Home / ڪئپيٽل افيئر / گو زرداري گو تحريڪ جا ناچو، ڳائڻا ۽ مشڪرا
above article banner

گو زرداري گو تحريڪ جا ناچو، ڳائڻا ۽ مشڪرا

 

 

سڀ کان پهرين ضروري  آهي ته پاڻ هن هفتي نيويارڪ ٽائيمز ۾ ڇپيل مضمون : “پاڪستان لاءِ نئين پاليسي:گهيري ۾ آڻيو” جو ذڪر ڪريون جنهن مان خبر پوي ٿي ته جيڪي ماڻهو هتان جي اسٽيٽس ڪو تي ڪو حقيقي اثر وجهڻ جي سگهه (۽ شايد خواهش) رکن ٿا، سي ڇا سوچي رهيا آهن. هي مضمون سڄي دنيا جي اخبارن کنيو آهي ۽ پاڻ واري پاسي به راڄ اخبارن جا هن مضمون سان ڀريا پيا آهن. جناب بروس او ريڊل جو لکيل هي مضمون سندس باري ۾ ان تعارفي نوٽ سان ڇپيو آهي ته هي همراهه بروڪنگز انسٽي ٽيوشن جو سابق فيلو هجڻ سان گڏوگڏ سي آءِ اي جو سابق آفيسر به آهي ۽ “پاڪستان، آمريڪا ۽ عالمي جهاد جو مستقبل” نالي مشهور ڪتاب سندس ڪجهه تازين تصنيفن منجهان هڪ آهي. هن صاحب 2009ع ۾ پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ صدر اوباما جي هڪ پاليسي جائزي جي ڪم جي اڳواڻي ڪئي هئي جنهن  جي نتيجي ۾ “پاڪستان  سان ڳالهائيندا رستو ٺاهيندا هلو” واري حڪمت عملي هلائي وئي هئي. پر ان ئي سال خيرن سان اهو ٿيو ته القاعده پنهنجي “بچه پارٽي” لشڪر طيبه معرفت ڀارت جي وڏي شهر ممبئيءَ تي حملو ڪري اٽڪل 163 ماڻهو ماري وڌا جنهن کان پوءِ آمريڪي انتظاميه اهڙين شريفاڻين صلاحن تي عمل ڪرڻ بدران هتان وارن همراهن کي سڌري وڃڻ جا مشورا ڏيڻ شروع ڪيا جيڪي ويجهڙ تائين جاري هئا. جنهن مضمون جو هتي ذڪر ڪيو ويو آهي تنهن ۾ بروس او ريڊل ڪيترائي سبب ڄاڻائي واشنگٽن کي خبردار ڪيو آهي ته “هاڻ پراڻي پاليسي ڪم ڪانه ڏيندي، ان جي جاءِ تي نئين پاليسي آندي وڃي جيڪا دوستاڻي گفتگوءَ واري نه پر نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ واري هجي.” هن لکيو آهي ته “آمريڪا کي هاڻي واضح طور سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته پراڻو مفروضو غلط هو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جا مفاد ساڳيا آهن. ثابت ٿي چڪو آهي ته ٻنهيءَ جا مفاد هڪٻئي سان ٽڪراءُ ۾ اچي رهيا آهن. آمريڪا لاءِ ٻي ڪا واهه ڪانهي ته ڪيئن به ڪري پاڪستان اندر سياسي ماڻهن ۽ سياسي جماعتن کي مضبوط بڻائجي، ڇو ته جيستائين پاڪستان جي پاليسين کي جنرل ڪنٽرول ڪندا رهندا تيستائين اتان سڻائيءَ جي اميد رکڻ بيڪار آهي.”


هي ليک مڪمل ريت بدليل صورتحال جو ڏس ڏئي ٿو. هي سٽون لکڻ وقت صورتحال وڌيڪ تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي. هتان وارن همراهن مان آسرو لاهي، نيٺ آمريڪي ۽ ناٽو فوجن اتر وزيرستان سان لڳندڙ علاقن جا رستا بند ڪري آپريشن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. غلام خان، گرباز ۽ خوست جي وچ وارا رستا سيل ڪيا ويا آهن ۽ ڪرفيو هڻي گهر گهر تلاشي شروع ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد ۾ عسڪري ماهرن وٽان في الحال ته اهي رايا اچي رهيا آهن ته ناٽو ۽ آمريڪي فوجون اتر وزيرستان کان پرٻاهرو ئي ڪارروائي ڪنديون، پر جي انهن پاڪ سرزمين تي پير ڌرڻ جي غلطي ڪئي، ته انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. ٻئي طرف اڻ ڌريا سياسي تجزئي نگار چئي رهيا آهن ته ناٽو وارا خوست واري علاقي ۾ رڳو نانگ جو ليڪو ڪٽڻ ڪونه آيا آهن. هنن کي خبر آهي ته نانگ جي ڏر ڪهڙي پاسي آهي ۽ هو ان پاسي جي خبر ضرور وٺندا، پر هليري ڪلنٽن جو اسلام آباد جو دورو ختم ٿيڻ ۽ ان جو هئو مئو ٽرڻ تائين هفتي ٻن لاءِ ماٺار رهندي. پر ڪجهه چئي نٿو سگهجي. دورو پورو ٿيڻ شرط به سرپرائيز ملي سگهن ٿا.

اسلام آباد جا عسڪري حلقا ان صورتحال بابت توري تڪي ڳالهائي رهيا آهن. ناٽو جي ڪارروائي شروع ٿيڻ جي جيئن خبر آئي، پارليامينٽرين جي هڪ وفد کي جي ايڇ ڪيو ۾ سڏي هن مامري تي بريفنگ ڏني وئي. فوجي قيادت جنهن نموني صورتحال تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو سو ان ڳالهه جو واضح اشارو آهي ته موجوده سياسي نظام کي هو پاڻ لاءِ ڪارائتو سمجهن ٿا ۽ هن مرحلي تي ان جي تڏاويڙهه ڪري هو تنهائيءَ جو شڪار ٿيڻ نٿا چاهين. ان ڳالهه “ڦيٽهاڙو” مچائيندڙ لڏي کي منجهائي ڇڏيو آهي جنهن جو خيال هو ته ٿورڙي همت ڪرڻ سان سسٽم جي پاڙ ڪڍي سگهجي ٿي.

ميان نواز شريف جي “فرينڊليئر اپوزيشن” جو تجزيو اسان اڳ به ڪري چڪا آهيون ته اها ماپ تور جي هڪ خاص اعشاري نظام سان هلي رهي آهي. هن اپوزيشن کي اقتداري حصي پتيءَ جي توازن ۾ وڌيڪ تبديلي ڪنهن به ريت پسند ڪانهي. توازن ۾ وڌيڪ تبديلي مارچ ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي چونڊن جي ذريعي عمل ۾ اچي سگهي ٿي تنهن ڪري هو رڳو ان خاص تبديليءَ جي رستي روڪ ڪرڻ چاهين ٿا، هو سڄو سسٽم ويڙهڻ نٿا چاهين. مارچ واري تبديليءَ کي روڪڻ لاءِ ٻه طريقا ٿي سگهن ٿا پر انهن مان هڪ هنن جي وس ۾ ڪونهي ۽ ٻيو هنن کي وارو نٿو کائي.

جيڪو آپشن اڃا به هنن جي وس ۾ ته آهي پر آصف زرداري اهو کانئن ڦري چڪو آهي، سو آهي مڙني وڏين پارٽين کي پاڻ سان گڏ ڪري هڪڙي گرينڊ اپوزيشن ٺاهي تحريڪ هلائڻ. آصف زرداريءَ جي “مفاهمت” واري پاليسيءَ اهڙو ڪم ڪيو آهي جو اڀريون سڀريون، تيز تکيون توڻي نڪميون سڀ پارٽيون آصف زرداريءَ سان گڏ آهن. هاڻي وڏو اتحاد ٺاهجي ته ڪيئن ٺاهجي؟ وڏو اتحاد ممڪن ڪونهي، ته متبادل اهو ٿي سگهي ٿو ته مسلم ليگ جا ٽوٽا ٽڪر ملائي ٿورڙو پنهنجي ريل گاڏيءَ جي ڊيگهه ئي کڻي وڌائجي. ان جهڙي تهڙي بيڪار قسم جي متبادل تي هن وقت ڪم هلي رهيو آهي. مجبوريءَ وچان نواز ليگ پنهنجا دروازا مسلم ليگ جي انهن گروپن لاءِ به کولي ڇڏيا آهن جن جا اڃا نالا به نه رکيا ويا آهن. انهن کي به ويلڪم چيو پيو وڃي جيڪي ڪلهه تائين ميان برادران تي هڪڙي گار لاهيندا ٻي چاڙهيندا هئا. انهن ۾ قاف ليگ هم خيال آهي ۽ شيخ رشيد جي عوامي مسلم ليگ جنهن سان ڳالهيون هلن پيون. پر مصيبت اها آهي ته ڪم ڌنڌو شروع ڪرڻ (يعني تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ) کان اڳ ئي اهي گروپ پگهار جو پڇي رهيا آهن. ليگ جا اندروني چون ٿا ته هن مجبوريءَ جو نالو ته “شڪريو” به ڪونهي. جيئن به ٿيو، هڪڙي ڏينهن چوڌري نثار ايوان مان “گو زرداري گو” تحريڪ شروع ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن کان نواز ليگ “سڙڪن” تي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پارليامينٽ ٻاهران مظاهرو ڪرڻ لاءِ ميان صاحب پاڻ تڪليف ڪري هلي آيو. پوءِ توهان ڏٺو ته هيڏي وڏي نواز ليگ پنهنجي سمورن همخيال ٽوٽن ٽڪرن کي ملائي بس اهڙا ئي مظاهرا ڪري سگهي آهي جهڙا شهر جون اين جي اوز پاڻ ۾ گڏجي ڪنهن به مهل ڪري وٺنديون آهن. معنيٰ ته پاڻ واپس پنهنجي پيش ڪيل مفروضي ڏانهن هلون ته پارليامينٽ کان ٻاهر تحريڪ هلائڻ جو آپشن نواز ليگ جي وس ۾ ته ضرور آهي پر دنگل ڪرڻ لاءِ جنهن دم خم جي ضرورت هوندي آهي سو نواز ليگ ۾ موجود آهي، ۽ نه ئي وري سگنل ڏيئي رائونڊ شروع ڪرائڻ وارا همراهه ۽ تماشبين به ميدان تي پهتا آهن. هي وقت کان اڳ ميدان ۾ لهڻ واري ڪار ٿيندي.

هاڻي بچي ٿو آپشن ٻيو، جيڪو نواز ليگ کي وارو نٿو کائي. اهو اهو آهي ته پارليامينٽ اندر ڦٽاڪو ڇڏي مارچ واري اليڪشن جي رستي روڪ ڪجي. اهو ڦٽاڪو آهي پاڻ ۽ هم خيال لڏي جو گڏجي صوبائي ۽ قومي اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ ته جيئن سينيٽ جي اليڪشن ۾ جيڪو اليڪٽورل ڪاليج ووٽ ڏيندو آهي سو پاڻ ئي پورو ٿي وڃي. جيتوڻيڪ آئين ۾ ڪٿي به ڪونهي ته جيڪڏهن 300 کن سيٽون هڪ ئي ڌڪ ۾ خالي ٿين ته ايترين سيٽن تي ضمني اليڪشن ڪرائي ويندي يا نه، پر آسرو اهو آهي ته بحران اهڙو  پيدا ٿيندو جو موجوده اسيمبليون ڦهه وڃي ڪنديون ۽ آصف زرداريءَ وٽ مڊٽرم چونڊون ڪرائڻ کان سواءِ ٻي ڪا واهه ڪانه بچندي. پنهنجي دل جي مرضيءَ جي ابتڙ ئي سهي، نواز شريف هن آپشن جي ڳالهه مارڪيٽ ۾ ضرور آڻي ڇڏي آهي.

ڪو نئون نياپو راڻي وٽان رات اچي وڃي ۽ رات وچ ۾ ڪي قول اقرار ٿي وڃن، ته اها ٻي ڳالهه آهي. باقي چوڻ وارا چون ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ هن وقت تائين جي صورتحال اها آهي ته مڊ ٽرم هجن يا پوري مدي واريون چونڊون هجن، نواز شريف کي آصف زرداريءَ جي ڪرايل اليڪشن ته وري به قبول هوندي پر ڪنهن ٻئي تي کيس ايترو ڀروسو ڪونه هوندو. ان دليل آڌار چيو پيو وڃي ته نواز ليگ پاران استعيفائن جي ڌمڪي جي نوعيت اهڙي آهي جهڙي ايم ڪيو ايم جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي روزنامه ڌمڪي.

ته پوءِ مارچ ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي چونڊن کي روڪڻ لاءِ نواز ليگ ڪري ته ڇا ڪري؟

جيڪڏهن خواهشون گهوڙا هجن ها ته سڀني فقيرن کي اوهين عربي گهوڙا ڊوڙائيندي ڏسو ها. ميڊيا ۽ چخ چخ ڪندڙ شهري ڪلاس جي خواهش آهي ته ڪنهن ريت عمران خان اچي “ميري عزيز هم وطنو” چوي. پر هن ڌُڪاڙي عمران خان جو پارليامينٽ ۾ دانگيءَ تي به نالو ڪونهي، پر پوءِ به هو پاڻ کي وڏي تي اصلي اپوزيشن سمجهي ٿو ۽ “انصاف” واري تحريڪ ۽ ميڊيا جا ماڻهو هن جا ووٽر هجن يا نه پر هن جا پورٽر ضرور بڻيل آهن. اوهان ڏٺو هوندو ته هن ايڪسٽرا پارليامينٽ اپوزيشن جي ڌرڻن کي ميڊيا ۾ ڪيڏو نه وڌائي چڙهائي پيش ڪيو پيو وڃي. عمران خان اينڊ ڪمپنيءَ کي خبر آهي ته جي آصف زرداري ويو ته به هنن کي ڪجهه ڪونه ملندو جو رستو نواز شريف لاءِ خالي ٿيندو. تنهن ڪري هو هڪ ئي وقت آصف ۽ نواز ٻنهيءَ جي ٽڪيٽ خريد ڪريو بيٺا آهن. هو حڪومت خلاف ميڊيا جي مدد سان دو نمبر تحريڪ هلائي نواز شريف کي پريشر ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ان جي پارٽي به پ پ سرڪار کي ڊاهڻ لاءِ رستي تي نڪري اچي هنن سان شامل ٿئي. نواز شريف جي پارٽيءَ ۾ ويٺل ڪيترن ماڻهن جي خواهش آهي ته اهي انصاف واري تحريڪ ۾ شامل ٿي وڃن، پر اڃا تائين نواز شريف پاڻ  پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ لاءِ تيار ڪونهي.

ڳائڻا ۽ ناچو، پنهنجي فن ۾ طاق سمورا ڪلاڪار تيار آهن، (سواءِ عوام جي). جيڪڏهن ڪا تبديلي اچڻي آهي ته ان لاءِ دستور موجب سگنل جي ضرورت پوندي. پر اڃا اهو ڪٿي به ڪونه پيو ڏسجي. ٿي سگهي ٿو ته بروس او ريڊل وارا همراهه ڪا اهڙي صورتحال پيدا ڪري وجهن جو بنهه تيزيءَ سان اهو ڪجهه ٿي وڃي جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ هن وقت امڪان کان ٻاهر سمجهيو پيو وڃي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو