Home / افيئر / بي اختيار پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ڪروڙن جي ڪرپشن: احتساب ڪير ڪندو
above article banner

بي اختيار پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ڪروڙن جي ڪرپشن: احتساب ڪير ڪندو

ملڪ جي قومي اسيمبلي ءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ته وفاقي ادارن جا واڄٽ ڪڍرائي ڇڏيا آهن، تازو مستعفي ٿيل ان ئي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين چوڌري نثار علي خان (مسلم ليگ نواز جو سرگرم اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ءَ ۾ اپوزيشن ليڊر) هر گڏجاڻي ۾ وفاقي ادارن جي ڪرپشن ۽ ٻين نااهلين تان پردا لاهي انهن سان لاڳاپيل وفاقي ڪامورن سان “ٻرڙي واري ڪار” ڪندو رهيو آهي ۽ کيس ائين ڪرڻ به گهرجي، ڇاڪاڻ ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو ڪم ئي اهو آهي ته اها سرڪاري خزاني مان نڪرندڙ ترقياتي ۽ غيرترقياتي خرچن جو حساب ڪتاب وٺي ۽ ان خرچن ۾ ٿيندڙ بدعنوانين جو نوٽيس وٺي ادارن ۾ ويٺل اهم ذميوارن توڙي ٻين ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي سفارش ڪري ۽ عوام جي پگهر مان ٺهندڙ انهي سرڪاري خزاني واري پئسي جو احتساب ڪري.

پر افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي “پرفارمنس” ان جي ڀيٽ ۾ زيرو برابر آهي، جنهن جو بنيادي سبب سنڌ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو چيئرمين سنڌ حڪومت کي هلائيندڙ اهم سياسي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جو ايم پي اي سردار ڄام تماچي انڙ آهي.

سردار ڄام تماچي انڙ اديباڻو مزاج رکندڙ شخص آهي، جيڪو سنڌ اسيمبلي جي اجلاسن ۾ اڪثر شعر و شاعري ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو ويندو آهي، خاص طور تي جڏهن متحده قومي موومينٽ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ ڪي اختلاف چوٽ چڙهيل هوندا آهن، ته اسيمبلي جي اجلاسن ۾ سردار ڄام تماچي انڙ پيپلز  پارٽي طرفان ۽ صوبائي وزير عبدالرئوف صديقي (صاحب ڪتاب شاعر) متحده قومي موومينٽ طرفان هڪ ٻئي کي شعر و شاعري ذريعي ڏوراپا ڏيندا رهندا آهن.

“افيئر” طرفان گڏ ڪيل معلومات موجب  سنڌ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين ڊسمبر 2008ع تي  ٿيل اجلاس ۾ جوڙي وئي هئي، جيڪا 3 ڊسمبر 2008ع کان فنڪشنل ٿي چڪي هئي، سردار ڄام تماچي انڙ ڪميٽي جو  پهريون چيئرمين چونڊيو ويو، جيڪو اڃا تائين  ان سيٽ تي موجود آهي، جڏهن ته ان جي ٻين ميمبرن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل ايم پي اي شمع مٺاڻي، سيد بچل شاهه جيلاني، غلام مجدد  اسراڻ، متحده  قومي موومينٽ سان لاڳاپيل عامر معين پيرزاده، شعيب ابراهيم ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سان لاڳاپيل ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ ( جيڪو اڄڪلهه اوقاف کاتي جو صوبائي وزير پڻ آهي) شامل آهن.

هٿ ڪيل معلومات موجب پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي 3 ڊسمبر 2008ع کان وٺي ڊسمبر 2011ع تائين ٽوٽل 117 گڏجاڻيون ڪيون، جن ۾  سنڌ جي آڊيٽر جنرل جي پيش ڪيل رپورٽن بابت “ٽيڪا ٽپڻي” ٿيندي  رهي آهي، سنڌ جي آڊيٽر جنرل طرفان مختلف سالن ۾ مختلف ادارن جي ڪيل آڊٽ رپورٽس کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي گڏجاڻين ۾ پيش ڪيو ويندو، جن  رپورٽن کي سامهون رکندي پيرا باءِ پيرا ڏٺو ويندو آهي ۽ ان گڏجاڻين ۾ لاڳاپيل صوبائي کاتن جا سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ٻيو  اسٽاف  پيش ٿيندو آهي، جيڪي پنهنجي ئي  ادارن جي ٿيل ترقياتي ۽ غير ترقياتي خرچن جي ٿيل آڊٽ بابت وضاحتون پيش ڪندا  آهن.

افسوس جي ڳالهه اها آهي ته لڳ ڀڳ ٽن سالن ۾  ٿيل 117 گڏجاڻين جي نتيجي ۾ اربين   روپين جي ڪرپشن ته سامهون آئي، پر پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سفارش تي هڪ به عملدار جي معطلي يا بدلي نه ٿي سگهي آهي.

مئي 2011ع ۾ ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيسشن کاتي ۽ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئر کاتي، آگسٽ  2011ع ۾ سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي، صحت کاتي ۽ بورڊ آف انٽر ميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکرجي مختلف سالن جي آڊٽ رپورٽس بابت گڏجاڻيون ٿيون، جڏهن ته نومبر 2011ع ۾ بورڊ آف روينيون، قانون واري کاتي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ آبپاشي کاتي بابت گڏجاڻيون ٿيون، جن ۾ به ڪروڙين   روپين جي گهوٻين جا انڪشاف سامهون آيا، پر  پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي صرف سفارش ڪرڻ تائين محدود نظر آئي آهي.

انهن سمورين 117 گڏجاڻين ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته سنڌ سرڪار جي انهن سمورن کاتن جي ڪيترن ئي سالن جي ترقياتي ۽ غيرترقياتي  اربين  روپين جي بجيٽ ۾ ڪروڙن جي بدعنواني ٿي ۽  جنهن به بدعنواني واري آڊٽ پيرا بابت لاڳاپيل  کاتي جو عملدار خاطر خواهه جواب نه پئي ڏئي سگهيو ته ان کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ يا وري ڪو ميمبر ڪنهن نه ڪنهن حيلي بهاني سان اهو چئي سندس جان آجي پئي ڪرائيندو رهيو آهي ته ايندڙ گڏجاڻي تائين ان بدعنواني جي پيرا کي Settle ڪرايو وڃي، نه ته اوهان جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي.

اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين ۽ ٻيا ميمبر صاحبان آڊيٽر جنرل ۽ آڊٽ سان لاڳاپيل ٻين عملدارن جي وضاحتن تي رپورٽس جا صفحا پاس ڪندا رهيا آهن، جنهن مان اهو تاثر ٿيندو رهيو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين ۽ ٻيا ميمبر صاحبان آڊٽ رپورٽس کي  اسٽڊي ڪرڻ بنا ئي اچي گڏجاڻي ۾  ويهي رهن ٿا ۽ اهي سمورا آڊيٽر جنرل جي ڏنل بريفنگ تي ئي Depend ڪن ٿا.

“افيئر” طرفان سنڌ اسيمبلي جي ذريعن وٽان گڏ ٿيل انگن اکرن موجب پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين کي  اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ئي هڪ شاندار آفس ۽ لڳ ڀڳ پنج ماتحت ملازم به مليل آهن، کيس آفس هلائڻ لاءِ ٺيڪ ٺاڪ بجيٽ به مهيا ٿيل آهي، جڏهن ته گڏجاڻي واري ڏينهن تي چيئرمين کي روزانو جي حساب سان 2450 روپيه الائونس  ملي ٿو ۽ ايترو ئي  الائونس ان ميمبر کي به ملي ٿو، جيڪو سنڌ جي ڪراچي کان علاوه ڪنهن  ٻئي علائقي  کان پنڌ ڪري آيو  هجي، جڏهن ته ڪراچي مان  ئي پنڌ ڪري گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪميٽي جي ميمبر کي 950 روپيه روزاني جو الائونس ملي ٿو ۽ فرض ڪريو  جيڪڏهن گڏجاڻيون ٽي ڏينهن به هلنديون ته هر ميمبر کي هڪ ڏ ينهن اڳ  ۽ هڪ ڏينهن پوءِ مطلب ته پنجن ڏينهن جو روزانو الائونس ملندو رهيو آهي.

117 گڏجاڻيون ، مطلب لڳ ڀڳ ٽن سالن ۾ 130 ڏينهن جا روزانو الائونس هڪ چيئرمين ۽ 6 ڪميٽي ميمبرن کي ملندا رهيا آهن، جنهن جو اندازو چڱي طرح لڳائي سگهجي ٿو ته اها رقم ڪيتري جهجهي رقم ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي  چيئرمين ۽ ميمبرن جي اڪائونٽس ۾ منتقل ٿي آهي، پر  هيتري ساري سرڪاري خزاني جي خرچ  باوجود بدعنوانين ۾ ملوث ڪنهن به هڪ سرڪاري آفيسر کي ڪا به سزا نه ملي سگهي آهي، جنهن مان اهو اندازو ڀلي ڀت لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي “بي اختيار ” باڊي آهي، جنهن جو فائدو عوام  کي نه پر ڪميٽي جي چيئرمين ميمبرن ۽ آڊٽ جي عملدارن کي پوندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته گڏجاڻي ۾  ظاهر ٿيندڙ ڪرپشن کي نظرانداز ڪرڻ جي نتيجي ۾ سرڪاري عملدارن پبلڪ اڪائونٽس  ڪميٽي جي چڱن مڙسن جي  چوڻ تي ڪيتريون ئي ٽرانسفرز ۽ پوسٽنگس ضرور ڪيون هونديون ۽ کين تمام گهڻا ٺيڪا به ضرور ڏياريا هوندا ۽ سندن فرمائشون به ضرور پوريون ڪيون هونديون.

ان حوالي سان “افيئر” طرفان رابطو ڪرڻ تي  ڪميٽي جي چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته واقعي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اها ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي آهي، جيڪا کيس ڏيکارڻ گهرجي، پر ان باوجود اسان پنهنجو ڪم ايمانداري ءَ سان ڪيو آهي ۽ مختلف گڏجاڻين ۾ ظاهر ٿيندڙ بدعنوانين بابت اعليٰ اختيارين کي لاڳاپيل  عملدارن خلاف سفارشون پڻ ڪيون  آهن، پر جيڪڏهن انهن سفارشن تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، ته اسان ان کان وڌيڪ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون.

ليکڪ انگريزي اخبار “روزاني بزنس رڪارڊر” ۾  اسٽاف رپورٽر طور ڪم ڪري ٿو ۽ هي ليک خاص طور تي افيئر لاءِ ئي لکيائين.

yasirbabbar@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو