Home / افيئر / آمريڪا: رپبلڪن پارٽي پاران چين سان لاڳاپا ختم
above article banner

آمريڪا: رپبلڪن پارٽي پاران چين سان لاڳاپا ختم

صدر رچرڊنڪسن ۽ پرڏيهي وزير هنري ڪسنجر آمريڪا تي چين جا دروازا کوليا، ان وقت کان ري پبلڪن پارٽي چين سان لاڳاپا نڀائي رهي آهي جڏهن ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو رويو سخت گير هو. آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن جي شروعاتي مهم ۽ غير معمولي ڳالهه ڏٺي وئي. ري پبلڪن پارٽي جي مٽ روني پنهنجي تقرير ۾ سڀني کي ڏندين آڱريون وجهي ڇڏيون. هن چين تي تنقيد ڪندي چيو ته چين اسان کي هر طرح دوکو ڏئي رهيو آهي. خاص طور تي معيشت ۾. روني ري پبلڪن پارٽي جي 40 ساله پرڏيهي پاليسي کي تبديل ڪري ڇڏيو. ٽائمز مطابق هن جو جواب هاڻوڪي معاشي گهوٽالي ۾ ڳولي سگهجي ٿو. آمريڪي عوام سمجهي ٿو ته هنن جي اقتصادي ڏيوالپڻي جو ذميوار چين آهي. هاڻوڪي سروي مان خبر پئي آهي ته آمريڪي شهرين جي اڪثريت اهو ٿي سمجهي ته چين جي ترقي آمريڪا لاءِ خراب آهي. تنهن ڪري ري پبلڪن پارٽي به چين سان پنهجا سٺا لاڳاپا قائم رکڻ جي پاليسي تنديل ڪري ڇڏي. جڏهن کان چين اهو فيصلو ڪيو آهي ته هو غير ملڪي ڪمپنين جي جاءِ تي پنهنجي ڪمپنين کي موقعا مهيا ڪندو ۽ جڏهن کان هن انهي آمريڪي دٻاءُ کي رد ڪري ڇڏيو آهي هو انٽيليڪچوئل رائٽس جي معاملي ۾ چيني ڪمپني جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري. آمريڪي واپاري حلقا سخت ڳڻتي ۾ ورتل آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو