Home / افيئر / !ٻڏل هڪ شهر جي ڪهاڻي
above article banner

!ٻڏل هڪ شهر جي ڪهاڻي

 

سيپٽيمبر جي ٻئي هفتي ۾ بدين جي ضلعي انتظاميا نواب شاھ، ميرپور خاص، ۽ ٻين ضلعن جي برساتي پاڻي وڌڻ جي دٻاءُ کانپوءِ آبپاشي کاتي جي صلاح تي ايل بي او ڊي سان لڳندڙ 10 يونين ڪائونسلن کي خالي ڪرائڻ جي وارننگ جاري ڪئي،جيئن اوچتي آفت سبب انساني حياتين کي بچائي سگھجي، انهي سلسلي ۾ مقامي زميندارن ۽ ضلعي انتظاميا جي وسيلن کي استعمال ڪندي ٽريڪٽر ٽرالين ۽ ٽرڪن کي انهن متاثر ٿيل ۽ امڪاني طور تي وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن ڏانهن روانو ڪيو ويو. ۽ ٻن ڏينهن کانپوءِ صحافين کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه يونين ڪائونسلن مان ماڻهو نٿا نڪرن ۽ ڪجهه علائقن مان ماڻهو ڪڍي ٺٽي ۽ حيدر آباد موڪلڻ جو بندو بست ڪيو ويو آهي، انهي وچ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته يونين ڪائونسل خيرپور گنڀو، ۽ انهي جو شهر ملڪاڻي شريف به خالي ڪرايو ويو آهي،پر ڏيڍ مهيني کانپوءِ اسان آڏو اهو حيرت انگيز انڪشاف ٿيو ته هزارن جي آبادي واري هن علائقي ۾ انتظاميا پاران هڪ به گاڏي نه موڪلي وئي هئي جنهن ۾ ماڻهو ويهي محفوظ هنڌن تي پهچي سگھن،اسان پنهنجي انهي گناھ جو اعتراف ڪريون ٿا ته اسان کي انهي علائقي ۾ پهرين وڃڻ گھربو هو.

ملڪاڻي شريف ۽ آس پاس جا ڪيترائي ڊزن ڳوٺ هن وقت مڪمل طور تي ياته پاڻي هيٺ آهن يا انهن جو نالو نشان ئي ختم ٿي ويو آهي، پاڻي جي سطح 1 کان 10 فوٽن تائين آهي،اوهان سانگي ڦرهو کان جڏهن خير پور گنڀو پهچندو ته ان کان پوءِ اوهان کي اهو ئي لڳندو ته اڳتي هاڻي ڪابه انساني آبادي ناهي، رڳو پاڻي ئي پاڻي آهي، هتي نظر کي ٿڪائيندڙ هڪ وڏي ڍنڍ ۾ هڪ شهر ملڪاڻي شريف به آهي جيڪو مرچن ۽ ڦٽين جو مرڪز آهي، هن شهر ۾ لغارين جي اڪثريت آهي ،۽ هنن جي پاڻ ۾ مٽي مائٽي آهي ، سڱاوتيون به هتي ئي هڪ ٻئي سان ٿيل اٿن. انهي ڪري هن دفعي جڏهن هي خطرناڪ ٻوڏ آئي ته هنن جي آڏو پهريون سوال اهو هو ته هو هاڻي پناھ وٺڻ لاءِ ڪيڏانهن وڃن، هنن جو ملڪاڻي کان سواءِ ڪٿي به ڪو ٻيو مائٽ نه هو، هن شهر ۾ گذريل ڏيڍ مهيني کان بجلي بند آهي،سمورين موبائيل فونن جا نيٽ ورڪ انهي ڪري بند آهن ته انهن جا ٽاور به پاڻي هيٺ آهن،شهر ۾ اڪيلو پيٽرول پمپ به ٻڏي وڃڻ سبب بند آهي،15 هزارن واري آبادي جي هن شهر مان 10 هزار ماڻهو لڏي ويا آهن باقي 5 هزار ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن۾ رڳو انهي ڪري ترسيل آهن ته هتي چورين جو آزار وڌي ويو آهي،، ، شهر ۾ دوائن جي تمام گھڻي کوٽ آهي، سڄي شهر ۾ ٽي فوٽ پاڻي بيٺل آهي، سموريون بازارون ۽ انهن جا دڪان ٻڏا پيا آهن، دڪانن اندر پيل سمورو سامان ختم ٿي چڪو آهي، ۽ ڏيڍ مهيني کان ڪاروبار مڪمل طور تي بند آهي، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت تائين پاڪستان آرمي ،نيوي ۽ سول انتظاميا پاران ڪوبه ريسڪيو آپريشن شروع نه ڪيو ويو آهي ، ۽ هڪ لک ايڪڙ ايراضي مڪمل طور تي ٻڏل آهي، اوهان سمجھو ته 120 ڪلوميٽر چورس علائقو سڄي دنيا کان ڪٽيل آهي، “افيئر” پاران جڏهن انهي علائقي جي سماج سڌارڪ ۽ صحافي يونس ملڪاڻي سان ڳالهايو ويو ته هن ٻڌايو ته ريڊ الرٽ جاري ٿيڻ بعد بي پهچ ماڻهو گاڏين جي انتظار ۾ هئا ته سرڪار جون گاڏيون اچن ته هو انهن ۾ نڪر ي وڃن، ملڪاڻي شريف کي خالي ڪرڻ جي ميڊيا ذريعي ملندڙ وارننگ بعد اسان مقامي هواسين کي اها ڳالهه سمجھائڻ شروع ڪئي ته ڪيمپن ۾ ڪهڙي طرح رهجي!هڪ ٻئي سان رابطو ڪيئن ڪجي! پر ڪير به نه آيو، پاڻي وڌنڌو ويو، زميني رابطو ختم ٿي ويو ته اسان سمجهيو ته شايد هيلي ڪاپٽر سروس ذريعي اسان کي ڪڍيو ويندو، پر نه هيلي ڪاپٽر آيو ،۽ نه ڪا ٻيڙي، اهو ڏينهن آهي ۽ اڄوڪو ڏينهن اسان کي خبر ناهي ته سرڪار به ڪٿي آهي يا نه ٰٰ!!

ملڪاڻي جو هي علائقو سکر بئراج تي آهي جڏهن ته باقي سڄو ضلعو ڪوٽڙي بئراج تي آبادي ڪندو آهي ، هتان جا مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا ته پوڻا ٽي ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، جن ۾ مرچ ڪپهه، سبزيون ۽ ٻيا فصل شامل آهن، جيتوڻيڪ تباھي ته سڄي علائقي ۾ آئي آهي پر هن علائقي کي جنهن بي دردي سان نظر انداز ڪيو ويو آهي اهو ڪنهن به ريت قابل معافي ناهي،هن علائقي ۾ هيستائين 35 کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا آهن پر سرڪار اهي به مڃڻ لاءِ تيار ناهي، سرڪار جي نااهلي انهي کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿيندي جو هن علائقي ۾ راشن ورهائيندڙ اين جي اوز کي انهي ڳالهه جو پابند نه ڪيو ويو هوته هو ٻڏل علائقن ۾ وڃي ماڻهن کي راشن فراهم ڪن.

ملڪاڻِي شريف ميڊيا جي نظرن کان ڇو اوجھل رهيو؟ ملڪاڻيِ پريس ڪلب جي صدر يونس ملڪاڻِي ٻڌايو ته سندن پريس ڪلب مڪمل طور تي ٻڏي چڪو آهي، ۽ پريس ڪلب جي اندر پيل سمورو سامان به ختم ٿي ويو آهي جنهن ۾ ڪمپيوٽر، ڊجيٽيل ڪيمرا، ٽي وي ڪيمرا، فرنيچر، ۽ ٻيون شيون مڪمل طور تي ختم ٿي چڪيو آهن، اسان جا گھر به ٻڏي ويا سڄو وهنوار مڪمل طور تي ختم ٿي ويو ، ڀاتين کي سنڀاليون يا پاڻي جھاڳي روزانو ڪنهن ٻئي شهر پهچي اخبارن کي خبرون موڪليون، هتي موبائيل سروس ناهي ، شهر ۾ پيٽرول ناهي صرف هڪ گڏھ گاڏي سروس آهي جنهن ذريعي اوهان هڪ ڏينهن ۾ ٻين شهرن مان ڪم لاهي واپس ملڪاڻي نٿا پهچي سگھو، هن ٻڌايو ته هتي چوپائي مال جي ويڪسين به نه ٿي آهي ،هڪ ڏينهن لائيو اسٽاڪ وارا آيا هئا ،انهن کي مون پنهنجي ذاتي آفيس رڳو انهي ڪري ڏني هئي ته هو انهي علائقي ۾ جانورن جي ويڪسين ڪندا، پر اهي به هڪ ڏينهن فوٽو سيشن ڪرائي جيئن روانا ٿيا آهن تيئن وري واپس نه موٽيا آهن. هن ٻڌايو ته سندن علائقو ته هڪ طرف پر هو ڏيڍ مهيني کان اخبارن جو به منهن نه ڏسي سگھيا آهن، ۽ دنيا جھان ۾ ڇا پيو ٿئي انهي بابت به کين ڪا خبر ناهي صرف ريڊيو ئي آهي جنهن ذريعي ڪجهه خبر چار پوي ٿي،

پاڪستان ڪارڊ جو خفو!!

يونين ڪائونسل خير پور گنڀو جيڪا هن وقت مڪمل طور پاڻي هيٺ آهي انهي لاءِ پاڪستان ڪارڊ ٺاهڻ لاءِ پنگريو ۾ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي ، ڪاغذ تي جيڪڏهن نقشو ڏسي فيصلو ڪجي ته اهو هنڌ بلڪل صحيح رکيو ويو آهي پر هن وقت ملڪاڻِي شريف جو ٽنڊو باگو، پنگريو ڏانهن ويندڙ رستو پاڻِي هيٺ هجڻ ڪري مڪمل بند آهي،صرف هڪ ئي رستو آهي جيڪو سانگي ڦرهو تان ٿي ٽنڊو باگو ۽ پوءِ پنگريو وڃي ٿو مقامي ماڻهن موجب ڪُل سفر 140 ڪلوميٽر ٿئي ٿو،جنهن تي عام ٽرانسپورٽ ذريعي 280 رپيا رڳو ڪرايو خرچ اچي ٿو جڏهن ته 100 رپيا ٻيا به گهرجن جنهن مان ماني وغيره کائي سگھجي، هنن جو چوڻ آهي ته هڪ ته هو اڳي ئي معاشي طور تي ختم ٿي چڪا آهن مٿان وري هي خرچ ڪٿان ڀرين، سڄي شهر ۾ هڪ ميڊيڪل اسٽور آهي جنهن تي دوائن جي شديد کوٽ آهي، ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ جو چوڻ هو ته سندن ٻيو ميڊيڪل اسٽور ٻڏي چڪو آهي، جيڪڏهن پاڻي جھاڳي هو حيدرآباد مان دوائون وٺي به اچي ته اهي کيس تمام گھڻيون مهانگيون پون ٿيون ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهن کي مهانگيون ڏيون ٿا ته اهي شڪايتون ٿا ڪن ته هن ڏکي گھڙي ۾ اوهان به ڦريو ٿا، ٻي طرف توهان جڏهن ٽندو باگو کان بدين ڏانهن اچو ٿا ته رستي ۾ نادرا پاران پاڪستان ڪارڊ لاءِ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جتي رات جو سوّن جي تعداد ۾ ماڻهو ستل نظر ايندا،هنن جو چوڻ آهي ته هنن کي ٻه ٻه ڏينهن ٿي ٿاوڃن رڳو واري اچڻ ۾، پوءِ گھر ڇو نٿا وڃو ،ٻئي ڏينهن اچي قطار ۾ بيهو،واري سوال تي هو چون ٿا ته گھر هجي ته وڃون!!

ساڳي صورتحال خيرپور گنڀو ڳوٺ جي آهي، هن علائقي جي اندر ڪوبه گھر سلامت نه رهيو آهي، سمورا ماڻهو جرڪس شاخ جي ڪنڌي تي رلين ۽ سخت ڪپڙي جا اجھا ٺاهي ويٺا آهن ، رات جو جڏهن اسان جو هتان کان گذر ٿيو ته تمام گھڻو مڇر هو،جرڪس شاخ مڪمل سُڪل هئي، هنن ماڻهن لاءِ پيئڻ جو پاڻي به وڏو مسئلو آهي، هن سڄي علائقي ۾ ڪٿي به ڪنهن سرڪاري ۽ غير سرڪاري اداري جي طبي ڪيمپ نه هئي. هن سڄي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد اها ڳالهه آساني سان ڪري سگھجي ٿي ته جيڪڏهن هنن ماڻهن جي مالڪي نه ڪئي وئي ته علائقي ۾ وڏي پئماني تي وبائي بيماريون پکڙجي سگھن ٿيون

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو