Home / افيئر / تعليم جي ٻيڙي سير تي بدين ضلعي ۾ 3 هزار پرائمري اسڪول بند!
above article banner

تعليم جي ٻيڙي سير تي بدين ضلعي ۾ 3 هزار پرائمري اسڪول بند!

بدين ضلعو حڪمرانن جي بي ڌياني ۽ چونڊيل عوامي نمائندن جي ڪوتاهين جي ڪري مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ٿي سڄي ملڪ جو غريب ترين ضلعو بڻجي ويو آهي. هڪ طرف معاشي طرح سان هن ضلعي جو حڪمرانن ڏيوالو ڪڏي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف تعليم جهڙي اهم شعبي ۾ به هي ضلعو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ غريب ٿيندو وڃي. تعليم جو اڳوڻو سوجهرو به چٽ ٿي ويو آهي. بدين ضلعو جتان چونڊيل ايم اين اي ڊاڪٽر فهميده مرزا هن وقت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آهي ۽ سندس ور ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌ جو گهرو وزير پڻ رهي چڪو آهي. پيپلز پارٽي جي حڪومت کي چار سال اچي پورا ٿيا آهن. ايترا اختيار هئڻ باوجود هيل تائين بدين ۾ اعلانيل لاڙ يونيورسٽي سميت ڪو به هڪ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جو ڪاليج قائم ٿي نه سگهيو آهي. بدين مان ڪوڙا ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ‎ٺاهيندڙ فيڪٽري پڻ اڃا تائين بند ٿي نه سگهي آهي. بدين ۾ قائم ٿيل سنڌ يونيورسٽي جي لاڙ ڪئمپس ۾ فقط چار سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا. جنهن ۾ پڻ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ليڪچرار استادن جي سخت کوٽ آهي. چونڊيل عوامي نمائندن ۽ تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين جي بي ڌياني جي ڪري لاڙ ڪئمپس بيشمار مسئلن جي ور چڙيل آهي.


بدين ضلعي ۾ بوائز جا فقط ٻه ڊگري ڪاليج بدين ۽ ماتلي ۾ آهن، جيڪي پڻ ماهر استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ سبب بحران جي ور چڙهي ويا آهن. ساڳي طرح سڄي ضلعي ۾ نياڻين جو ڪو هڪ به ڊگري ڪاليج نه آهي. بدين ۽ ماتلي ۾ نياڻين جي تعليم جا ٻه انٽر ميڊئيٽ ڪاليج آهن جن ۾ پڻ عورت ليڪچرار استادن جي هر وقت کوٽ آهي، ٻئي ڪاليج گذريل ڊگهي عرصي کان مسئلن جي ور چڙهيل آهن. ماروي ڪاليج بدين تازي ٻوڏ ۾ مهينن تائين پاڻي ۾ ٻڏل رهيو. بدين ضلعي ۾ ڇوڪرن جا 42 سرڪاري هاءِ اسڪول ۽ 14 گرلس هاءِ اسڪول آهن. ڇوڪرن جي انهن 42 هاءِ اسڪولن مان 5 هائير سيڪنڊري اسڪول آهن. انهن هاءِ اسڪولن ۾ تعليم جي خراب حالت بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. سياسي بنيادن تي قائم ٿيل ڪڍڻ لڳ ڳوٺ مٺو خان چانڊيو ۽ يوسي مٺي ٿري جو هاءِ اسڪول چاڪر پنهور سالن کان تالا لڳڻ بعد شاگرد ٻين ڳوٺن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن. جن جون عمارتون ويران پيل آهن. يوسي ڪڍڻ جو اڪيلو بوائز اسڪول جنهن ۾ تباهي هيٺ آيل بدين جي سامونڊي پٽي ۽ ٿر جي تعلقي ڏيپلي جي ڏورانهن ڳوٺن جا 400 کان وڌيڪ پورهيت لڏي جا مسڪين ڳوٺاڻا شاگرد زير تعليم آهن. انهن 400 شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ هن وقت سڄي اسڪول ۾ فقط 8 مقامي ايڇ ايس ٽي استاد مقرر ٿيل آهن. هن اسڪول جا سائنس جا مک ا۽ اهم سبجيڪٽ پڙهائيندڙ ۽ ايڇ ايس ٽي استاد ٻين اسڪولن ڏانهن بدلي ڪرائي ويا آهن ۽ هن اسڪول جي، جي ايس ٽي استادن جون 8 جايون گذريل ڏهن سالن کان خالي پيل آهن جن تي استاد مقرر ڪيا وڃن. هن بدنصيب اسڪول جو گاڏو ڌڪيندڙ فرض شناس استاد محترم عبدالغفور راهوجو جيڪو ڏهاڙي مسافر بس ۾ سوار ٿي 50 ڪلوميٽرن جي مسافت ڪري اسڪول هلائيندو هو. چند مهينا اڳ ان جي رٽارئرڊ ٿيڻ بعد هن اسڪول جي تعليم جي تڏا ويڙهه ٿي وئي آهي. مقامي سماجي اڳواڻ احمد علي جمالي “افيئر” کي ٻڌايو ته سائين راهوجي جي رٽائر ٿيڻ بعد هن اسڪول جي تعليم جا ترا نڪري ويا آهن ۽ سوين غريب شاگردن جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي. اهي اڳتي پڙهي نه سگهندا ۽ ڪنهن به ڪاليج ۾ کين داخلا ملي نه سگهندي ۽ انهن مان گهڻا مئٽرڪ جي امتحان ۾ فيل ٿي ويندا. واضح رهي ته هاءِ اسڪول کي ڪجهه سال اڳ هائير سيڪنڊري جو درجو پڻ ڏنو ويو هو پر حڪومت ۽ تعليم کاتي سنڌ جي نااهل ڪامورن جي لاپرواهي سبب ايس اين اي نه ملڻ ڪري هائير سيڪنڊري جو اسٽاف مقرر ٿي نه سگهيو آهي.

ساڳي حالت سامونڊي پٽي جي يوسي ڀڳڙا ميمڻ جي هاءِ اسڪول مير الهه بچايو ٽالپر جي آهي، جتي جي مڊل اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏئي ان جي عمارت تعمير ڪرائي وئي جنهن هاءِ اسڪول جي عمارت جو افتتاح ٻه سال اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ڪيو. مذڪوره هاءِ اسڪول گذريل ڪيترن ئي سالن کان هڪ اڪيلي ايڇ ايس ٽي هيڊ ماسٽر مير الهه بچايو ٽالپر ۽ ٻن پرائمري استادن جي سهاري تي هلي رهيو آهي، جنهن ۾ 200 ڳوٺاڻا ٻار زير تعليم آهن جن ۾ 50 نياڻيون پڻ شامل آهن.

تعليم کاتي بدين جي نا اهل ۽ راشي اهلڪارن جا پرڪار ته ڏسو، گذريل سال جي نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جي سالياني امتحان جا فارم ڀرڻ وقت مذڪوره اسڪول جي ان اڪيلي ايڇ ايس ٽي استاد کي پڻ اوچتوشاگردن جا سالياني امتحانن جا فارم ڀرڻ وقت بدلي ڪيو ويو. ان استاد تمام وڏي مشڪل سان شاگردن جا فارم ڀري انهن جو هڪ سال ضايع ٿيڻ کان بچايو. مذڪوره اسڪول سان به ساڳيو مسئلو (SNE) واري سرڪاري حڪم نامي جو آهي. تعليم کاتي سنڌ جي عوام دشمني جو لقاءَ ته ڏسو، هاءِ اسڪول جي عمارت ٻه سال اڳ مڪمل ٿي وئي پر ايس اين اي اڃا تائين جاري ٿي نه سگهي آهي. بدين جي ڇوڪرن جي 42 هاءِ اسڪولن جي تعليم جي حالت زار مٿي بيان ڪئي وئي آهي.

ڇوڪرن جي تعليم جا اهي حال آهن ته اتي بدين ضلعي جي انهن 14 نياڻين جي هاءِ اسڪولن جي تعليم جا ڪهڙا حال هوندا؟ جتي بوائز هاءِ اسڪولن جا اهڙا حال هوندا اتي نياڻين جا مڊل اسڪول ڪهڙا ۽ ڪيئن هلندا هوندا؟ هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن تائين پهچڻ وارا شاگرد وري جيئن ته پرائمري اسڪولن کان ايندا آهن. هن وقت بدين ضلعي ۾ تعليم کاتي جي سرڪاري رڪارڊ موجب اٽڪل 4025 پرائمري اسڪول قائم ٿيل آهن جن مان وري 700 نياڻين جا پرائمري اسڪول آهن. انهن مان هن وقت ڪيترائي اسڪول باقاعده طور تي هلي رهيا آهن. تعليم کاتي جا اهلڪار اها ڳالهه تسليم ڪن ٿا ته انهن مان اڌ کان وڌيڪ پرائمري اسڪول بند آهن. اها ڳالهه رڳو تعليم کاتي جا اهلڪار نه پر تعليم کاتي سنڌ جو وزير پير مظهر الحق پڻ ميڊيا تي اچي ٻڌائيندو رهي ٿو ته سنڌ ۾ هيترا اسڪول سالن کان بدستور بند پيل آهن. وزير صاحب خود پنهنجي چونڊ تڪ واري اباڻي ضلعي دادو لاءِ چوي ٿوته اڃا تائين اتي هزارين پرائمري اسڪول بند پيل آهن. جيڪي سمورا پرائمري هزارين اسڪول بدستور وڏيرن جون اوطاقون ۽ انهن جي ڀاڻ ۽ ان جا گودام بڻيل آهن.

بدين ضلعي جي 4025 پرائمري اسڪولن مان هڪ سروي موجب ضلعي جي پنجن ئي تعلقن ۾ هن وقت باقائدگيءَسان فقط هڪ هزار اسڪول به مشڪل سان هلي رهيا آهن. اين سي ايڇ ڊي جا سوين اسڪول فيڊر ٽيچرن جي نيڪالي بعد بند ٿي ويا آهن. “افيئر” طرفان ڪيل هڪ سروي ۾ اها ڳالهه پڻ سامهون آئي آهي ته مستقل پرائمري استادن حوالي ٿيل اڪثر اسڪول بند آهن جيڪي فقط رڪارڊ ۾ هلي رهيا آهن. جڏهن ته 15 کان 20 هزار روپيا ماهوار پگهار کڻندڙ انهن پي ايس ٽي جي بجاءِ اين سي ايڇ ڊي وارا ٻه هزار روپيا پگهار کڻندڙ استاد پنهنجا اسڪول کولي باقاعدگي سان ٻارن  کي پڙهائي رهيا هئا جن سمورن سوين استادن کي نيڪالي ڏئي حڪومت اهي سموارا هلندڙ پرائمري اسڪول بند ڪرائي ڇڏيا. نياڻين جي 700 پرائمري اسڪولن مان بدين ضلعي اندر 150 اسڪول به مشڪل سان هلي رهيا آهن. اهي اسڪول به ڪن وڏن ننڍن شهرن ۾ هلي رهيا آهن باقي ٻهراڙي جي ڳوٺن جا سمورا 500 کان وڌيڪ نياڻين جا پرائمري اسڪول ورهين کان بند آهن جيڪي تعليم کاتي جي سرڪاري رڪارڊ ۾ هلي رهيا آهن ۽ ماسترياڻيون گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيون آهن. سرڪاري رڪارڊ جي ڪنهن سروي ۾ کڻي بدين ضلعي ۾ خواندگي جي شرح 30 سيڪڙو ڄاڻائي وئي هجي پر چند سال اڳ تائين ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ۽ آغا خان فائونڊيشن وغيره جي تحقيقي سروي رپورٽن موجب لاڙ جي ٻن اهم ضلعن بدين ۽ ٺٽي ۾ خواندگي جي مجموعي شرح 16 کان 17 سيڪڙو ٻڌائي وئي، جنهن ۾ وري ٻنهي ضلعن ۾ نياڻين جي خواندگي جي شرح هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ٻڌائي وئي. جيڪا خواندگي جي شرح وڌڻ جي بجاءِ تيزيءَ سان گهٽجي رهي آهي. هڪڙا ته ايترا سمورا پرائمري ۽ هاءِ اسڪول ورهين کان بند آهن ٻيا جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ اسڪول کلن ٿا انهن کي پڻ بيشمار سرڪاري غير ضروري موڪلن سان بند ڪيو پيو وڃي. اونهاري جون ٻه مهينا موڪليون ٿين ٿيون، سياري ۾ 15 ڏينهن موڪل ٿئي ٿي آچر ۽ جمع جا ڏينهن موڪلن  جا هجن ٿا. سنڌ ۽ وفاقي موڪلن جو ته ڪو حد حساب ڪونهي. گذريل سال وري وفاقي حڪومت بجلي بچائڻ لاءِ ڪيترن ئي مهينن تائين پرائمري اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين سمورا تعليمي ادار ڇنڇر واري ڏينهن پڻ بند ڪري ڇڏيا. اهڙي طرح هڪ سال ۾ سرڪاري تعليمي ادارا مجموعي طور تي اڻ کٽ سرڪاري موڪلن سبب چار مهينا به نٿا هلن.

هوڏانهن هن سال آگسٽ مهيني جي ٻوڏ ۾ بدين ضلعي جا اٽڪل سمورا اسڪول ڏيڍ کان ٻن مهينن تائين لاڳيتو بند رهيا. ڪڍڻ هاءِ اسڪول جهڙن اسڪولن ۾ وري نادرا وارن وطن ڪارڊ جا سينٽر کوليا جيڪي پڻ مهيني تائين هليا. اڃا تائين به تعلقي ٽنڊي باگي جا سوين اسڪول پاڻي هيٺ آهن. هاءِ اسڪول پنگريو، خليفو قاسم کوسڪي ۽ خود ٽنڊو باگو هاءِ اسڪول ٻن مهينن تائين پاڻي ۾ ٻڏل رهيا. ملڪاڻي شريف جو هاءِ اسڪول گذريل ٽن مهينن کان اڃا تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهي. تعليم جي ٻڏل اهڙي ٻيڙي مان بدين جا اهي ڪهڙا هزارين نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڙهي انٽر جا امتحان پاس ڪري انٽري ٽيسٽ جي ڇٽا ڀيٽي وارن امتحانن ۾ پاس ٿي وڌيڪ مارڪون کڻي وڏن شهرن جي خانگي اسڪولن ۾ پڙهندڙ سرندي وارن شاگردن ۽ ڪوڙا ڊوميسائل ۽ پي آر سي حاصل ڪندڙ شاگردن سان مقابلا ڪري ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿينيدا؟ جن کي خيرات ۾ ميڊيڪل جون فقط 31 ۽ پري انجنيئرنگ جون 66 سيٽون ڪوٽا سسٽم تحت بدين ضلعي لاءِ مليل آهن، جن خيراتي سيٽن تي پڻ بدين مان ڪوڙا ڊوميسائل ٺهرائيندڙ ڌاڙو هڻندا آهن جيئن ڪنهن هاري ۽ مزدور جي اولاد مان ڪو هڪ به ڪرڙ ۽ ڪانڊيرو ڊاڪٽر ۽ انجنيئر نه بڻجي سگهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو