Home / افيئر / گهايل سوار، ڪارو ڪميت باغي بلوچ نسل ۽ سياسي ڊائيلاگ وارو دڳ
above article banner

گهايل سوار، ڪارو ڪميت باغي بلوچ نسل ۽ سياسي ڊائيلاگ وارو دڳ

محبت گوليون سي بو رهي هو

وطن ڪا منه لهو سي ڌو رهي هو

گمان تم ڪو ڪه راسته ڪٽ رها هي

يقين مجهه ڪو ڪه منزل کهو رهي هو

گذريل هفتي جنهن ڏينهن وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ڪوئيٽا ۾ نئين ڀرتي ٿيل بلوچ جوانن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي ‘ناراض’ بلوچن کي هڪ ڀيرو وري ڳالهين جي آڇ ڪئي ان ڏينهن خضدار ۾ ٻه لاش منظر تي آيا. گولين سان پروڻ ٿيل ٻن نوجوانن جا لاش. انهن مان هڪ نوجوان بلوچ نيشنل موومنٽ جو ڪارڪن ٻڌايو ٿو وڃي.


بلوچ نيشنل موومينٽ جو بنياد غلام محمد بلوچ رکيو هو. هو 1980 واري ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر ياسين بلوچ کانپوءِ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن جو چيئرمين هو ۽ شاگرد سياست کانپوءِ ڊاڪٽر حئي ۽ مالڪ بلوچ جي بلوچستان موومنٽ سان سلهاڙيل هو. 2000 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن بلوچ قومي سياست ۾ هٿياربند جهدوجهد جو عنصر اڀري سامهون آيو ته هن بلوچستان نيشنل موومينٽ جي وفاق جي فريم ورڪ جي اندر رهندي قومي حقن جي حاصلات جي پاليسي سان اختلاف ڪندي پارٽي مان علحدگي اختيار ڪئي ۽ پنهنجن ساٿين سميت بلوچ نيشنل موومينٽ ٺاهي.

ايران جي سرحد تي واقع مڪران جي آخري شهر مند سان واسطو رکندڙ غلام محمد شاعر به هو. هن گهٽ پر ڀلوڙ شاعري ڪئي “نازو نا يفتين جنڪ پرچه وتا برهدار ڪتا” جهڙا اچرج ۾ وجهندڙ غزل تخليق ڪيا.

پروفيسر صبا دشتياري بنيادي طور استاد ۽ اديب هو. هو استادن جي ان قبيلي سان تعلق رکندو هو جيڪي فقط ڪلاس وٺڻ ڪافي نه سمجهندا آهن بلڪه پنهنجي شاگردن لاءِ هر هنڌ هر وقت حاضر هوندا آهن. يونيورسٽي جي موڪرين لابين، هاسٽل جي ڪمري ۽ ريسٽورنٽ جي ٽيبل تي هنن جي چوڌاري هر وقت شاگردن جو انبوهه هوندو آهي. جيئن ارسطو جي چوڌاري هوندو هو. صبا دشتياري، جنهنجو ڇٺيءُ جو نالو غلام رسول هو، بلوچستان يونيورسٽي ۾ اسلاميات پڙهائيندو هو پر هڪ روشن خيال ماڻهو هو. هو ڪٿڪ ناچ جو وڏو شوقين ۽ ڄاڻو هو.

پر هو اهنسا جو پوڄاري نه هو پرتشدد سياست جو حامي هو. خاص ڪري ‘وڃائجي ويل’ سياسي ڪارڪنن جي اشو تي نڪرندڙ جلوسن ۾ پهرين صف ۾ هوندو هو ۽ سخت تقريرن ۾ کليل ڳالهيون ڪندو هو. هڪڙي شام هڪ شاگرد سان گڏ سرياب روڊ تي واڪ پئي ڪيائين  ته هڪ موٽر سائيڪل آئي ۽ ان تي ويٺل هڪ شارپ شوٽر جي گولين کيس ماٺ نگر ڏانهن اماڻي ڇڏيو.

ڊاڪٽر حنيف شريف هڪ نوجوان افسانه نگار آهي. چڱي ڀلي ماڻهو کي ‘وڃائي’ ڇڏيندڙ فرشتن وٽ مهمان رهيو آهي. پوءِ به نه مڙيو. ‘بالاچ’ جهڙي فني توڙي سياسي نياپي جي حوالي سان سگهاري وڊيو فلم ٺاهيائين. ڏسڻ جوڳي فلم آهي. سندس ٻي فلم “بلوچستان هوٽل” مون ناهي ڏٺي. اڄڪلهه ٻڌو آهي ته ديس ڇڏي وڃي دبئي وسايو اٿائين.

جڏهن ڪنهن قوم جا شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ استاد باغي ٿي وڃن ته پوءِ ته سمهجي وڃڻ گهرجي ته اها قوم احساس محرومي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ ويڳاڻپ (alienalion) جي انتها تي پهچي چڪي آهي.

بلوچ قوم لاءِ اها محرومي ڏهن ويهن سالن جي نه پر پراڻي ويڌن آهي جنهنجي کوري ۾ پچي ٽيون نسل راس ٿيو آهي. مشرف دور ۾ جڏهن گوادر جي زمينن جي وڪري جا وڏا وڏا اشتهار لاهور جي اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳا ته بلوچ سمجهي ويا ته گوادر جي شڪل ۾ هو بلوچستان ۾ هڪ ٻيو ‘ڪراچي’ تخليق ڪري بلوچستان تي بلوچن جي اختيار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ٽنبڻ گهرن ٿا. پوءِ ته محرومي، ڪاوڙ ۽ ويڳاڻائپ مزاحمت ۾ تبديل ٿي وئي. پاڪستان جي قيام کان اڳ توڙي پوءِ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي سڀ کان ويجهي قومپرست اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي جي مارجڻ کانپوءِ بلوچ معاشرو point of no return تي پهچي ويو.

انجو بنيادي سبب اهو آهي ته ملڪ ۾ هڪ آمر جي حڪومت هئي جنهن هن سياسي مسئلي کي فوجي طريقي سان حل ڪرڻ  کي ترجيح ڏني. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جمهوري حڪومت اچڻ کانپوءِ به هن حڪمت عملي ۾ ڪا خاص تبديلي نه آئي. ساڳيا missing persons ۽ روڊ ڪناري dump ڪيل ساڳيا تشدد زدهه مٿي ۾ گوليون لڳل لاش. يا ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار بڻيل سياسي اڳواڻن جا لاش. بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ حبيب جالب ۽ نيشنل پارٽي سان واسطو رکندڙ ڪيچ جي اڳوڻي ناظم مولا بخش دشتي جي قتل کان وٺي روزاني آساپ جي ايڊيٽر جان محمد دشتي تي حملي ۾ هڪ پيٽرن نظر اچي ٿو. ڪا طاقت بلوچستان جي وچين طبقي مان اڀرندڙ سياسي قيادت کي صاف ڪرڻ گهري ٿي.

هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي جي ڀائٽي احقمل جي قتل ۽ صوبائي وزير مير ثناءَالله زهري جي قافلي تي حملي جا واقعا هن مامري جي ٽئين پهلو کي ظاهر ڪن ٿا. رئيساڻيڻ، زهرين ۽ نصير الله مينگل تي الزام آهي ته اهي بلوچ ويڙهاڪ مخالف ٺهيل “لشڪر بلوچستان” جهڙين پرائيوٽ مليشائين جي ڀٺڀرائي پيا ڪن. هن ڏس ۾ زهرين ۽ رئيساڻين جو اهو رد عمل ته اسان هنن واقعن جو جواب قبيلائي روايتن جي حساب سان ڏيندا سين، ان امڪان کي ظاهر ٿو ڪري ته اهو مامرو بلوچستان ۾ قبيلائي جنگ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو.

هوڏانهن اطلاع آهن ته بالاچ مري جي مارجڻ کانپوءِ بلوچ ويڙهاڪن جي صفن ۾ ڏوهاري گهڙي آيا آهن. اهو ٽرينڊ ڪٿي وڃي دنگ ڪندو، في الحال ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي.

ها اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته انهن مجموعي حالتن ۾ بلوچستان جو مثال ‘رضيه غنڊون ۾ ڦس گئي’ وانگر هن معصوم شهري جي آهي جنهنکي چئني پاسن کان بندقن وارا ورائي بيٺا هجن. وردي وارا به ۽ بنا وردي وارا به. پنهنجا به ۽ پرايا به.

هن منجهائيندڙ صورتحال کي جيڪڏهن ڪو عمل سلجهائي سگهي ٿو ته اهو ڊائيلاگ آهي. بلوچ سوسائٽي اندر به ۽ بلوچن جو رياست سان به.

بلوچ سوسائٽي ۾ هڪ ڊائيلاگ هلي رهيو آهي. اخباري بيانن ذريعي، فيس بڪ تي ۽ ٻين websites تي. پر اهو ڊائيلاگ هاڪاري نه بلڪه ناڪاري آهي. انهيءَ ۾ سياسي بلوغت جي کوٽ آهي. اهو ٽڪراءُ گهٽائڻ بدران انکي وڌائي پيو. هڪ معنيٰ خيز ڊائيلاگ ڪنهن اهڙي اڻ ڌرئي پليٽ فارم/ شخصيت ذريعي ٿي سگهي ٿو جنهنجي سڀ عزت ڪندا هجن.

مير غوث بخش بزنجو زنده هجي ها ته ضرور اهڙي ڪوشش ڪري ها. توڙي جو ناڪام وڃي ها ۽ کيس “باباءِ مذاڪرات” بدران ڊائيلاگ جو ڏاڏو ڪوٺيو وڃي ها.

جيسين رياست ۽ بلوچن وچ ۾ ڊائيلاگ جي ڳالهه آهي ته وزير اعظم گيلاني جي آڇ جهڙن cosmetic measurres سان ڪجهه نه ورندو. ڳالهه ٻولهه جي آڇ کان اڳ بلوچن جو اعتماد بحال ڪرڻ missing persons ۽ لاشن اماڻڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو. گوادر ۾ ٻين قدرتي وسيلن تي گارنٽي ڏيڻي پوندي.

جيڪڏهن حقاني نيٽ ورڪ تي آمريڪا- پاڪستان ڇڪتاڻ کانپوءِ اتفاق راءِ جوڙڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي سگهجي ٿي ته بلوچستان جي مسئلي تي اهڙو ڪٺ ڇو نه ٿو ڪري سگهجي؟ جيڪڏهن امن ۽ استحڪام لاءِ آمريڪا حقاني نيٽ ورڪ ۽ افغانستان ۽ پاڪستان پنهنجن پنهنجن طالبان سان ڳالهائڻ تي راضي آهن ته موروثي حقن لاءِ وڙهندڙ سيڪيولر بلوچن سان ڳالهائڻ ۾ ڪهڙي برائي آهي؟؟؟

abbasjalbani@yahoo.com

ليکڪ انگريزي اخبار “ڊان” ۾ سنڌ ڊيسڪ جو انچارج آهي، هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو