Home / افيئر / بلوچستان: سگهاري ميڊيا بندوق جي نشاني تي
above article banner

بلوچستان: سگهاري ميڊيا بندوق جي نشاني تي

اقتدار تي براجمان ۽ اصل حاڪم قوتن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت آهي، اظهار راءِ، تحرير ۽ تقرير سميت سياسي آزادي آهي. ليڪن سمورين دعوائن جي ابتڙ صحافي برادري لاءِ پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي ۽ خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه صحافين لاءِ انتهائي خطرناڪ علائقا آهن، جن غير جانبدار رهندي آزاديءَ سان سندن لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ڏينهون ڏينهن ڏکيو ٿيندو پيو وڃي.


بلوچستان ۾ فرض سرانجام ڏيڻ دوران خابرو اداري، آن لائن انٽرنيشنل نيوز نيٽ ورڪ خضدار جي رپورٽر منير احمد شاڪر سميت هو درجن کان وڌيڪ صحافين پنهنجيون زندگيون گنوائي ويٺا آهن. بلوچستان ۾ هٿياربند گروهن، سياسي پارٽين طرفان صحافين کي ڌمڪائڻ جو سلسلو ڊگهي عرصي کان هلندڙ آهي، جڏهن ته رياستي ادارن طرفان پڻ ميڊيا کي ڊيڄارڻ جو سلسلو جاري آهي.

ان سنگين صورتحال خلاف بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي اپيل تي ڪجهه وقت اڳ حڪومت صوبائي راڄڌاني ڪوئيٽا سميت سڄي بلوچستان ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ريلين کي خطاب ڪندي صحافين چيو ته ميڊيا ورڪرز کي هٿياربند گروهن، سرڪاري ادارن طرفان هيسائڻ، صحافين جي قتل عام ۽ صحافين کي تحفظ نه ملڻ جي حوالي سان حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي وئي. انهن جو اهو پڻ چوڻ هو ته صحافين لاءِ ڏينهون ڏينهن حالتون سنگين ٿي رهيون آهن. رڳو ڪجهه ورهين اندر خيبر پختونخواه ۾ 22 صحافين جڏهن ته بلوچستان ۾ 13 صحافين کي موت جو کاڄ بڻايو ويو آهي. صحافي احتجاج ڪندي ڪندي ٿڪجي پيا آهن. ليڪن حڪمرانن ۽ انصاف جي ادارن جي ڪن تي جونءِ به نٿي سُري. صحافين کي سکڻي تسلي ڏيڻ لاءِ به ڪنهن قسم جي نه ته ڪا تحقيقاتي ڪميشن ٺاهي وئي نه وري صحافين جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪي قدم کنيا ويا. چوڻ لاءِ ته ميڊيا رياست جو ڇوٿون ٿنب آهي، ليڪن ميڊيا سان واڳيل ماڻهو انتهائي خراب حالتن ۾ پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن.

بلوچستان ۾ هٿياربند گروپن ۽ سرڪاري ادارن طرفان ميڊيا تي ڏينهون ڏينهن دٻاءُ وڌي رهيو آهي. انهن قوتن جي ڪوشش آهي ته ميڊيا کي پنهنجي ڊڪٽيشن تي هلائين پر اسان سڀني تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته صحافي بنا ڪنهن ڊپ جي پنهنجا فرض غير جانبداري سان سرانجام ڏيندا رهن ۽ صحافي اصولن تي ڪنهن به قسم جي ڪا سوديبازي نه ڪندا. صحافين کي هٿياربند گروپ ۽ سرڪاري ادارا سينڊوچ بڻائڻ ڇڏي ڏين ڇو ته صحافي حق ۽ سچ لاءِ پنهنجو قلم استعمال ڪرڻ چاهين ٿا. جڏهن ته هٿياربند گروپن ۽ سرڪاري ادارن جي خواهش آهي ته صحافي سندن مرضي موجب ڪم ڪن جيڪو آزادي صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزاديءَ تي وار برابر آهي.

بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي صدر محمد عيسيٰ ترين ان صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته اسان اهڙين سمورين قوتن تي واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان صحافي آهيون ڪنهن جا “منشي” ناهيون.ان ڪري اسانکي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ پنهنجي مرضي موجب خبرون هلائڻ لاءِ مجبور ڪري بندوق جي نوڪ تي شعور جو رستو روڪيو ويو ته پوءِ سماج جي جوڙجڪ جو سلسلو رڪجي ويندو ۽ ڀڃ ڊاهه جو سلسلو شروع ٿي ويندو، جيڪو سماج جي ڪنهن به حصي لاءِ ٺيڪ نه هوندو.

پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ سينئر صحافي رضاالرحمٰن ڳالهائيندي چيو ته صحافت کي رياست جو چوٿون ٿنب چيو وڃي ٿو ليڪن صحافين جي تحفظ لاءِ ڪي به عملي قدم نه کنيا ويا آهن. هاڻوڪي صورتحال ۾ ميڊيا سان واڳيل سمورن صحافين کي ڀائيچاري ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪندي انهن سمورين قوتن کي اهو پيغام ڏيڻو پوندو ته اسان صحافت تي ڪو به وار برداشت نه ڪنداسين. بلوچستان ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ ۽ خيبر پختونخواهه ۾ 22 صحافين جي قتل جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته صحافين جي قتل ۾ ملوث عنصرن کي فوري گرفتار ڪري، بلوچستان ۾ صحافين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ شهيد ٿيل صحافين جي وارثن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي، سندن ٻارن جي تعليم جا خرچ حڪومت طرفان ڀريا وڃن. سياسي پارٽين، حڪومتي ادارن ۽ هٿياربند گروهن طرفان  لڳاتار صحافين خلاف دٻاءُ ۽ ڌمڪين وارو سلسلو مذمت جوڳو آهي ۽ اسان واضح ٿا ڪريون ته صحافين جو ڪنهن ڌر سان ڪو تعلق ناهي. صحافين کي ميڊيا جي قاعدن ۽ ضابطن موجب ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن تنظيم يا اداري کي شڪايت آهي ته اهي صحافين جي نمائنده تنظيم سان رابطو ڪري سگهن ٿا.

جعفر آباد پريس ڪلب جي صدر سارنگ مستوئي جو چوڻ آهي ته بلوچستان جا صحافي خاص طور تي ٽن پاسن کان دٻاءُ جو شڪار آهن اهو دٻاءُ قبائلي سردارن، مزاحمتڪارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جو آهي.

بلوچستان جي صحافين لاءِ هڪ وڏو عذاب صوبي ۾ بلوچ علحدگي پسند تحريڪ به آهي. پابندي مڙهيل تنظيمن جو نوجوان روزانو ڪا نه ڪا واردات ڪن ٿا. صحافين چواڻي مزاحمتڪارن جو چوڻ آهي ته اهي خبر ۾ اهو هلائين ته ريلوي ٽريڪ، بجلي جا کنڀا يا ٽرين تي حملا سندن تنظيم ڪيا آهن، نه هلائڻ جي صورت ۾ اهي ڪاوڙجي پون ٿا. ٻئي طرف سگهارن ادارن جو دٻاءُ آهي ته خبر ڏني ئي نه وڃي ۽ جيڪڏهن ڏني وڃي ته ان ۾ مزاحمتڪار تنظيمن جو نالو نه اچي. سگهارن ادارن جا ماڻهو اڪثر ڪري صحافين کي ڊيڄارڻ لاءِ مختلف حربا ڪتب آڻيندا آهن. اهي کين فون ڪري چوندا ته ڌماڪا پنج منٽ پوءِ ٿيندا آهن. واقعي کان اڳ ۾ خبر هلائڻ جي رسڪ ڪو به صحافي نٿو کڻي سگهي ليڪن سيڪيورٽي فورسز وارا مٿن دٻاءُ وجهڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن. ڪيترن ئي صحافين کي سگهارا ادارا اغوا ڪرڻ کانپوءِ ڊيڄاري ڌمڪائي ڇڏي ڏيندا آهن. صحافين چواڻي اهي پنهنجي هيڊ آفيس کي ڪجهه نٿا ڪري سگهن جيڪي ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ويٺا آهن جيڪي اتي خبر پهچڻ کانپوءِ ان ۾ دهشتگرد لفظ ڳنڍي ٿا ڇڏين.

ويجهڙ ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي عيسيٰ جي سربراهي ۾ ڊويزنل بئنچ مستونگ ۾ عقيدتمندن جي بس تي فائرنگ جي واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ان جي شنوائي ڪئي. بئنچ پابندي مڙهيل تنظيمن جي خبرن جي شايع ٿيڻ جي حوالي سان ميڊيا کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ عبوري حڪم ڏنو ته انسداد دهشتگردي ايڪٽ تحت جن تنظيمن تي پابندي مڙهيل آهي ميڊيا انهن جي پروپيگنڊا شايع يا نشر نه ڪري. عدالت جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ادارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي عدالت صحافين جي ان موقف کي به رد ڪري ڇڏيو ته پابندي مڙهيل تنظيمون سندن بيان شايع نه ڪرڻ يا نشر نه ڪرڻ تي کين ڌمڪيون ڏين ٿيون. قاضي فائز عيسيٰ ان موقعي تي ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ميڊيا ڌمڪيون برداشت نٿي ڪري سگهي ته پوءِ ٽي وي چئنلز ۽ اخبارون بند ڪيون وڃن. ان هوندي به ڪا ميڊيا آرگنائيزيشن اهو محسوس ٿي ڪري ته اها متاثر ٿي رهي آهي ته اها عدالت جو در کڙڪائي سگهي ٿي.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي صحافتي برادري ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي، ان حوالي سان سينئر صحافي شهزاده ذوالفقار “افيئر” سان ڳالهائيندي چيو ته آمراڻي ۽ جمهوري دور  ۾ڪو فرق ناهي، صحافت جي آزادي تي هر دور ۾ راتاهو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي صحافي انتهائي دٻاءُ جو شڪار آهن، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي پڻ ڳڻتي آهي. ان ڪري ميڊيا ڪنهن جي به خبر نه روڪڻ ۽ محتاط طريقي سان شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪڏهن ان لاءِ صحافين کي جيل موڪليو ٿو وڃي ته اهي وڃڻ لاءِ تيار آهن.

اهو نه وسارڻ کپي ته جيڪڏهن بلوچستان ۾ صحافين جو ايئن قتل جو سلسلو جاري رهيو ۽ ان جو ڪو تدارڪ ن ڪيو ويو ته پوءِ انارڪي ۽ انتشار ڦهلجڻ کي ڪير به روڪي نه سگهندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو