئي ته ڪجهه ماڻهو بيهندا متحده سان گڏ، ڪهڙا ماڻهو؟

ذوالفقار مرزا: سنڌ جو مجبور ترين انسان هن وقت وڏو وزير آهي، جيڪو وڏو وزير آهي به ۽ نه به آهي. هو سي ايم هائوس ۾ قيد آهي، ٽي چار ٻيون شخصيتون آهن انهن جي وڏي وزير کان وڌيڪ ٿي هلي، مجبور سي ايم آهي، قيد سي ايم آهي، تنهن ڪري هڪڙو ته اهو ضرور بيهندو متحده سان ۽ ٻيو اسان جا 3 – 4 دوست آهن منسٽرز، جيڪي تمام ٿلها آهن، الله سائين کين وڌائي، پر ايڏا به نه وڌن جو بلڊ پريشر جا مريض ٿي وڃن….

افيئر: ٻه ٽي نالا ٻڌائي ڇڏيو….

ذوالفقار مرزا: اهي پاڻ توهان جي سامهون ظاهر ٿيا آهن، جيڪي ميٽنگس ۾ ويهي ايم پي ايز کي ڌمڪيون ٿا ڏين ۽ ڳالهيون ٿا ڪن ته اسان هيئن ڪري ڇڏينداسين، هونئن ڪري ڇڏينداسين.جيئن پ پ مون کي فرش کان عرش تي پهچائي ڇڏيو، ايئن سراج دراني کي به پ پ فرش کان عرش تي پهچايو.

افيئر: هاڻ جيڪڏهن هي بل اسيمبلي ۾ نه آيو، جيڪو توهان کي يقين به ڏياريو ويو آهي، ته پوءِ متحده سرڪار کان هڪ ڀيرو ٻيهر ڌار ٿي ويندي؟

ذوالفقار مرزا: ڪاش ايئن ٿئي، پر اڃا تائين ٽريڪ ريڪارڊ اهو آهي ته هو ٿُڪي چٽيندا آهن، هن دفعي ته اُلٽيون ڪري چٽيئون، جنهن ڏينهن متحده وارا سرڪار کان ڌار ٿيا ان ڏينهن نيست نابود ٿي ويندا.صدر ۽ وزيراعظم کان وٺي پ پ جي هڪ عام ڪارڪن کان به توهان پڇندو ته اهي الطاف حسين کان وٺي فاروق ستار تائين لاءِ چوندا ته هي قاتل آهن، چور، ڌاڙيل ۽ مڪار آهن. تنهن ڪري هي اتحاد ڪيئن هلي سگهندو، جڏهن اسان کي خبر آهي ته اسان جانورن سان ڊيل پيا ڪيون.هي انسان ناهن، ڪو به انسان مسڪين بي گناهه 100 – 100 ماڻهو ڏينهن نه ماريندو. تنهن ڪري اهي مرون آهن.

افيئر: توهان چيو ته الطاف حسين کي لنڊن مان جلد نيڪالي ڏني ويندي، ڪهڙي تڪليف ڏني آهي الطاف حسين برطانيا کي؟

ذوالفقار مرزا: برطانيا کي اها تڪليف ڏني اٿس ته برطانيا کي جيڪي آسرا ڏنا هئائين ته اسان ئي واحد طاقت آهيون، جيڪي ملڪ کي هلائي سگهون ٿا، ملڪ کي سمهاري ۽ اُٿاري سگهون ٿا، اسان توهان لاءِ استعمال ٿينداسين، اسان کي مال کارايو. مال کائيندا رهيا پر انهن لاءِ ڪم زيرو به نه ڪري سگهيا، ڇو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هنن کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو آمريڪا ۽ برطانيا هنن کان ڪم وٺڻ ٿي چاهي، هاڻ اهو ڪم ڪرڻ لاءِ جي هي لائق ئي نه آهن.

افيئر: جيڪڏهن پ پ متحده کي پاسيرو ٿي ڪري ۽ توهان جا مطالبا مڃي ٿي وٺي ته پوءِ توهان ٻيهر پارٽي ۾ شامل ٿيندئو؟

ذوالفقار مرزا: آئون پارٽي ۾ آهيان…

افيئر: عهدا وٺندئو، هينئر احتجاجن توهان ٻاهر ويٺا آهيو، پارليامينٽ به ناهيو….

ذوالفقار مرزا: عهدي جي مون کي ضرورت ناهي، آئون پارٽي کي وڌيڪ فعال ڪندس، پارٽي ۾ چور به ويٺا آهن، آئون انهن چورن، ٺڳن، بي ايمانن ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي پارٽي مان ٻاهر ڪڍندس ۽ جيڪي سچا پچا هوندا انهن لاءِ هڙئون وڙئون خرچ ڪري ۽ پنهنجي جان جي بازي به لڳائي انهن کي اليڪشن ۾ کٽرائيندس.

افيئر: توهان ته چئو ٿا ته توهان پارٽي ۾ آهيو، پر پارٽي وارا توهان کي پارٽي جو سمجهن ئي نٿا، شرميلا فاروقي توهان تي تنقيد ڪندي رهي آهي، پير مظهر توهان تي تنقيد ڪري پيو، هو چوي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جلدي ٿڌو ٿي ويندو، خبر ناهي ڇا معاملا طئي ٿيا آهن؟

ذوالفقار مرزا: الاهي ڏينهن کان آئون به ٻڌان پيو ۽ منهنجا دوست به ٻڌائين پيا ته شرميلا فاروقي “صاحبه” مون تي گهڻو ڪجهه ڳالهائي ٿي، پر جيڪي عورت جي نالي تي ڪارو داغ هجن، جن عورتن کي سٺن خاندانن وارا پنهنجن خاندانن ۾ ويهارڻ لائق پسند نه ڪن، انهن عورتن جيڪڏهن منهنجي خلاف ڳالهايو آهي ته آئون پاڻ لاءِ اعزاز سمجهان ٿو.

افيئر: پير مظهر چيو آهي ته توهان جلدي ٿڌا ٿي ويندئو، معاملا طئي ٿي ويندا، ان قسم جي ڪا ڳالهه ٿي آهي ڇا؟

ذوالفقار مرزا: پير مظهر صاحب ته آئون جتي وڃان ٿو، اُتي نظر نٿو اچي. هڪڙي شادي ۾ ويس ته اُتي پير مظهر مون کان پڇيو ته “ماما ڪهڙا حال آهن؟ مون چيو ته الله جو شڪر آهي، ان کان پوءِ مون ڪنڌ ورايو ته پير مظهر مون کي نظر ڪو نه آيو ۽ پير مظهر صاحب کي الائجي ڪهڙو فرج ملي ويو آهي، جنهن ۾ وجهي مون کي ٿڌو ڪندو.پير مظهر صاحب جي اهڙي شخصيت ٿي سگهي ٿي ته بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ وڏي وزير سامهون ڀڙڪي کائي ۽ پوءِ ٿڌو ٿي وڃي. تڙي ڏئي ته آئون استعيفيٰ ٿو ڏيان ۽ ان کانپوءِ جڏهن سيڪريٽري شپ تان وڏي وزير جي نياڻيءَ کي هٽايو وڃي ته ان کانپوءِ ٿڌو ٿي وڃي.

افيئر: پير مظهر چيو آهي ته ڳوٺن ۾ ايئن ٿيندو آهي ته جنهن ماڻهوءَ جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو ويندو آهي، اهو ماڻهو قرآن پاڪ کڻندو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به قرآن کڻي ڳالهه ڪئي آهي، توهان ڇا چوندا؟

ذوالفقار مرزا: پير مظهر ۽ سندس نياڻيءَ جي قرآن کڻندي وڊيو بلاول هائوس ۾ موجود آهي، منهنجو مائٽ آهي، مون کي احساس آهي هن جو، ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پاور جي نشي ۾، مستي ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪري ويندو آهي، جيڪي سندس ڪنڌ ۾ پونديون آهن.منهنجي ڳالهه سچي هئي ان ڪري مون کي قرآن پاڪ مٿي رکي، ان کي چُمي ڳالهه ڪئي. پير مظهر کي الله سائين وٽ وڃڻو  آهي، گناهه بخشرائڻا اٿس ته کيس اها شاهدي ڏيڻي پوندي. جي هو نه ڏيندو ته اهڙا گهڻا موجود آهن، جن وٽ نمبر ٺاهڻ لاءِ پير صاحب پاڪستان پهچي انهن کي ٻڌايو ته ايسا بول رها ٿا خيال ڪري لالا. تنهن ڪري اهي لالا بي غيرت ناهن. غيرت مند آهن، اُهي اچي شاهدي ڏيندا ته پير مظهر صاحب اسان کي اها ڳالهه ٻڌائي هئي الطاف حسين جي چيل جيڪا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چئي ۽ اها ڳالهه صحيح آهي. ان کانسواءِ ڪيترائي صحافي آهن، مون قرآن مٿي تي رکي وري اپيل ڪئي صحافين کي ته وري اهڙا 10-15 صحافي اچي ويندا، جن جي سامهون پير مظهر ڳالهه ڪئي آهي، تنهن ڪري بڇڙو ٿيندو. پنهنجي گهر وارن جي سامهون به بڇڙو ٿيندو. تنهن ڪري اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي، سچ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، ان سچ لاءِ مون قرباني ڏني آهي، پر سنڌ جو مستقبل ۽ سنڌ جي آزادي مون محفوظ بڻائي ورتي آهي. هڪڙو پير مظهر صاحب جو ڏاڏو هو، جنهن ون يونٽ جي مخالفت ڪئي ۽ ٻيو سندس پوٽو سنڌ جو سودو ٿيندي ڏسي پيو، پر حق ۽ سچ جي شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. صدر صاحب پڇيو پير مظهر صاحب کان ته جنهن ڏينهن ۾ اها پريس ڪانفرنس ڪئي ٻئي ڏينهن صدر صاحب هتان جا معزز ماڻهو سڏيا، پير مظهر صاحب به ويو، ڇو جو مون هن جو نالو کنيو هو. صدر پير مظهر صاحب کان پڇيو ته تون ته ڦاسي وئين هو ته توکان قرآن کڻائيندو. ته چيائين ته آئون ته اهو چوندس ته حليم ايڏو سٺو هو جو آئون حليم کائڻ ۾ لڳو پيو هئس، مون ڳالهه ٻڌي ڪو نه، منهنجو ڌيان ئي نه هو. پر اهو آئون پير مظهر صاحب کي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته حليم مهل هن اها ڳالهه ڪا نه ڪئي.هن اها ڳالهه ڪئي اندر چيمبر ۾. گڏوگڏ پير مظهر کان آئون ان ڳالهه لاءِ به قرآن کڻائيندس، ڀلي ڪوڙو کڻي. گورنر، فاروق ستار ۽ ايم ڪيو ايم جي ٻين ماڻهن کي الطاف حسين اٿاري ٻاهر موڪليو يا نه موڪليو. هاڻ پير مظهر کي اها شاهدي ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن آئون ڪوڙو آهيان ته منهنجا ٻچا انڌا ٿيندا، جي پير مظهر ڪوڙ ڳالهائيندو ته هو سزا لاءِ تيار رهي.

افيئر: سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ نين تڪبندين جي ڳالهه ڪئي آهي، توهان سمجهو ٿا ته حڪومت ايئن ڪري سگهندي؟

ذوالفقار مرزا: حڪومت ڇا نٿي ڪري سگهي…

افيئر: پر متحده جو پريشر ته آهي….

ذوالفقار مرزا: پريشر ڇا جو آهي، منهنجو ڇا ڪيو اٿن.آئون ته الطاف حسين کي ڪڪڙ جو ٻچو چوان ٿو ۽ ڪُڪِڙ به اُها جيڪا ٽرڙي هوندي آهي،  ڪُڪَڙن کي ڳوليندي آهي.منهنجو ته پهرين ڪن گورنمينٽ کي ڇا ڪندا؟ مون ته هڪڙي انٽرويو ۾ چيو لاسي گڏهه آهي، پر منهنجو ڇا ڪيو اٿن. ان ڪري هاڻ پويان اچي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ٿا ڪن.هاڻ ڊرامو رچايو اٿن ته آئون گستاخِ رسول آهيان. هاڻ مولوين کي غيرت ٿا ڏيارين ته جيئن گورنر کي ماريو ويو. اها پلاننگ به آهي.آئون ثابت ڪري سگهان ٿو. آءِ ايس آءِ وٽ ريڪارڊنگ آهي. انيس قائمخاني ۽ گورنر اها پلاننگ ڪئي آهي ته ڊاڪٽر فهميده مرزا جي گارڊن ذريعي يا منهنجن گارڊن ذريعي مون کي مارڻ چاهين ٿا، ڇو ته هو پاڻ سڌو اچي وڙهي نٿا سگهن.

افيئر: پاڻ ڪراچي ۾ نين تڪبندين جي ڳالهه ڪيون ٿا، ان ۾ وري به متحده جي ناراضگي سامهون ايندي ۽ متحده وري الڳ ٿيندي، پ پ جي نظر سينيٽ چونڊن تي آهي، ڪيئن هلندا معاملا؟

ذوالفقار مرزا: جيڪڏهن تڪبندين متحده جي مرضي جي ٺهندي ته پوءِ تڪبندي ڊاڪٽر ذوالفقار جي مرضي سان به ٺهندي، بشير قريشي جي مرضي سان به ٺهندي، ڊاڪٽر قادر مگسي جي مرضي سان به ٺهندي، پليجي صاحب جي مرضي به سان ٺهندي، جلال محمود شاهه جي مرضي سان به ٺهندي ۽ برفت جي مرضي سان به ٺهندي. جيڪي اصلي مالڪ آهن سنڌ ڌرتي جا، انهن جي مرضي ڇُٽي. هاڻ متحده وارن کي پراڻن ٿاڪن تي به لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. آئون هنن کي گٽر ۾ وجهي ڇڏيندس.

افيئر: توهان نالا ورتا ڊاڪٽر قادر مگسي، پليجو صاحب، بشير قريشي جا…. لوڪل باڊيز واري معاملي تي هنن جو به موقف ساڳيو آهي، توهان جو ڪو رابطو ٿيو آهي هنن سان؟

ذوالفقار مرزا: نه منهنجا رابطا نه ٿيا آهن، هو مون کي ان لائق نٿا سمجهن، هو سمجهن ٿا ته آئون اهو ناٽڪ پيو ڪيان پ پ لاءِ يا آصف زرداري مون کان اهو ناٽڪ پيو ڪرائي اها شئي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا پ پ وڃائي ڇڏي هئي.

افيئر: جيڪڏهن هو توهان سان رابطو ڪن ٿا ته توهان جي موٽ ڪهڙي هوندي؟

ذوالفقار مرزا: اکين تي….آئون ته چوان ٿو ته هي سنڌ ڌرتي رڳو ڊاڪٽر ذوالفقار جي ماءُ ناهي، اها قادر مگسي، جلال محمود شاهه، بشير قريشي ۽ برفت جي به ماءُ آهي. آئون ته چوان ٿو ته اچو، پر ون پوائنٽ ايجنڊا هجي. ممتاز ڀٽو جو، شاهه محمد شاهه يا ڪنهن ٻئي ماڻهو جو ڪو ڍڪيل ايجنڊا نه هجي. ون پوانئٽ ايجنڊا هجي ته متحده قومي موومينٽ جي صورت ۾ جيڪو سنڌ ڌرتي کي چچڙ چنبڙيل آهي، رت پيو پيئي ان مان سنڌ ڌرتي جي جند آجي ڪرائڻي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو