Home / افيئر / ايٽمي پروگرام بابت عالمي ايجنسي جي رپورٽ کانپوءِ ايران- اسرائيل تڪرار وڌڻ جا امڪان
above article banner

ايٽمي پروگرام بابت عالمي ايجنسي جي رپورٽ کانپوءِ ايران- اسرائيل تڪرار وڌڻ جا امڪان

ايران جي ايٽمي پروگرام بابت هلندڙ مهيني يعني نومبر ۾ منظرعام تي ايندڙ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي رپورٽ کانپوءِ اسرائيل جو چوڻ آهي ته اسرائيل عراق  وانگر ايران جي ايٽمي تنصيبات کي تباهه ڪرڻ لاءِ فوجي آپشن اختيار ڪري سگهي ٿو ۽ اهو ان سلسلي ۾ اڳواٽ منصوبابندي ڪري چڪوآهي. عالمي ايٽمي توانائي جي رپورٽ پڌري ٿيڻ کان اڳ اسرائيل جي وزير اعظم نيتن ياهو پنهنجي دفاع واري وزير ايهودبارڪ وچ ۾ ايران جي ايٽمي تنصيات کي تباهه ڪرڻ لاءِ فوجي رستو اختيار ڪرڻ بابت اتفاق ٿي چڪو هو.ان موضوع تي اسرائيل جي پارليامينٽ ۽ ميڊيا ۾ بحث هلندڙ آهي، ۽ اسرائيل ۾ هن وقت بنيادي موضوع ايران جو ايٽمي پروگرام آهي. اسرائيل جي ايٽمي پروگرام جي بانيڪارن ۾ شامل هاڻوڪو صدر شمعون پيريز جو به اهو چوڻ آهي ته اسرائيل جي سلامتي لاءِ سڀ کان وڏو خطرناڪ ايران جو ايٽمي پروگرام آهي، ۽ ايران جي ايٽمي تنصيبات تي حملي جا گهڻا امڪان موجود آهن.

چيو وڃي ٿو ته ان سلسلي ۾ اسرائيل، آمريڪا فرانس ۽ اولهه جي ملڪن سان به صلاح مصلحت ڪري رهيو آهي. هونولولو ۾ عالمي اڳواڻن جي اجلاس جي موقعي تي آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما چيو آهي ته ايٽمي ايران نه رڳو خطي بلڪه آمريڪا لاءِ به وڏو خطرو آهي. اسان ايران تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ روس ۽ چين سان پڻ صلاح مصلحت ڪري رهيا آهيون. اسان ايران جي مسئلي جو سفارتي ڳالهين وسيلي حل چاهيون ٿا. پر ٻيا آپشنز به غور ويچار هيٺ آهن. عالمي برادري ايران جي ايٽمي پروگرام جي باري ۾ آمريڪا جي موقف تي متفق آهي. آمريڪا صدر بارڪ اوباما ۽ فرانس جي صدر نڪولس سرڪوزي جي وچ ۾ ٿيل جيڪا ڳالهه ٻولهه منظرعام تي آئي هئي ان ۾ فرانس جي صدر نڪولس سرڪوزي اسرائيل جي وزير اعظم نيتن ياهو کي ڪوڙو قرار ڏنو هو. ليڪن 13 نومبر 2011 جي اسرائيلي اخبار Yediot Aharont موجب فرانس جي صدر نڪولس سرڪوزي ايران خلاف وڌيڪ سخت پابندين جي حمايت ۽ ايراني ايٽمي پروگرام خلاف اسرائيل جي وزير اعظم نيتن ياهو کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ اسرائيل جي ايران جي ايٽمي پروگرام خلاف نقطئه نظر جي حمايت ڪئي وئي آهي. عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي رپورٽ ۾ مختلف ملڪن جي ڳجهن ادارن جي رپورٽن موجب ايران ايٽمي صلاحيت جي حاصلات ڏانهن وڌي رهيو آهي، جڏهن ته ايٽمي توانائي ايجنسي ۾ ايران جي نمائندن جو چوڻ آهي ته ايران جو ايٽمي پروگرام پر امن مقصدن لاءِ آهي. ايران جي ايٽمي پروگرام بابت پيش ڪيل ثبوت جعلي آهن ۽ آمريڪا ان سازش ۾ ملوث آهي. اسرائيل جي وزير اعظم نيتن ياهو بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي جي رپورٽ شايع ٿيڻ کانپوءِ ڪابينا ۽ پنهنجي فوجي صلاحڪار سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. وزير اعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي عالمي ايٽمي ايجنسي جي ايران جي ايٽمي پروگرام خلاف رپورٽ مان ثابت ٿي ويو آهي ته ايران کي ايٽمي طاقت جي حاصلات کان روڪڻ لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪرادار ادا ڪرڻ گهرجي. انهي رپورٽ مان اهو ثابت ٿي ويو آهي ته اسرائيل ۽ ٻين ملڪن جاخدشا درست آهن. دنيا کي ايران جي ايٽمي پروگرام خلاف متحد ٿيڻ گهرجي ڇو ته ايران جو ايٽمي پروگرام عالمي امن لاءِ خطرو آهي.

ياد رهي ته اسرائيل صدام حسين جي دور ۾ عراق جا ايٽمي ري ايڪٽر تباهه ڪيا هئا، صدام حسين حڪومت جي دعويٰ هئي ته عراق جي ايٽمي ري ايڪٽر جي تباهي جي منصوبي ۾ ايران اسرائيل کي بنيادي معلومات مهيا ڪئي هئي. ايران حڪومت جا اهم سربراهه هاڻي اها ڳالهه تسليم ڪن ٿا ته ايران جنگ دوران ايران جي وڌ مان وڌ دولت هٿيارن تي خرچ ڪئي وئي. ڪجهه رپورٽن موجب ايران اهي هٿيار آمريڪا جي مدد سان اسرائيل کان خريد ڪيا هئا.

وڪي ليڪس موجب سعودي عرب ايران جي ايٽمي پروگرام خلاف سخت ڪارروائي جي حق ۾ آهي باوجود ان جي رياض ۽ تهران وچ ۾ ويجهن لاڳاپن مان ظاهر ٿئي ٿو ته وچ اوڀر ۾ ويجهڙ  ۾ اٿيل تحريڪن کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطا وسيع ٿيا آهن. بحرين سميت نارجي مختلف ملڪن بابت ٻنهي ملڪن وچ ۾ الڳ نقطئه نظر هجڻ باوجود ڳالهه ٻولهه طرف رجحان وڌيو آهي. ليڪن وچ اوڀر جي ڪجهه اخبارن ايران جي ايٽمي پروگرام کي شيعاايٽم بم قرار ڏنو آهي، سعودي عرب جو موقف آهي ته اهو به ايران وانگر ايٽمي بم جي صلاحيت حاصل ڪندو. وچ اوڀر جا ٻيا ملڪ مصر ۽ شام به ايٽمي سرگرميون جاري رکيو پيا اچن. هن وقت وچ اوڀر ۾ رڳو اسرائيل وٽ ايٽمي هٿيار آهن. اسرائيل هن خطي ۾ ڪنهن وٽ به ايٽمي هٿيار رکڻ جي حق ۾ نه آهي: روس، چين، اتر ڪوريا سميت ٻيا ملڪ جيتوڻيڪ اسرائيل  ۽آمريڪا جي ايران جي ايٽمي پروگرام بابت موقف سان سهمت نه آهن. ليڪن لبيا ۾ ڪرنل قذافي جي انجام مان خبر پوي ٿي ته وچ اوڀر ۾ فيصله ڪن طاقتون گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جا وسيلا ڪتب آڻين ٿيون.

اهو به نه وسارڻ کپي ته اڳوڻي شاهه ايران جي زوال ۾ جتي ٻين عنصرن جو عمل دخل هو اتي مٿس واشنگٽن جو اهو به الزام هو ته هو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي مدد ڪري رهيو هو. ايران جي انقلاب وقت آمريڪا جي تهران ۾ سفير پنهنجي يادگيرين ۾ تسليم ڪيو آهي  ته اڳوڻي شاهه ايران کيس هڪ ملاقات ۾ ان ڳالهه جي پڪ ڪرائي هئي ته هو ذوالفقار علي ڀٽو تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿو ته هو ايٽم بم جي حاصلات جي خواهش ترڪ ڪري ڇڏي.

حقيقت اها آهي ته ايران جي ايٽمي سياست سڄي خطي ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي ۽ اسرائيل جي اردن طرفان ايران جي ايٽمي تنصيبات تي حملن کي اولهه جي ميڊيا رد نٿي ڪري. برطانوي اخبار ٽيليگراف موجب اسرائيل آمريڪي اجازت کانسواءِ ايران تي حملي جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ ايندڙ سال ڪنهن به وقت اسرائيل ايران تي حملو ڪري سگهي ٿو. ٻئي طرف اوباما انتظاميا آمريڪي ادارن کي اهي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته اهي اسرائيلي منصوبن بابت معلومات حاصل ڪن. ايران جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سندن ايٽمي تنصيبات تي حملو ڪيو ويو ته هو جوابي ڪارروائي ڪندا. ايراني حڪومت جو اهو به چوڻ آهي ته سندن ايٽمي پروگرامن جا ڪي فوجي مقصد نه آهن اهو پر امن مصدن لاءِ آهي.

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ايران خلاف ڪيترائي ٺهراءَ پاس ڪيا آهن. ايران خلاف عالمي ايٽمي ايجنسي جي نومبر 2011 جي رپورٽ کانپوءِ آمريڪا ۽ فرانس سميت اولهه جا ملڪ ايران خلاف سخت پابنديون هڻڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن. فرانس ان سلسلي  ۾متبادل تجويزون به اڳيان آڻي رهيو آهي. يونيسڪو ۾ فلسطين جي مڪمل ميمبرشپ ۽ افغانستان جي صورتحال جي تناظر ۾ شام ۾ ساڍا ٽي هزار مظاهرين جي مارجڻ ۽ وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام خصوصي اهميت حاصل ڪري ورتي آهي.

عالمي مبصرن جو چوڻ آهي ته عالمي معيشت جي تناظر ۾ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن وچ ۾ ماضي جهڙي سرد جنگ جهڙا تڪرار موجود ناهن، ان ڪري ماسڪو ۽ بيجنگ ايران جي سفارتي سرپرستي ۽ حمايت تائين پاڻ کي محدود رکندا. اسرائيل کي به ان ڳالهه جو شدت سان احساس آهي ته عالمي سياست ۾ ان جي پوزيشن هاڻي ڪمزور آهي.

بهرحال تاريخ پاڻ کي ورجائي رهي آهي، مصر جي صدر ناصر چيو هو ته اسرائيل کي فقط ٻه شيون والاريل عرب علائقا خالي ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿيون. آمريڪا جو دٻاءُ يا عرب دنيا جي گڏيل طاقت. جيتوڻيڪ هينئر عرب دنيا انتشار جو شڪار آهي، پوءِ به ايران ان جي حمايت کانسواءِ پاڻ بچائي نٿو سگهي.

-

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو