Home / ڪور افيئر / بدروح طالبان سنڌ ۾
above article banner

بدروح طالبان سنڌ ۾

 

ٻه قومي نظريي جا گهاوَ جاري آهن. مذهب جي بنياد تي قائم هن رياست ۾ اڪثريتي مسلمان آباديءَ فقط ڇهه سيڪڙو غيرمسلم ارواحن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ڪڏهن توهين جي تهمت هيٺ يا وري ڪارنهن جي آڙ ۾. صدين کان جاري سنڌ اندر ڀائيچاري وارو ماحول ٿورڙن انتهاپسندن هٿان تباهيءَ جي ڪنڌي تي آهي. ڌرتيءَ جو درد دل ۾ رکندڙ ڪو به انسان رت جي ان کيڏاڙ کي روڪڻ جو وَسُ نه ٿو ساري. سيڪيولر سوچ سانڍيندڙ ڌريون سدائين وانگر لاچار ۽ ويچاريون ٿي ڌرمي جنون جي اَنڌَ طرف تريون مهٽيندي نهاري رهيون آهن. قومي اُڌما مَنَ ۾ رکندي، پنجاب جي ڪِرستان ۽ احمدي لوڪ جو ڪوس به اوتروئي تڙپائيندڙ ٿو ڀائنجي جيترو پنهنجي هم زبان هندو ڀائيءَ جو. اچرج ٿو وٺي ته سلامتيءَ جي مذهب جي پوئلڳ چورانوي سيڪڙو گهڻائي ٻي ڪنهن مَت جي باقي چند ماڻهن کان ڊِنَل ڇو آهي جو سندن وجود ئي ميسارڻ ٿي گُهري.

71ع جي جنگ لاءِ چون ٿا. اسلام ڪوٽ جو مُکي به ايئن ڪٺور دل آهي جيئن سنڌ جا ٻيا مسلمان ڀوتار. ٿرپارڪر ۾ اڪثريت هندو ڌرم وارن جي. سندن گهرن ۾ مُسلمان ڪَميُن ڪاڻ ڌار ٿانوَ. انڊيا جي فوج نگر پارڪر ٽپي اسلام ڪوٽ ۾ داخل ٿئي ٿي. ساڳيو مُکي، هندو چڱهڙ کي گڏ ڪري مُسلم بجير ۽ ٻين ذاتين جي عورتن ۽ مردن کي پنهنجي ٻچن سان گڏ پناهه ۾ رکڻ جو فيصلو ٿو وٺي. شهر جي اڪيلي مسجد جي حفاظت به سَندي ذِمي کڻن ٿا. تِلڪ لڳل نوجوان، هندستاني آرمي هٿان شهيد ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ غير مذهبن جي مسجد تي پهرو ڏين ٿا. موٽ ۾ اسين کين ڇا ٿا آڇيون؟

ڪاليج ويندي زوريءَ کنڀيل ميرپورخاص جون ٻه هندو ڀينرون ڪنهن کان وسريون آهن. نياڻين کي زوريءَ مسلمان ڪري، سندن نڪاح غير ۽ وحشي ماڻهن سان. نواب شاهه ۾ ڊاڪٽريءَ جي آخري سال جي شاگردياڻي اوما ديوي سان بليڪ ميلنگ ۽ نتيجي ۾ هُن معصوم جو آپگهات. رام جي مڃيندڙ واپارين جو ڀُنگ لاءِ اغوا. ڏک جهڙي ڳالهه ته اهڙي ڪُڌي ڪرِت ۾ جتي مذهبي جنون نظر ٿو اچي اُتي ڪجهه قوم پرست جَوڌن جا پَيرَا به ملن ٿا. روايتي ڌاڙيل عنصر کان ته سڀئي تپايل آهيون، تَرَ جا وڏيرا پڻ هندو سَيٺين کي ڊوڙائي سندن ملڪيتون هڙپ ڪرڻ جي آسري ۾ آهن. سنڌ جي ايڪتا ايئن برباد ٿي رهي آهي. رياست، سرڪار، لِڪل قوتون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اقليتن ڏانهن ڪيتري اُجري نگاهه وجهن ٿا- ڳُجهو آهي ڇا؟

سنڌي هندن کي ڀارت لَڏائي پاڻ کي ڇا پلئه پوندو؟ ورهاڱي مَهل اهڙن لکين ڪٽنبن کي هتان ڪڍي ڌرتي ڌڻي مسلمان آباديءَ ڪهڙو ڍَءُ پيتو؟ ڏاهپ ۽ وڻج اسان وٽان هليا ويا. ڌارين جا ڪَٽڪ اچي لٿا. ڪليمن جا ڪلور. وطن کي ٽوٽا ٽُڪرا ڪرڻ جا سانباها. هر شيءَ، هر اختيار ته پاڻ کا ن ڪڏهوڪو کسجي چڪا. پنهنجي وَيڙهي ۾ خُود ئي ويگاڻا آهيون. چار واڻيا جيڪڏهن آجپي ۾ رُڪاوٽ هجن ته ٺيڪ نه ته کين سَتَائي سرحد پار روانو ڪرڻ مان نقصان وري به مُسلم سنڌيءَ جو آهي. سندس اڪيلائي اڃا وڌندي. ٻاهرين لوڌ کي روڪڻ ممڪن نه رهندو. ڇوٽڪاري لاءِ هلندڙ ويڙهه ڪمزور ٿيندي. مذهبي انتهاپسندي اڃا سرس اسان جي صفن ۾ ڪاهي پوندي. پاڻ ۽ طالبان ۾ تفاوت ڪهڙو بچندو؟

ٿورڙي سمجهه رکندڙ سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي هندن ڪاڻ ٻاريل باهه جي نندا ڪرڻ کپي. اهو مَچُ وِسائڻ خاطر جَتن ڪرڻ گهرجن. کين ديوار سان لڳائڻ يا سنڌ ڇڏائڻ جهڙي لقاءَ لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کي ٻُنجو ڏيڻو پوندو. تنهن کان وڌيڪ وطن پرستي ٻي ڪا نه هوندي.

-ارشاد ميمڻ

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو