Home / افيئر / برما: آنگ سان سوڪي چونڊن ۾ حصو وٺندي
above article banner

برما: آنگ سان سوڪي چونڊن ۾ حصو وٺندي

برما ۾ جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ هلائيندڙ معروف خاتون رهنما آنگ سان سوڪي اعلان ڪيو آهي ته هوءَ پارلياماني چونڊ ۾ حصو وٺندي. هن جي سياسي پارٽي نيشنل ليگ فار ڊيموڪريسي جو چوڻ آهي ته هو ضمني چونڊن جي لاءِ پاڻ کي رجسٽر ڪرائيندي. واضح رهي ته انهن چونڊن جي شيڊول جو اڃا تائين اعلان نه ٿيو آهي. آنگ سان سوڪي جي جماعت نومبر 2010 ۾ ٿيندڙ چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هيو. جيڪي 20 سالن ۾ پهريون ڀيرو منعقد ٿيون هيون. بائيڪاٽ جو ڪارڻ اهو هو ته چونڊ قانون جي تحت سوڪي تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي هنئي وئي هئي پر هاڻي اها پابندي ختم ٿي چڪي آهي. اين ايل ڊي 1990 جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. ان هوندي به ان اقتدار هن کي منتقل نه ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ آنگ سان سوڪي کي سندس گهر ۾ نظربند رکيو ويو هو ۽ هڪ سال اڳ نئين حڪومت کيس آزاد ڪيو هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو