Home / ڪور افيئر / اسٽيبلشمينٽ جي لانچنگ پيڊ تي تيار نوان راڪيٽ
above article banner

اسٽيبلشمينٽ جي لانچنگ پيڊ تي تيار نوان راڪيٽ

پ پ سرڪار ڪُڌي ۽ ڪرپٽ ته هميشه ليکي ويندي هئي پر هاڻي ان کي محب وطنيءَ جي معاملي ۾ “ڪاري” قرار ڏنو پيو وڃي. حسين حقانيءَ کان ٿڏي تي استعيفي وٺڻ جي باوجود سرڪار جي مخالفن جي هانءُ تي ڇنڊو نه پيو آهي. جي استعيفي نه ورتي وڃي ها ته به اهي رت پي وڃن ها ۽ استعيفي ڏيڻ جي صورت ۾ به هنن کي سڪون ڪونهي. اڳ ۾ اهو رينگٽ هو ته فورن استعيفي ڏئي. آخر دير ڇو پيو ڪري؟ هاڻي اڪثر ٽي وي چينلز تي هلندڙ چيخ و پڪار شوز  ۾ پڇيو ٿو وڃي ته جيڪڏهن حقاني بي گناهه هو ته پوءِ استعيفي ڇو ڏنائين؟ ۽ ٻيو اهو ته رڳو هڪڙي استعيفي سان ته ڪم ڪونه هلندو. ان جي معني توهين پاڻ سمجهو ٿا.

حيرت آهي. ايڏي غيرت مان ڇا هو بجلي ٺاهي لوڊ شيڊنگ ختم ڪرڻ چاهين ٿا؟ ٻيو سڄو زور اهو ثابت ڪرڻ تي آهي ته ملڪ جي آزاديءَ کي گروي رکڻ جو ڪم ڄڻ ته زرداري سرڪار ايجاد ڪيو آهي. ڄڻ هن کان اڳ واريون حڪومتون آمريڪا کي گاهه ئي نه وجهنديون هيون. اڳوڻي ڪميونسٽ آرگنائزنگ ڪميٽيءَ واري ڪامريڊحيدر نظاماڻي ڊان ۾ پنهنجي ليک ۾ سڄي تاريخ پيش ڪئي آهي ته 1947ع کان وٺي اڄ تائين پاڪستاني حڪمران ۽ سپهه سالار ڪيئن نه آمريڪا بادشاهه جي ڪنيزن وانگر ڪنڌ جهڪايو بيٺا رهيا آهن. آمريڪا جي علم ۾ آڻڻ کان سواءِ ڪوبه ڪم ٿيڻ ممڪن ئي ڪونه هو. حد ته اها آهي ته ايوب خان ۽ اسڪندر مرزا 1958ع ۾ جڏهن مارشل لا هڻڻ جي پلاننگ ڪئي ته مارشل لا هڻڻ لاءِ مقرر ڪيل تاريخ کان هفتو اڳ آمريڪي سفير کي اطلاع ڏنو ويو ته هو ڪهڙو اڇو منهن ڪرڻ وڃي رهيا آهن.   

منصور اعجاز پنهنجي مضمون ۾ حقانيءَ جو نالو ڪونه لکيو هو. اطلاعن مطابق مضمون ڇپجڻ کان پوءِ ڳجهن ادارن ملڪ کان ٻاهر منصور اعجاز سان رابطو ڪري کانئس پيرائتو احوال پڇيو، ميمو جي ڪاپي وٺي اهي شهادتون گڏ ڪيون جن کي فارينزڪ ايويڊنس سڏيو وڃي ٿو. گمان اهو آهي ته منصور اعجاز حقانيءَ جو نالو ڳجهن ادارن کي ٻڌايو هوندو. عمران خان اهو پهريون ماڻهو آهي جنهن مضمون ڇپجڻ جي ٻن هفتن کان پوءِ مينار پاڪستان واري ميوزيڪل جلسي ۾ ڳالهه ڦاڙي ته حقاني ليٽر موڪليو هو. هاڻي عمران خان وٽ ان سوال جو جواب ئي ڪونهي ته جيڪا معلومات رڳو ڳجهن ادارن وٽ هئي سا هن تائين ڪيئن پهتي؟ هن کي ڪير لانچ ڪري رهيو آهي، هن کي ڪير پڙهائي تيار ڪري رهيو آهي، ان ڏس ۾ ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا.

پنجاب جي سوسائٽي، ميڊيا ۽ پاليٽڪس واري اکاڙي ۾ محب وطني ۽ غيرت سان سرشار پهلوان سندرا ٻڌي اچي لٿا آهن. “مئلن کي ٿو مارين” وانگر هو پيپلز پارٽيءَ جي شهيد سرڪار سان چرچا ڪري رهيا آهن. انصاف ليگ ۽ نواز ليگ  ۾ سرڪار کي بڇڙو ڪرڻ جو مقابلو متل آهي. نواز شريف ميمو معاملي ۾ پاڻ سپريم ڪورٽ ۾ وڪيل طور پيش ٿيڻ وڃي رهيو آهي.  ماڻهن جي يادداشت ڪيڏي نه ڪمزور آهي! هيئر ٽرانسپلانٽ ڪرائڻ واري فرق کي ڇڏي، هي اهو ساڳيو نواز شريف آهي جنهن کي 1999ع ۾ اچي سر جي لڳي هئي ۽ هن آمريڪي پرڏيهي وزير ڪارل انڊرفرٿ کي هٿ ادب جا ٻڌي چيو هو ته آمريڪا پنهنجو اثر رسوخ هلائي فوج کي سندس تختو اونڌو ڪرڻ کان باز رکي.

سڀ ست بسم الله چئو! ميمو معاملو اتي پهچي ويو آهي جتي ميمو جي سچائي ثابت ڪرڻ کان وڌيڪ زرداريءَ کي غدار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. خطرو ان صحيح جاءِ تي پهچي ويو آهي جتي نواز ۽ عمران ان کي پهچائڻ چاهيو ٿي. سنگت ڀوڳ ٺاهيو ته هاڻي کان توهان کي ايئن نظر ايندو ڄڻ ڪنهن ڇوڪريءَ ڏانهن عاشق جو لکيل خط سندس پيءُ کي هٿ چڙهي ويو هجي.

ڪاغذ جي پرزي ٻيلا ٻاري ڇڏيا آهن. اها باهه اڃا وڌيڪ پئي ڦهلجي، ان وچ ۾ مهمند ايجنسيءَ ۾ ناٽو جي هيلي ڪاپٽرن پاڪستاني چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري جو سيڪيورٽي فورسز جا جوان ماريا آهن ته سرڪار جي آزمائش ويتر وڌي وئي آهي. سرڪار جيڪي ڪجهه به ڪري پئي، اهو مخالفن کي خوش ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي. هزارين دفاعي تجزئي نگار فرمائي رهيا آهن ته پاڪستان کي گهرجي ته نورستان مان اندر گهڙي اچي چترال اسڪائوٽس تي حملو ڪندڙن جو پيڇو ڪندي افغانستان اندر وڃي حملو ڪرڻ گهرجي. ٻيا چون ٿا ته هي ٽيون ڀيرو ناٽو اسان جا همراهه ماريا آهن ۽ رڳو اهو چوڻ ڪافي ڪونهي ته غلطي ٿي وئي. ناٽو ۽ آمريڪا کي ان لاءِ غير مشروط معافي وٺڻ گهرجي. سرڪار ويچاري بارڊر بند ڪيا، ناٽو جي سپلاءِ لائين روڪي، شمسي ايئر بيس خالي ڪرايو، بون ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪيو پر ايڏو ڪجهه ڪرڻ جي باوجود همراهه چون ٿا ته پ پ سرڪار “اب ڪي مار” واري روش تي هلي رهي آهي.

پيارو پنجاب هن وقت جنهن دل و جان سان نواءِ وقت واري نظاميءَ جي ڏسيل لائين تي هلي رهيو آهي ايئن اڳ ڪڏهن به ڪونه هليو آهي. پاڙيسري ملڪن تي چڙهت ڪرڻ جا مطالبا عام جام ٿي رهيا آهن. حد ته اها آهي ته غير اخلاقي مواد وارا چينل هلائيندڙ ڪيبل آپريٽر به قومي جذبي سان سرشار ٿي ٻاهر نڪري آيا آهن ۽ انهن بي بي سي سميت سمورا پرڏيهي خابرو چينل بند ڪري ڇڏيا آهن. نتيجي ۾ سڌ سماءُ جي دنيا ۾ ٻوسٽ وڌندو پيو وڃي.

پر ڪجهه نيون ڳالهيون به ٿيون آهن. جيو ٽي وي وارن مهمند حملي کي ايتري ڪوريج ڪانه ڏني جيتري ٻيا چينل ڏيئي رهيا هئا. بحث مباحثا پنهنجي جاءِ تي، باقي خبرن ۾ آهستي آهستي ان اشوءَ جو نمبر هيٺانهين تي رکي ڇڏيائون ۽ ڪراچيءَ ۾ گيس جي لوڊ شيڊنگ جا فيچر ٽاپ تي پئي هليا. ناٽو واري حملي کان اڳ حقانيءَ واري معاملي ۾ جتي ٻيا اردوچينل ميڊيا ٽرائيل ڪري حقانيءَ جي ڳچيءَ لاءِ رسو وٽي رهيا هئا اتي جيو ٽي وي جوابي ميڊيا ٽرائل ڪري حقانيءَ جي اخلاقي ضمانت ڪرائي ڇڏي. هو وڏي پريشر مان نڪري آيو ۽ پبلڪ پرسيپشن جي لحاظ کان ماڻهن جو هن تي غصو گهڻو گهٽ ٿي ويو آهي.

ميمو معاملي ۾ صدر زرداريءَ کي سندس پنهنجي پارٽيءَ کان وڌيڪ سندس ساٿي جماعتن کان مدد ملي آهي. چوڌري شجاعت صدر زرداريءَ جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ اڳتي آيو. ان ئي هفتي ۾ سندس پارٽي هڪ ضمني اليڪشن به کٽي وئي. اصل اليڪشن جيڪا مارچ ۾ ٿيڻي آهي، تنهن جي رستي روڪ لاءِ ميمو معاملي ۽ ناٽو واري حملي کي چڱيءَ ريت استعمال ڪيو ويو آهي. گذريل مهيني کن اندر اها تبديلي سا ضرور آئي آهي ته نواز ليگ استعيفائن واري آپشن تان هٿ کڻي وئي آهي ۽ جلسن جلوسن وسيلي هٿوراڙيون هڻي رهي آهي. هاڻي اهو دليل به ڏنو پيو وڃي ته “پارليامينٽرين وڏا سور کائي عوام کان مينڊيٽ وٺي ان لاءِ ڪونه ٿا اچن ته پارليامينٽ ۾ پهچي استعيفائون ڏيئي ڇڏين. تنهن ڏينهن اخبار ۾ ڪارٽون چپيو جنهن ۾ نواز ليگ وارو شينهن  ايئن ڏيکاريل هو جيڪو پنهنجو پڇ ٽنگن اندر لڪايو بيٺو هو ۽ پڇ تي لکيل هو “گڏيل استعيفائون.”

هن وقت سياسي پنڊت ڪنڊليون ڏسڻ ۾ رڌل آهن ته ڇا اهي چونڊون جيڪي پنهنجي شيڊيول موجب 2013ع جي فيبروريءَ ۾ ٿيڻيون آهن سي اڳ ۾ ته ڪونه ٿينديون. ڪيترن جو چوڻ آهي ته پ پ سرڪار اهڙي اچي ڦاٿي آهي جو مخالفن کي ڪنهن ڪم ۾ رڌل رکڻ لاءِ ان کي اليڪشن جو ميلو لڳائڻو ئي پوندو. ان ڪري عام چونڊون مدي کان اڳ ٿينديون. ان اندازي تي ته گهڻا ماڻهو متفق آهن ته جيئن ئي مارچ ۾ سينيٽ جي چونڊن مان صدر صاحب کي واندڪائي ملي، هو گهٽ ۾ گهٽ مڪاني ادارن جي چونڊن مان رسو ڪڍي ڇڏيندو.

نواز ليگ سينيٽ جي اليڪشن کي ته هونئن ئي روڪڻ چاهي ٿي پر شايد وچئين مدي واريون عام چونڊون نه ٿيڻ لاءِ به اها دعا ڪري رهي هجي. هن مرحلي تي نواز ليگ ڪا به اليڪشن افورڊ نٿي ڪري سگهي. شايد صدر زرداري جيڪو ڪمال جي نظر رکي ٿو سو به اها ڳالهه تاڙي ويو هجي ته ٻاهران نواز ليگ جو موقف ڇا به هجي پر اندران ئي اندران اها اليڪشن کان ايئن لنوائي رهي آهي جيئن ڇوڪري مڱيندي کان لنوائيندي آهي. عجيب پارٽي آهي! هونئن ڇوڪرين ايڏو لنوائڻ گهڻو اڳ ڇڏي ڏنو آهي.

تجزيو آيو آهي ته پنجاب جا ٻه مڊل ڪلاس پنهنجي خاص مفادن ۽ ترجيحن جي ڪري آمهون سامهون ٿي بيهي رهيا آهن. چيو پيو وڃي ته 1990ع ۾ آرس ڀڃي اٿيل پنجاب جي تڏهوڪي نئين مڊل ڪلاس کي نئين سياست، نئين پارٽي ۽ نئين قيادت گهربل هئي تنهن ڪري ان نواز شريف کي ميدان تي آندو ۽ اڳتي هلي ڀاري مينڊيٽ سان به نوازيو. ويهن ورهين کان پوءِ پنجاب جي اڪنامڪ گروٿ هڪ نئون ڪنزيومر مڊل ڪلاس پيدا ڪيو آهي. “کاتي پيتي گهراڻن” سان تعلق رکندڙ هن نئين مڊل ڪلاس جون ٻه خاصيتون آهن؛ هڪ اهو ته اهو پنهنجي اڳوڻي هم منصب کان وڌيڪ تعليم يافته، مهارت رکندڙ ۽ دنيا جهان ڏٺل ڪلاس آهي. ٻيو اهو ته ان جو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوانن تي ٻڌل آهي. هن مڊل ڪلاس کي پنهنجي نئين سياست، نئين پارٽي ۽ نئين قيادت گهرجي ٿي. هن ڪلاس جي خواهشن تي راند ڪندي اسٽيبلشمينٽ ڪرڪيٽر لانچ ڪيو آهي.

تنهن ڏينهن ان ئي ڪلاس سان تعلق رکندڙ هڪ ڇوڪري پڇي رهي هئي ته ڀلا سنڌ جا ماڻهو عمران خان کي ووٽ ڏيندا؟ منهنجو جواب هو ته اسان وٽ پنهنجا عمران خان به پيدا ٿي پيا آهن پر هو ووٽ ڪونه ڏيندا. هن وٽ سوال هو ته آخر سنڌ جا ماڻهو پ پ لاءِ غير مشروط حمايت تي نظرثاني ڪندي هڪ صاف ڪردار جي ماڻهو کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار ڇو نٿا ٿين؟ منهنجو چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو ڪرپشن کي اشو نٿا سمجهن. هو نظاميءَ جي نظرئي کي اڳتي وڌائيندڙ رائيٽ ونگر سان گڏ ڪونه هلندا. هنن کي خبر آهي ته سياست جي نتيجي ۾ ملندڙ هن پارٽيءَ کي ملندڙ پاور هنن جي زندگيءَ ۾ ڪابه تبديلي ڪونه آڻيندو. ليڊرشپ جي سمورين غلط ڪارين جي باوجود غريب ۽ پسمانده طبقي جا هي ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جي ديوار کي ٽيڪ ڏيئي اچي ويهن ٿا. نه هنن کي ڪو ٻيو سهندو نه هو ڪنهن ٻئي سان ڪمفرٽيبل هوندا.  سنڌ جا ماڻهو سياست نٿا ڪن، فقط ووٽ ڏين ٿا.  شاعر مير تقي مير ڄڻ ته هنن لاءِ ئي چئي ويو هو ته؛

هوگا ڪسي ديوار ڪي سائي تلي مير

ڪيا ڪام محبت سي اس آرام طلب ڪو؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو