Home / افيئر / لکين ڍور متاثر: مالوند ماڻهن لاءِ پئڪيج ڪير ڏيندو؟
above article banner

لکين ڍور متاثر: مالوند ماڻهن لاءِ پئڪيج ڪير ڏيندو؟

هيلوڪين برساتن ته گذريل سال جي “سپر ٻوڏ” کان به سنڌ کي وڌيڪ زخم ڏنا آهن ڇاڪاڻ ته گذريل سال جي ٻوڏ ۾ رڳو سنڌ جو “لائيو اسٽاڪ” متاثر ٿيو هو پر هيل ته ڪراچي کي ڇڏي باقي سمورن ضلعن کي، برساتن تمام گهڻو نقصان رسايو آهي.

سنڌ حڪومت جي پنهنجي انگن اکرن موجب 80 لک کان وڌيڪ رڳو انسان متاثر ٿيا آهن، خريف جي سمورن فصلن، جا ته ڪم ئي لهي ويا آهن. هر قسم جي ڀاڄين جو ته صفايو ٿي ويو آهي. پر اسان جي ماروئڙن جو هڪ اهم ۽ ازالي نه ٿيڻ جوڳو جيڪو نقصان ٿيو آهي. اهو آهي لائيو اسٽاڪ جو نقصان، جنهن کي اسان مال متاع چوندا آهيون. اهو نقصان سڌو سنئون هڪ عام ۽ نج ٻهراڙي جي هيٺئين طبقي جي ماڻهن جو نقصان آهي.

هر ماڻهو کي خبر آهي ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هڪ زرعي فصل ۽ ٻيو مال متاع، ٻه وڏا روزگار جا ذريعا آهن. فصل واري آپشن ۾ ته ٻهراڙي ۽ گهرن سان تعلق رکندڙ ماڻهو اچي وڃن ٿا. پر مال متاع واري ڪِرت ۾ ٻهراڙي جو ماڻهو شامل آهي.

سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ غريب ۾ غريب ماڻهو وٽ به 2 ٻڪريون، هڪ مينهن ۽ هڪ رڍ يا ڳئون ضرور هجي ٿي.

جنهن جو مکيه مقصد پنهنجو “کير ۽ ڏڌ” حاصل ڪرڻ هوندو آهي ۽ اهوئي ماڻهو انهن جي Re-production جي عمل مان وري، ٻه چار پئسا به ڪمائي وٺندو آهي. جڏهن ته ٻي ڪيٽيگري ۾ وري اهڙا هزارين ماڻهو آهن جن جو مقصد مال متاع جو “گاهه پَٺو” ڪري انهن جي خريد و فروخت هوندو آهي. ان ڪري اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته تازو پيل خطرناڪ برساتن جي نتيجي ۾ سنڌ جون ٻهراڙيون وڌيڪ متاثر ٿيون آهن ۽ ٻهراڙين ۾ مال متاع، فصل ۽ انهن سان لاڳاپيل خاندان بري طرح متاثر ٿيا آهن.

نه رڳو هن ڀيري پر گذريل سال جي مها ٻوڏ جي نتيجي ۾ به سنڌ حڪومت جي پنهنجي انگن اکرن موجب هڪ لک کان وڌيڪ “ڪَنَ” يا ته مري ويا هئا يا وري لڙهي ويا هئا.

پر افسوس جي ڳالهه هي آهي ته نه گذريل سال ۽ نه ئي وري هن سال سنڌ حڪومت ڪوبه “لائيو اسٽاڪ بحالي پئڪيج” ڏنو آهي،

گذريل سال به زرعي بحالي پئڪيج جي نالي تي پيپلز پارٽي جي وزيرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز، ضلعي صدرن، جنرل سيڪريٽرين تعلقي صدرن، نام نهاد جيالن سندن مائٽن، عزيزن ۽ دوستن کي ٻج ۽ ڀاڻ ڏئي سنڌ حڪومت اطمينان سان ويهي رهي ته هنن عام ٻوڏ متاثرن ننڍن آبادگارن ۽ هارين کي “سڀ ڪجهه” فراهم ڪري ڇڏيو آهي.

هن ڀيري سنڌ حڪومت، صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ لڳ ڀڳ گذريل سال جهڙو ئي فيصلو ڪيو آهي. جنهن تحت 25 ايڪڙ زمين جي مالڪ برسات متاثر آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ فراهم ڪيو ويندو. ان حوالي سان زراعت کاتي 5 ارب روپين جو پئڪيج تيار ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي وڏي وزير قائم علي شاهه منظور ڪري ڇڏيو آهي. بس رڳو سيد مراد علي شاهه جي راضپي جي دير آهي. ڇاڪاڻ ڇو صوبي جي “خزاني جي چاٻي” سندن ڪوٽ جي کيسي ۾ پيل آهي.

پر مال متاع بحالي پئڪيج لاءِ سنڌ حڪومت جي ڪنهن به هڪ شخص جي ذهن ۾ اڃا ڪابه سوچ پئدا نه ٿي آهي.

“افيئر” پاران هٿ ڪيل انگن اکرن موجب هيل پيل برساتن جي نتيجي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ڍور مري يا لڙهي چڪا آهن ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن کي تقريباََ ڏيڍ ارب جو نقصان رسيو آهي. ان حوالي سان سڀ کان وڌيڪ نقصان شهيد بينظير آباد اڳوڻي نوابشاهه، ميرپور خاص، بدين، سانگهڙ، ٽنڊو الهيار، مٽياري ۽ ٽنڊو محمد خان جي لکين ماڻهن کي پهتو آهي. جڏهن ته باقي ٻين ضلعن جي به هزارين ماڻهن کي مال متاع جي مد ۾ تمام وڏو نقصان پهتو آهي. انگن اکرن موجب ضلعي شهيد بينظير آباد جي ماڻهن کي مال متاع جي مد ۾ 37 ڪروڙن جو نقصان رسيو آهي. اهڙي طرح ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ جي ماڻهن کي 38 ڪروڙ، ميرپور خاص جي ماڻهن کي 22 ڪروڙ ۽ بدين جي ماڻهن کي 8 ڪروڙ روپين جو نقصان رسيو آهي.

ساڳي طرح ٺٽي، دادو، ڄامشورو،حيدرآباد، مٽياري ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، لاڙڪاڻي، قمبر شهداد ڪوٽ، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، نوشهرو فيروز، خيرپور ميرس، شڪارپور ۽ ٻين تعلقن جي برسات متاثرن کي به مال متاع جي مد ۾ لکن ۽ ڪروڙن جو نقصان پهتو آهي.

انگن اکرن موجب ٿرپارڪر ضلعي ۾ 27861 ڪَن، عمرڪوٽ ضلعي ۾ 16495 ڪَن، شهيد بينظير آباد ۾ 12258 ڪَن، ميرپور خاص ضلعي ۾ 11991ڪَن ۽ بدين ۾ برسات متاثرن جا 3098 ڍور مري ويا آهن. انهن سڄي مال متاع کي پهتل نقصان ۾ وڌکان وڌ ٻڪريون ۽ مينهون مري ويون آهن. جڏهن ته رڍون ۽ ڳئون جي نسل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.

انگ اکر وڌيڪ ٻڌائين ٿا ته هزارين اهڙا برسات متاثر جيڪي پولٽري ۽ فشريز جي شعبن سان لاڳاپيل هئا انهن کي به لڳ ڀڳ ڏيڍ ارب جو نقصان رسيو آهي. سنڌ جي برسات متاثر علائقن ۾ 368 مڇي جا تلاءَ تباهه ٿيا آهن. جيڪي لڳ ڀڳ 16352 ايڪڙ زمين تي موجود هئا. ان کان سواءِ 900 پولٽري فارم به سخت متاثر ٿيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ لڳ 25 لک چوزا ۽ ڪڪڙيون مري چڪيون آهن.

مال متاع، فشريز ۽ پولٽري اجا اهي ٽئي سيڪٽر، لائيو اسٽاڪ جي زمري ۾ اچن ٿا ۽ سنڌ جي ٻهراڙي ۾ رهندڙ ماڻهو % 80 سيڪڙو انهن ڪاروبارن تي ڀاڙين ٿا.

ٻهراڙي ۾ رهندڙ ماڻهو مذڪوره ذريعن کي روزگار جا محفوظ ذريعا تسليم ڪن ٿا.

انگن اکرن موجب 11_2010 ۾ لائيو اسٽاڪ نه رڳو سنڌ پر ملڪي سطح تي GDP ۾ 11.5 سيڪڙو حصو ڏنو هو ۽ ملڪ جي 60% سيڪڙو آبادي ان تي انحصار ڪري ٿي. ان سان گڏوگڏ پولٽري سيڪٽر سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 20 لک ماڻهن کي روزگار فراهم ڪيو آهي.

انهن حقيقتن باوجود به سنڌ لائيو اسٽاڪ سيڪٽر ڏانهن اهڙو ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن جي “اهليت” بابت ڪيترائي سوال اٿاري ٿو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت کي زرعي پئڪيج سان گڏوگڏ لائيو اسٽاڪ پئڪيج به ڏيڻ گهرجي ته جيئن لکين اهڙا برسات متاثر جن جا ڪيترائي ڍور برساتن سبب مري ويا آهن اهي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو کير ۽ ڏڌ استعمال ڪري سگهن. ڇاڪاڻ ته حڪومت اڳيان ئي اعلان ڪيل وطن ڪارڊ وارا 80 هزار نه ڏئي سگهي آهي ته هيل وري اعلانيل 20 هزار ڪٿان ڏئي سگهندي ۽ جيڪڏهن 20 هزار ڏيڻ م ڪامياب به ٿي ته ڇا هن وقت 20 هزارن ۾ هڪ ٻڪري به ملي سگهندي….؟؟؟

ان سڄي صورتحال ۾ اوهان کي سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ڊاڪٽر لائق ميمڻ جي ڳالهه ٻڌي حيرانگي ضرور ٿيندي جيڪا هن “افيئر” طرفان رابطو ڪرڻ تي ڪئي هئي ته “هي ايترو نقصان، ايڏو وڏو نقصان نه آهي جو سنڌ حڪومت لائيو اسٽاڪ پئڪيج متعارف ڪرائي سندس چواڻي اسان ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي اختيارين کي ڪا صلاح به نه ڏينداسين…..!!!!!

ليکڪ انگريزي اخبار “روزاني بزنس رڪارڊر” ۾ اسٽاف رپورٽر طور ڪم ڪري ٿو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو